YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 14

14
ماتم لاءِ منع
1 # لاو 19‏:28، 21‏:5 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو. سو اوهين مئلن جي لاءِ غير قومن وانگر پنهنجو پاڻ کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو، 2#خر 19‏:5‏-6، شر 4‏:20، 7‏:6، 26‏:18، طيط 2‏:14، 1.پط 2‏:9 ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“
حلال ۽ حرام جانور
(لاوي سرشتو 11‏:1‏-47)
3”اوهين ڪابہ مڪروهہ شيءِ نہ کائجو. 4جيڪي جانور اوهان کي کائڻ جائز آهن سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: ڍور ڍڳا، ريڍو مال، ٻاڪرو مال، 5هرڻ، ڦاڙهو، سانڀر، جھنگلي ٻڪر، روجھہ ۽ جھنگلي گھٽو. 6مطلب تہ جانورن مان هر اهو جانور جنهن جا کُر ٻن ڦاڪن ۾ چيريل هجن ۽ جيڪي اوڳاريندڙ بہ هجن، سي اوهين کائي سگھو ٿا. 7پر جيڪي اوڳارين تہ ٿا پر سندن کُر چيريل نہ آهن سي اوهين نہ کائجو، مثال طور اٺ، سهو ۽ جھنگلي سيهڙ. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن. 8بلڪ جن جا کُر تہ چيريل آهن پر اوڳارين نہ ٿا سي بہ اوهان جي لاءِ حرام آهن، خاص طور سوئر. انهن جانورن جو نہ تہ گوشت کائجو ۽ نہ وري سندن مڙهن کي هٿ لائجو.
9پاڻيءَ جي ساهوارن مان جن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ آهن سي اوهان کي کائڻ جائز آهن. 10پر جن پاڻيءَ جي ساهوارن کي کنڀڙاٽيون ۽ ڇلڙ نہ آهن، سي اوهين نہ کائجو. اهي اوهان جي لاءِ حرام آهن.
11حلال پکين مان جيڪي اوهان کي وڻي سو کائجو. 12‏-18پر جيڪي پکي اوهان کي کائڻا نہ آهن سي پنهنجي سڀني قسمن موجب هي آهن: عقاب، ڳجھہ، هڏخور، شڪرو، سرڻ، ڪانءَ، شترمرغ، باز، چٻرو، چٻ، قاز، پِيَڻِ، ڪانئر، لقلق، ٻگھہ، هُدهُد ۽ چمڙو.
19سمورا کنڀن وارا جيت اوهان جي لاءِ حرام آهن، اهي نہ کائجو، 20سواءِ #14‏:20 ڪن قسمن جي پردار جيتن جي مثال طور مڪڙن ۽ تڏين جا سمورا قسم (ڏسو لاوي سرشتو 11‏:20‏-21).ڪن قسمن جي پردار جيتن جي. سي اوهان لاءِ حلال آهن سو ڀلي اوهين کائجو.
21 # خر 23‏:19، 34‏:26 جيڪو جانور پاڻيهي مري وڃي سو اوهين نہ کائجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم آهيو. البت اوهين پنهنجي شهر ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئي کي اهو کائڻ لاءِ ڏيئي ٿا سگھو، يا وري ڪنهن پرديسيءَ کي وڪڻي ٿا سگھو.
اوهين ڇيلي کي سندس ماءُ جي کير ۾ نہ رڌجو.“
ڏهين حصي بابت قاعدو
22 # لاو 27‏:30‏-33، ڳا 18‏:21 ”اوهين پنهنجي ٻنيءَ جي سال بسال ٿيندڙ پيداوار منجھان، ڏهون حصو ضرور الڳ ڪجو. 23جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اُتي ئي اوهين پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل جو ڏهون حصو ۽ پنهنجي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ڦر خداوند جي حضور ۾ وڃي کائجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سدائين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو. 24پر جيڪڏهن اها عبادت واري جاءِ اوهان کان گھڻو پري هجي ۽ رستو بہ ايترو ڊگھو هجي، جو خداوند اوهان جو خدا جڏهن اوهان کي برڪت ڏئي، تڏهن اوهين پنهنجو ڏهون حصو اوڏانهن کڻي وڃي نہ سگھو، 25تہ پوءِ اوهين اهو روڪ پئسن ۾ وڪڻي، اهي پئسا پاڻ سان کڻي انهيءَ عبادت واري جاءِ تي وڃجو. 26اتي اوهين انهن پئسن مان ڍور ڍڳا، رڍون ٻڪريون، مئي، ٻي ڪابہ نشي واري شيءِ يا جيڪا بہ شيءِ اوهان جي دل چاهي سا وٺي، اتي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ پنهنجي گھراڻي سميت کائجو ۽ خوشي ڪجو.
27جيڪو بہ لاوي اوهان جي شهرن ۾ هجي، تنهن کي هرگز نہ وسارجو، ڇاڪاڻ تہ هن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي. 28هر ٽئين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجي انهيءَ سال جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو ڪڍي، پنهنجي شهر ۾ آڻي گڏ ڪجو، 29انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنون‌زالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in