YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 9

9
ماڻهن جي نافرماني
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ٻڌو، اوهين اڄ اردن درياءَ کان پار انهيءَ لاءِ وڃڻ وارا آهيو تہ جيئن اهي قومون جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقتور آهن ۽ جن جي وڏن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن، تن کي ڀڄائي ڪڍو. 2اتي جا ماڻهو ڊگھا ۽ طاقتور يعني راڪاس جو اولاد آهن، جن کي اوهين ڄاڻو ٿا. انهن بابت اوهان اهو بہ ٻڌو آهي تہ ’ڪير آهي جيڪو راڪاس جي اولاد جو مقابلو ڪري سگھي؟‘ 3تنهنڪري اوهين اڄوڪي ڏينهن ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا، ساڙي رک ڪندڙ باهہ وانگر اوهان جي اڳيان ٿو هلي. هو انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو. هو کين اوهان جي آڏو اهڙو تہ ماري مات ڪندو جو اوهين هنن کي ڀڄائي ڪڍندا ۽ جلد ئي کين نابود ڪري ڇڏيندا، جيئن خداوند اوهان سان واعدو ڪيو آهي.
4سو جڏهن خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍي، تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ائين نہ چئجو تہ ’اسان جي سچائيءَ جي ڪري خداوند اسان کي هن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هتي آندو آهي.‘ بلڪ حقيقت ۾ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند کين ڀڄائي ٿو ڪڍي. 5اوهين پنهنجي نيڪوڪاريءَ يا دل جي سچائيءَ جي ڪري سندن ملڪ تي قبضو ڪرڻ نہ ٿا وڃو، بلڪ انهن قومن جي بدڪاريءَ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا کين اتان ڀڄائي ٿو ڪڍي. هو انهيءَ لاءِ بہ کين ڀڄائي ٿو ڪڍي تہ جيئن خداوند پنهنجي انهيءَ واعدي کي پورو ڪري، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو. 6تنهنڪري ڄاڻي ڇڏيو تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي اوهان جي سچائيءَ جي ڪري اهو چڱو ملڪ نہ ٿو ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اوهين تہ هڪ ضدي قوم آهيو.
7اها ڳالهہ اوهين هرگز نہ وسارجو تہ ڪيئن نہ اوهان خداوند پنهنجي خدا کي بيابان ۾ ڪاوڙايو، بلڪ جنهن ڏينهن کان اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا آهيو، تنهن ڏينهن کان وٺي هن هنڌ پهچڻ تائين اوهان خداوند جي خلاف بغاوت پئي ڪئي آهي. 8سينا جبل وٽ تہ اوهان خداوند کي ايترو ڪاوڙايو، جو هو ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. 9#خر 24‏:18 جڏهن آءٌ پٿر جون تختيون، جن تي خداوند جو اوهان سان ٻڌل عهد لکيل هو، سي وٺڻ لاءِ جبل تي چڙهي ويس، تڏهن آءٌ چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون اتي جبل تي رهي پيس ۽ مون نڪا ماني کاڌي، نڪو پاڻي پيتم. 10پوءِ خداوند مون کي پٿر جون ٻہ تختيون ڏنيون، جيڪي خدا جي آڱر سان لکيل هيون. انهن تي اهي سموريون ڳالهيون لکيل هيون، جيڪي اوهان جي جبل وٽ گڏ ٿيڻ واري ڏينهن تي خداوند باهہ جي وچ مان اوهان سان ڪيون هيون. 11چاليهن ڏينهن ۽ چاليهن راتين کان پوءِ، خداوند پٿر جون اهي ٻئي تختيون يعني عهد واريون تختيون مون کي ڏنيون. 12#خر 32‏:7‏-20 پوءِ خداوند مون کي چيو تہ ’اُٿ، هتان جلدي هيٺ لهي وڃ، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا ماڻهو جن کي تون مصر مان ڪڍي آيو آهين، سي کري خراب ٿيا آهن. جنهن رستي جو مون کين حڪم ڏنو هو تنهن کان هو جلد ڦري ويا آهن ۽ بت‌پرستيءَ واسطي پنهنجي لاءِ هڪڙي پلٽيل مورت بڻائي اٿن.‘
