11
خداوند جي عظمت جا شاهد
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو. 2آءٌ هي اوهان جي اولاد سان نہ ٿو ڳالهايان، جن کي خداوند اوهان جي خدا جي سيکت جي خبر ڪانهي، نڪي اها ڏٺي اٿائون. اوهين ياد رکو تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڪهڙيءَ طرح پنهنجي عظمت ڏيکاري. 3#خر 7:8–12:13 سندس اهي معجزا ۽ هيبتناڪ ڪم بہ ياد رکو، جيڪي هن مصر ۾، اتي جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس سڄي ملڪ سان ڪيا. 4#خر 14:28 اهو بہ ياد ڪريو، جيڪو هن مصر جي لشڪرن سان ۽ سندن گھوڙن ۽ جنگي گھوڙي گاڏين سان ڪيو. جڏهن اهي اوهان جي پٺيان ڪاهي آيا، تڏهن ڪيئن نہ خداوند ڳاڙهي سمنڊ جو پاڻي مٿن اڇلائي وڌو ۽ کين اهڙو ٻوڙي ماريائين جو اڄ ڏينهن تائين مصري انهيءَ شڪست مان بحال نہ ٿيا آهن. 5ياد ڪريو، جيستائين اوهين هن هنڌ آيا، تيستائين بيابان ۾ هن اوهان سان ڇا ڇا ڪيو. 6#ڳا 16:31-32 ياد ڪريو، هن داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ ۽ روبن جا پوٽا هئا، تن جو ڪهڙو حال ڪيو. ڪيئن زمين پنهنجو وات پٽيو ۽ انهن کي، انهن جي گھر ٻار، تنبن ۽ سندن نوڪرن ۽ جانورن کي بني اسرائيل جي سامهون ڳهي ويئي. 7خداوند جيڪي بہ وڏا وڏا ڪم ڪيا، سي سڀ اوهان پنهنجي اکين سان ئي ڏٺا.“
واعدي ڪيل ملڪ جون برڪتون
8”تنهنڪري جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين طاقتور ٿيو ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ داخل ٿيو ۽ مٿس قبضو ڪريو. 9ان سان گڏ انهيءَ ملڪ ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو، جنهن ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو ملڪ هو انهن کي ۽ انهن جي اولاد کي ڏيندو، جنهن ۾ خوشحالي ۽ آسودگي آهي. 10سو جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا اهو مصر جي ملڪ جهڙو ناهي، جتان اوهين نڪري آيا آهيو. اُتي اوهان ٻج پوکي انهيءَ کي ڀاڄين جي باغ وانگر سخت محنت سان ناليون بڻائي پاڻي ٿي ڏنو. 11پر جنهن ملڪ تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو، سو جبلن ۽ ماٿرين وارو ملڪ آهي. انهيءَ ملڪ کي آسمان مان مينهن جو پاڻي ٿو ملي. 12خداوند اوهان جو خدا انهيءَ ملڪ جي سنڀال لهي ٿو. سال جي شروعات کان وٺي پڇاڙيءَ تائين خداوند اوهان جي خدا جي نظر سدائين انهيءَ تي ٿي رهي.
13 #
لاو 26:3-5، شر 7:12-16، 28:1-14 تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا، 14تہ هو اوهان جي ملڪ ۾ پوري وقت تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجو اناج، پنهنجي مئي ۽ پنهنجو زيتون جو تيل حاصل ڪري سگھو. 15اوهين کائي ڍءُ ڪندا. هو اوهان جي چوپائي مال لاءِ بہ اوهان جي ٻنين ۾ گاهہ اپائيندو. 16سو خبردار رهجو، متان اوهان جي دل ٺڳجي وڃي ۽ اوهين گمراهہ ٿي غير معبودن جي پوڄا ڪريو ۽ انهن جي اڳيان سجدو ڪريو. 17جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو تہ خداوند اوهان تي ڪاوڙبو. هو آسمان کي بند ڪري ڇڏيندو، تہ جيئن نہ برسات پوي ۽ نہ ئي زمين ۾ پيداوار ٿئي. پوءِ اوهين انهيءَ چڱي ملڪ ۾ جيڪو خداوند اوهان کي ڏئي ٿو، جلد ئي ناس ٿي ويندا.
18 #
شر 6:6-9
تنهنڪري منهنجيون هي ڳالهيون اوهين پنهنجيءَ دل ۽ پنهنجي روح ۾ ڄمائي ڇڏيو. اوهين نشانيءَ طور انهن کي پنهنجين ٻانهن تي ٻڌجو ۽ اهي اوهان جي نرڙ تي ٽڪي وانگر هجن. 19اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکارجو، گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهجو. 20اوهين اهي پنهنجي گھر جي درن جي چوڪاٺ تي ۽ ٻاهرين دروازن تي لکي ڇڏجو، 21انهيءَ لاءِ تہ جيستائين زمين جي مٿان آسمان قائم آهي، تيستائين اوهين ۽ اوهان جو اولاد انهيءَ ملڪ ۾ رهو، جيڪو اوهان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.
22سو هي سڀ حڪم، جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، يعني خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، سندس سڀني واٽن تي هلندا ۽ ساڻس چُهٽيل رهندا، 23تہ پوءِ خداوند انهن سڀني قومن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو. هائو، اوهين انهن قومن کي سندن ملڪ مان بيدخل ڪري ڇڏيندا، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن. 24#يش 1:3-5 هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي. 25ڪوبہ ماڻهو اوهان جي اڳيان بيهي ڪين سگھندو. جنهن زمين تي اوهان جا پير پوندا، اتي خداوند اوهان جو خدا اوهان جو خوف ۽ اوهان جي هيبت وجھندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي.
26ڏسو، آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي برڪت ۽ لعنت ٻنهي مان چونڊ ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏيان. 27برڪت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪندا. 28لعنت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا ۽ جنهن رستي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تنهن کان ڦري غير معبودن جي پٺيان لڳندا، جن کان اڃا تائين اوهين واقف ڪونہ آهيو. 29#شر 27:11-14، يش 8:33-35 پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائي، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اوهين برڪت جو اعلان گرزيم جبل تان ۽ لعنت جو اعلان عيبال جبل تان ڪجو. 30اهي ٻئي جبل اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر، يعني اولهہ طرف انهن ڪنعانين جي ملڪ ۾ آهن جيڪي جِلجال شهر جي سامهون مورہ جي شاهہبلوط وڻن جي ڀرسان ميدان ۾ ٿا رهن. 31اوهين اردن درياءَ جي پار وڃڻ وارا آهيو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي ٿو، تنهن تي وڃي قبضو ڪريو. سو اوهين انهيءَ تي قبضو ڪندا ۽ ان ۾ رهندا. 32پوءِ اوهين انهن قاعدن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.“