تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا، تہ هو اوهان جي ملڪ ۾ پوري وقت تي پهريون ۽ پويون مينهن وسائيندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجو اناج، پنهنجي مئي ۽ پنهنجو زيتون جو تيل حاصل ڪري سگھو.