12
عبادت لاءِ هڪڙي جاءِ مقرر ڪرڻ
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هي آهن اهي قاعدا قانون جن تي اوهين پنهنجي سڄي عمر انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪندا رهجو، جيڪو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان کي ورثي طور ڏنو آهي. 2اتي اوهين ضرور انهن سڀني جاين کي برباد ڪري ڇڏجو، جتي جتي اهي قومون جن جي اوهين جاءِ وٺندا، سي اوچن جبلن ۽ ٽڪرين تي ۽ هر هڪ سائي وڻ جي هيٺ پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون. 3#شر 7:5 اوهين هنن جون قربانگاهون ڀڃي ڊاهي ڇڏجو ۽ هنن جا پوڄا وارا پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏجو. هنن جا يسيرہ ديويءَ نالي وارا ٿنڀي جيان کوڙيل بت ڪيرائي ڇڏجو ۽ سندن معبودن جون تراشي ٺاهيل مورتيون ساڙي ڇڏجو، بلڪ اوهين انهيءَ هنڌان انهن جو نالو ئي مِٽائي ڇڏجو.
4اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪن ٿا. 5بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جو خدا، پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ اوهان جي سڀني قبيلن جي علائقن مان هڪڙي هنڌ چونڊي ڪڍي، اوهين سندس عبادت لاءِ اوڏانهن ئي وڃجو. 6اُتي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ۽ پنهنجا ڏهان حصا، پنهنجيون باسون ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون ۽ پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا پيش ڪجو. 7اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.
8عبادت واري انهيءَ جاءِ تي اوهين ائين نہ ڪجو، جيئن اڄوڪي ڏينهن اسين هتي ڪريون ٿا، جو جنهن کي جيئن وڻي ٿو تيئن ٿو عبادت ڪري. 9پر اڃا تائين اوهين انهيءَ آرام ۽ ميراث واري هنڌ تي ڪونہ پهتا آهيو، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي. 10سو جڏهن اوهين اردن درياءَ جي پار وڃي انهيءَ ملڪ ۾ رهندا، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ٿو ڏئي، تڏهن هو اوهان کي آسپاس وارن سڀني دشمنن کان آرام ڏيندو ۽ اوهين سلامتيءَ سان رهڻ لڳندا. 11پوءِ جنهن گھر کي خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اتي اوهين هي سڀ شيون آڻجو جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، يعني پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجا ڏهان حصا ۽ پنهنجي خوشيءَ جون باسون، جيڪي اوهان خداوند جي آڏو باسيون هجن. 12اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو. 13خبردار ٿجو، متان جيڪا بہ جاءِ ڏسو، اتي ئي پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو. 14بلڪ جيڪو گھر خداوند اوهان جي قبيلن منجھان چونڊي ڪڍي، اتي ئي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪجو. جن ڪمن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان سي سڀ اتي ئي ڪجو.
15پر جيڪڏهن اوهين پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب گوشت کائڻ چاهيو تہ اوهين پنهنجن شهرن اندر، خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت موجب جانور ڪهي گوشت کائي ٿا سگھو، توڙي اوهين پاڪ هجو يا ناپاڪ، جيئن اوهين ڦاڙهو يا هرڻ کائو ٿا. 16#پيد 9:4، لاو 7:26-27، 17:10-14، 19:26، شر 15:23 مگر اوهين رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو. 17پر اوهين پنهنجي اناج، مئي يا زيتون جي تيل جا ڏهان حصا، پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا، پنهنجيون باسون، پنهنجي خوشيءَ جون قربانيون يا پنهنجي پيداوار جا نذرانا، پنهنجن شهرن جي اندر کائي نہ ٿا سگھو. 18بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو. 19خبردار، جيستائين اوهين انهيءَ ملڪ ۾ جيئرا آهيو، تيستائين لاوين کي نہ وسارجو.
20جڏهن خداوند اوهان جو خدا پنهنجي واعدي موجب اوهان جي سرحد وڌائي ۽ اوهان جي گوشت کائڻ تي دل ٿئي ۽ اوهين چئو تہ ’اسين گوشت کائون،‘ تڏهن اوهين پنهنجيءَ دل جي خواهش موجب ڀلي گوشت کائو. 21جيڪڏهن اهو گھر جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي سو اوهان کان گھڻو پري هجي، تہ پوءِ خداوند اوهان کي جيڪي ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڏنيون آهن، تن مان ڪنهن کي بہ ذبح ڪري، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي تيئن پنهنجي دل جي خواهش موجب پنهنجن شهرن جي اندر کائجو. 22جهڙيءَ طرح ڦاڙهي يا هرڻ کي کائبو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين پاڪ هجو توڙي ناپاڪ انهيءَ مان کائي ٿا سگھو. 23#لاو 17:10-14 رڳو ايتري خبرداري ڪجو جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇاڪاڻ تہ رت حياتي آهي. سو اوهين گوشت سان گڏ حياتيءَ کي نہ کائجو. 24اوهين اهو رت هرگز نہ کائجو پيئجو بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو. 25اوهين اهو نہ کائجو پيئجو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو ڀلو ٿئي.
26پر اوهين پنهنجيون مخصوص شيون، جي اوهان وٽ هجن ۽ پنهنجيون باسون انهيءَ جاءِ تي کڻي وڃجو جيڪا خداوند چونڊيندو. 27اُتي اوهين پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين جو گوشت ۽ رت، خداوند پنهنجي خدا جي قربانگاهہ تي پيش ڪجو. اوهان جي ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين جو رت پڻ خداوند اوهان جي خدا جي قربانگاهہ تي پئٽيو ويندو، باقي انهن جو گوشت اوهين ڀلي کائجو. 28هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري اوهان جو ۽ اوهان کان پوءِ اوهان جي اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي.“
بتپرستيءَ خلاف چتاءُ
29”جن قومن جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تن قومن کي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سامهون تباهہ ڪري ڇڏيندو ۽ اوهين سندن ملڪ تي قبضو ڪري ان ۾ رهڻ لڳندا. 30تڏهن اوهين خبردار ٿجو، متان انهن جي برباد ٿيڻ کان پوءِ اوهين بہ انهن جي معبودن جي پٺيان لڳي ڦندي ۾ ڦاسو. هائو، متان انهن جي معبودن بابت پڇا ڪريو تہ ’اهي قومون ڪهڙيءَ طرح پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪنديون هيون، تہ اسين بہ ائين ئي خداوند جي عبادت ڪريون.‘ 31خبردار! اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ائين نہ ڪجو، جيئن هو پنهنجن معبودن جي پوڄا ڪندا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن پنهنجي معبودن لاءِ هر اهو ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، جنهن کان خدا کي نفرت آهي. ايتري قدر جو انهن پنهنجي معبودن جي نالي تي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي بہ ساڙيو آهي.
32 #
شر 4:2، مڪا 22:18-19 جيڪا بہ ڳالهہ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، نڪي انهيءَ ۾ ڪجھہ وڌائجو، نڪي انهيءَ مان ڪجھہ گھٽائجو.“