”هاڻي اي بني اسرائيل! خداوند اوهان جو خدا اوهان کان ڇا ٿو گھري؟ رڳو ايترو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو، سندس سڀني واٽن تي هلو، ساڻس محبت رکو ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو. خداوند جي انهن سمورن حڪمن ۽ قانونن تي عمل ڪندا رهو جيڪي آءٌ اوهان جي ڀلائيءَ لاءِ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.