8
چڱو ملڪ هٿ اچڻ
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ تعداد ۾ وڌو ۽ انهيءَ ملڪ ۾ وڃي مٿس قبضو ڪريو، جنهن بابت خداوند اوهان جي خدا اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو. 2اوهين انهيءَ سڄي رستي کي ياد رکجو، جنهن تي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي چاليهہ سال بيابان ۾ هلايو، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي عاجز ڪري آزمائي ۽ اوهان جي دل جي ڳالهہ معلوم ڪري تہ اوهين هن جي حڪمن تي عمل ڪندا يا نہ. 3#مت 4:4، لو 4:4 تنهنڪري هن اوهان کي عاجز ڪيو ۽ بکيو رکيو. پوءِ اوهان کي اها مَنَ کارايائين جنهن جي نہ اوهان کي خبر هئي نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي. هن ڪري جو هو اوهان کي اهو سيکاري تہ انسان رڳو مانيءَ سان ئي جيئرو نہ ٿو رهي، بلڪ خداوند جي چيل هر هڪ ڳالهہ سان جيئرو رهي ٿو. 4انهن چاليهن سالن ۾ نہ اوهان جا ڪپڙا اوهان جي بدن تي پراڻا ٿيا، نڪي اوهان جا پير سڄيا. 5اوهين پنهنجيءَ دل ۾ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پٽ کي تربيت ڏيندو آهي، تيئن خداوند اوهان جي خدا اوهان کي تربيت ٿي ڏني.
6سو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا رهجو، سندس واٽن تي هلندا رهجو ۽ سندس خوف ڪندا رهجو. 7خداوند اوهان جو خدا اوهان کي هڪڙي اهڙي سرسبز ملڪ ۾ ٿو پهچائي، جنهن ۾ پاڻيءَ جون نهرون، چشما ۽ اونهيون ڍنڍون آهن، جيڪي ماٿرين ۽ ٽڪرين مان ٿيون نڪرن. 8انهيءَ ملڪ ۾ ڪڻڪ، جَوَ، انگور، انجير ۽ ڏاڙهون جا وڻ ٿا ٿين. ان ۾ زيتون جا وڻ ۽ ماکي ٿي ٿئي. 9اهو اهڙو ملڪ آهي جتي اوهين پيٽ ڀري ماني کائيندا. اوهان کي ڪنهن بہ شيءِ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. اهو اهڙو ملڪ آهي جنهن جي پٿرن مان اوهين لوهہ ۽ ٽڪرين مان ٽامو کوٽي ڪڍي سگھندا. 10اوهين کائي ڍءُ ڪندا ۽ انهيءَ چڱي ملڪ عطا ڪرڻ لاءِ خداوند پنهنجي خدا جي واکاڻ ڪندا.“
خداوند کي نہ وسارڻ بابت تاڪيد
11 #
هوس 13:5-6
”اوهين خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو ۽ هن جا جيڪي حڪم ۽ قاعدا قانون مون اڄ اوهان کي ٻڌايا آهن، تن تي عمل نہ ڪريو. 12ائين نہ ٿئي تہ جڏهن اوهين کائي ڍءُ ڪريو ۽ عمديون جايون جوڙي انهن ۾ رهو، 13جڏهن اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون وڌن ۽ اوهان جي سون، چانديءَ ۽ سڄي مال ملڪيت ۾ واڌارو ٿئي، 14تڏهن اوهان جي دل ۾ مغروري اچي وڃي. پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري ويهو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا. 15هن انهيءَ وڏي ۽ خوفناڪ بيابان ۾ اوهان جي رهنمائي ڪئي، جتي زهريلا نانگ ۽ وڇون هئا. انهيءَ خشڪ ۽ ٺوٺ زمين ۾ هن اوهان جي لاءِ سخت ٽڪريءَ مان پاڻي ڪڍيو. 16هن اوهان کي بيابان ۾ اها مَنَ کارائي، جنهن جي اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر بہ ڪانہ هئي. هن اوهان کي عاجز ڪري آزمايو، انهيءَ لاءِ تہ پڇاڙيءَ ۾ اوهان سان ڀلائي ڪري. 17خبردار رهجو، ائين نہ ٿئي جو اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي پنهنجيءَ طاقت ۽ پنهنجي هٿن جي زور جي وسيلي ئي هيءَ دولت حاصل ٿي آهي.‘ 18پر ياد رکو، تہ اهو خداوند اوهان جو خدا ئي آهي، جيڪو اوهان کي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت عطا ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هو پنهنجي انهيءَ عهد کي پورو ڪري ٿو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.
19هاڻي جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا کي وساري غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪندا ۽ کين سجدو ڪندا تہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ اوهان کي آگاهہ ٿو ڪريان تہ اوهين ضرور نابود ڪيا ويندا. 20جن قومن کي خداوند اوهان جي سامهون نابود ٿو ڪري، تن وانگر ئي اوهين بہ خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ نہ مڃڻ ڪري نابود ٿي ويندا.“