13 خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ’مون هن قوم کي ڏٺو آهي، سچ پچ تہ هيءَ هڪ ضدي قوم آهي. 14تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان ۽ سندن نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيان. آءٌ تو منجھان ئي هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس.‘
15پوءِ آءٌ ڦري جبل تان هيٺ لٿس، منهنجي ٻنهي هٿن ۾ عهد واريون ٻئي تختيون هيون ۽ جبل باهہ سان ٻري رهيو هو. 16مون نهاري ڏٺو تہ اوهان خداوند پنهنجي خدا جو گناهہ ڪيو هو. اوهان پنهنجي لاءِ هڪ پلٽيل گابو بڻايو هو ۽ انهيءَ رستي کان جلد ڦري ويا هئا جيڪو خداوند اوهان کي ٻڌايو هو. 17تڏهن مون اهي ٻئي تختيون پنهنجي هٿن مان کڻي اڇلايون ۽ اوهان جي اکين اڳيان اهي ڀڃي ڇڏيم. 18انهيءَ سبب جو جيڪو ڪم خداوند جي نظر ۾ بڇڙو هو سو ڪري اوهان کيس ڪاوڙايو هو. سو اوهان جي انهيءَ وڏي گناهہ جي ڪري آءٌ اڳي وانگر چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، مون نڪا ماني کاڌي، نڪي پاڻي پيتم. 19#عبر 12‏:21 آءٌ خداوند جي انهيءَ ڪاوڙ ۽ سخت ناراضپي کان ڊنس ٿي جيڪو کيس اوهان تي هو، ڇو تہ هو اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو. پر هن دفعي بہ خداوند منهنجي ٻڌي. 20خداوند هارون تي بہ ايترو تہ ڪاوڙيل هو جو کيس برباد ڪرڻ تي هو. پر مون انهيءَ وقت هارون لاءِ بہ دعا گھري. 21تڏهن مون اها گناهہ واري شيءِ يعني گابو، جيڪو اوهان بڻايو هو تنهن کي ساڙي ڇڏيو. پوءِ انهيءَ کي ڪُٽي پيهي، ڌوڙ جهڙو سنهو ڪيم ۽ ان جي اها رک انهيءَ نهر ۾ اڇلائي ڇڏيم جيڪا جبل مان ٿي نڪتي.
22 # ڳا 11‏:3‏،34، خر 17‏:7 اوهان تبعيراہ، مساہ ۽ قبروت‌هتاواہ ۾ بہ خداوند کي ڪاوڙايو. 23#ڳا 13‏:25‏–14‏:38، شر 1‏:21‏،26، عبر 3‏:16 جڏهن خداوند اوهان کي قادش‌برنيع کان روانو ڪري چيو تہ ’وڃي انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪريو جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي،‘ تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم خلاف بغاوت ڪئي. اوهان هن تي اعتبار نہ ڪيو ۽ سندس چيو نہ مڃيو. 24جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.
25تنهنڪري آءٌ اهي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون خداوند جي آڏو سجدي ۾ پيو هئس، ڇو تہ خداوند فرمايو هو تہ هو اوهان کي برباد ڪندو. 26مون خداوند کان دعا گھري تہ ’اي خداوند خدا! تنهنجي قوم جيڪا تنهنجي ئي ميراث آهي تنهن کي برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ عظمت سان ڇڏايو آهي، جنهن کي تون پنهنجي زورآور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين. 27پنهنجي ٻانهن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب کي ياد ڪر ۽ هن قوم جي هوڏ، شرارت ۽ گناهہ کي نہ ڏس. 28ائين نہ ٿئي جو جنهن ملڪ مان تون اسان کي ڪڍي آيو آهين، تنهن ملڪ جا ماڻهو چون تہ ”خداوند جنهن ملڪ جو ساڻن واعدو ڪيو هو تنهن ۾ کين پهچائي نہ سگھيو ۽ جيئن تہ خداوند کي انهن کان نفرت هئي، تنهنڪري کين ٻاهر ڪڍي ويو تہ بيابان ۾ انهن کي ماري ڇڏي.“ 29نيٺ تہ اهي تنهنجي ئي قوم ۽ تنهنجي ئي ميراث آهن، جن کي تون پنهنجي وڏيءَ قدرت ۽ زورآور هٿ سان ڪڍي آيو آهين.‘“

Currently Selected:

شريعت جو دور 9: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in