YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 10

10
اڳين جهڙيون ٻيون تختيون
(خروج 34‏:1‏-10)
1”سو انهيءَ وقت خداوند مون کي چيو تہ ’تون اڳين جهڙيون پٿر جون ٻيون ٻہ تختيون ٽُڪي ٺاهہ ۽ ڪاٺ جي هڪڙي صندوق بہ بڻاءِ، پوءِ مون وٽ جبل تي چڙهي اچ. 2آءٌ انهن تختين تي اهي ئي ڳالهيون لکندس جيڪي اڳين تختين تي لکيل هيون، جن کي تو ڀڃي ڇڏيو هو. پوءِ تون اهي انهيءَ صندوق ۾ رکي ڇڏجانءِ.‘
3تڏهن مون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق ٺاهي ۽ اڳين تختين جهڙيون پٿر جون ٻہ تختيون بہ ٽُڪي تيار ڪيم. اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿن ۾ کڻي جبل تي چڙهي ويس. 4پوءِ خداوند انهن تختين تي اڳينءَ لکت موجب اهي ڏهہ ئي حڪم لکيا، جيڪي جبل وٽ اوهان جي گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان کي ٻڌايا هئا. خداوند اهي تختيون مون کي ڏنيون. 5تڏهن آءٌ ڦري جبل تان هيٺ لٿس. پوءِ جيئن خداوند مون کي فرمايو هو تيئن اهي تختيون انهيءَ صندوق ۾ رکيم جيڪا مون ٺاهي هئي. سو اهي اڃا تائين اتي ئي رکيل آهن.“
6 # ڳا 20‏:28، 33‏:38 جڏهن بني اسرائيل بني يعقان جي کوهن کان روانا ٿي موسيرہ ۾ آيا هئا، تڏهن اُتي هارون وفات ڪئي ۽ کيس اتي ئي دفن ڪيو ويو. سندس پٽ اليعزر سندس جاءِ تي ڪاهن طور مقرر ٿي خدمت ڪرڻ لڳو. 7پوءِ هو اُتان ڪوچ ڪري جُدجودہ ۾ آيا ۽ جُدجودہ مان روانا ٿي ياطباٿاہ ۾ آيا، جيڪو نهرن وارو علائقو آهي. 8#ڳا 3‏:5‏-8 هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي. 9انهيءَ ڪري لاوين کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ مليو، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ورثو آهي، جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا کين فرمايو.
10 # خر 34‏:28 موسيٰ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون جبل تي رهيس. هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ نہ چاهيائين. 11پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’وڃ، ماڻهن جي اڳواڻي ڪر تہ هو انهيءَ ملڪ تي وڃي قبضو ڪن، جنهن بابت مون سندن ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو کين عطا ڪندس.‘“
خداوند جو خوف رکو
12”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. 13خداوند جي انهن سمورن حڪمن ۽ قانونن تي عمل ڪندا رهو جيڪي آءٌ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.
14ڏسو، عرش عظيم سميت سمورا آسمان، زمين ۽ جيڪي ڪجھہ منجھس آهي، سو سڀ خداوند اوهان جي خدا جو آهي. 15تڏهن بہ خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن کي پيارو ڄاتو ۽ ساڻن محبت ڪئي. انهن کان پوءِ سندن اولاد يعني اوهان کي ٻين سڀني قومن منجھان چونڊي ڪڍيائين، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي. 16تنهنڪري اوهين پنهنجي دلين تان پردو هٽائي ڇڏيو ۽ اڳتي وري ضدي نہ ٿيو. 17#1.تيم 6‏:15، مڪا 17‏:14، 19‏:16، رس 10‏:34، رو 2‏:11، گل 2‏:6، اف 6‏:9 خداوند اوهان جو خدا، اهو ئي معبودن جو خدا ۽ خداوندن جو خداوند آهي، جيڪو عظيم، قادر ۽ هيبتناڪ خدا آهي. هو طرفداري نہ ٿو ڪري، نڪي رشوت ٿو وٺي. 18هو يتيمن ۽ رنن‌زالن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ٿو. هو اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان پيار ٿو ڪري ۽ کين کاڌو ۽ ڪپڙو ٿو ڏئي. 19تنهنڪري اوهين ڌارين سان پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. 20اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، رڳو سندس ئي عبادت ڪريو، ساڻس ئي چُهٽيل رهو ۽ سندس ئي نالي جو قسم کڻو. 21اهو ئي اوهان جي تعريف جو حقدار آهي ۽ اهو ئي اوهان جو خدا آهي، جنهن اوهان جي لاءِ اهي وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا جيڪي اوهان پنهنجين اکين سان ڏٺا. 22#پيد 15‏:5، 22‏:17، 46‏:27 اوهان جا ابا ڏاڏا جڏهن مصر ۾ ويا تڏهن ستر ڄڻا هئا، پر هاڻي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي وڌائي آسمان جي تارن جيترو ڪري ڇڏيو آهي.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in