13
نبي سڏائيندڙ لاءِ تنبيهہ
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو جو اوهان جي وچ ۾ ڪو نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ وارو ظاهر ٿئي ۽ اهو اوهان کي ڪابہ نشاني يا معجزو ٻڌائي. 2پوءِ ٿي سگھي ٿو تہ جنهن نشانيءَ يا معجزي جي هن خبر ڏني هجي سو پورو ٿئي ۽ هو اوهان کي چوي تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پٺيان لڳي سندن پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ آهيو. 3تڏهن اوهين انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري جي ڳالهہ اصل نہ ٻڌجو. خداوند اوهان جو خدا اوهان کي آزمائي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوري دل وَ جان سان پيار ڪريو ٿا يا نہ. 4اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف رکندي سندس راهہ تي هلجو. هائو، سندس حڪمن تي عمل ڪجو، سندس ڳالهہ ٻڌجو، سندس ئي عبادت ڪجو ۽ ساڻس ئي چُهٽيل رهجو. 5انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.
6جيڪڏهن اوهان جو سڳو ڀاءُ، پٽ، ڌيءَ، دلگھُري زال يا اوهان جو جاني دوست اوهان کي ڳجھيءَ طرح لالچائي اهڙن معبودن جي پوڄا ڪرڻ لاءِ چوي، جن جي اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي خبر نہ هئي، 7يعني انهن ماڻهن جا معبود، جي اوهان جي آسپاس، ويجھا توڙي پري، بلڪ ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين رهندا هجن، 8تڏهن اوهين انهيءَ تي ساڻس راضي نہ ٿجو، نڪي سندس ڳالهہ ٻڌجو. اوهين انهيءَ تي قياس نہ ڪجو، نڪي ساڻس ڪا مروت ڪجو ۽ نہ وري کيس لڪائجو. 9پر اوهين انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏجو. انهيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ پهريائين اوهان جو پنهنجو هٿ مٿس پوي ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو. 10اوهين انهيءَ کي سنگسار ڪجو تہ جيئن هو مري وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان جتي اوهين غلام هئا، ٻاهر ڪڍي آندو، تنهن کان هن اوهان کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. 11پوءِ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.“
بتپرست شهرن جي سزا
12”ٿي سگھي ٿو تہ جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن مان ڪنهن شهر ۾ 13ڪي ڪميڻا ماڻهو اوهان جي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا هجن تہ ’اچو تہ اسين غير معبودن جي پوڄا ڪريون،‘ جن کان اوهين واقف نہ هجو. 14جڏهن اوهين ڪا اهڙي ڳالهہ ٻڌو تڏهن انهيءَ جي تحقيقات ۽ جاچ ڪجو ۽ چڱيءَ طرح پڇاڳاڇا ڪجو. جيڪڏهن اها سچي ۽ يقيني ڳالهہ هجي تہ اوهان جي وچ ۾ ڪو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي، 15تہ پوءِ اوهين ضرور انهيءَ شهر جي رهاڪن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو. اوهين انهيءَ شهر کي ۽ جيڪي بہ منجھس هجن، تن سڀني کي چوپائي مال سميت تلوار جي ڌار سان نيست وَ نابود ڪري ڇڏجو. 16ان شهر جو سمورو مال ميڙي وچ پڌر ۾ گڏ ڪري، اهو شهر سميت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ساڙي ڇڏجو. اهو هميشہ جي لاءِ هڪڙو ڍڳ رهندو ۽ اهو شهر وري نہ ٻڌبو. 17برباديءَ لاءِ مقرر ٿيل انهن شين منجھان ڪابہ شيءِ اوهان وٽ نہ هجي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند کي اوهان تي جيڪا خوفناڪ ڪاوڙ آهي، تنهن کان هو مڙي وڃي ۽ اوهان تي رحم ڪري ۽ مهربان ٿئي. پوءِ جيئن هن اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي تيئن هو اوهان کي وڌائي. 18اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ مڃيندا ۽ سندس جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪندا جيڪو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي.“