YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 15

15
قرض جي معافيءَ جو سال
(لاوي سرشتو 25‏:1‏-7)
1 # لاو 25‏:1‏-7 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”هر ستين سال جي پڇاڙيءَ ۾ اوهين پنهنجن قرضدارن جا قرض معاف ڪري ڇڏجو. 2انهيءَ جو طريقو هي آهي تہ جنهن بہ قرض‌خواہ پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏنو هجي، سو انهيءَ کي معاف ڪري ڇڏي. اهو پنهنجي قوم وارن کان زوريءَ نہ وٺي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ لاءِ خداوند جي معافيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 3ڌارئي ماڻهوءَ کان اوهين اهو طلب ڪري سگھو ٿا، مگر اوهان جي پنهنجي قوم واري ڏانهن جيڪي اوهان جو رهيل هجي، تنهن تان هٿ کڻي ڇڏجو.
4اوهان منجھہ ڪوبہ غريب ڪين هوندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ ضرور برڪت ڏيندو، جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي. 5پر شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو. 6خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ قرض نہ کڻندا. اوهين گھڻين ئي قومن تي حڪومت ڪندا پر اوهان تي ڪابہ قوم حڪومت نہ ڪندي.
7 # لاو 25‏:35 جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن اوهان جي پنهنجي قوم وارن منجھان ڪو غريب اوهان جي شهر ۾ اوهان وٽ رهندو هجي، تہ اوهين انهيءَ غريب ماڻهوءَ لاءِ پنهنجي دل سخت نہ ڪجو، نڪي کانئس پنهنجي مٺ بند ڪجو. 8بلڪ انهيءَ لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو ڪجو ۽ جيتري بہ کيس گھرج هجي اوترو کيس قرض ڏجو. 9خبردار، متان اوهان جي دل ۾ اهڙو بد خيال پيدا ٿئي تہ ستون سال، يعني معافيءَ وارو سال ويجھو آهي، سو اوهان جي نيت اوهان جي غريب هم‌قوم ڏانهن خراب ٿئي ۽ اوهين کيس ڪجھہ بہ نہ ڏيو. پوءِ هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اوهان جي لاءِ اهو گناهہ قرار ڏنو وڃي. 10اوهين هن کي فراخدليءَ سان ڏجو ۽ ڏيڻ وقت دل ۾ ڪُرڪجو نہ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏيڻ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۽ انهن سڀني معاملن ۾، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا، اوهان کي برڪت ڏيندو. 11#مت 26‏:11، مر 14‏:7، يو 12‏:8 جيئن تہ ملڪ ۾ غريب تہ سدائين هوندا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي غريب ۽ محتاج هم‌قوم لاءِ پنهنجو هٿ ڪشادو رکجو.“
غلامن جي آزادي
(خروج 21‏:1‏-11)
12 # لاو 25‏:39‏-46 ”جيڪڏهن اوهان جو ڪو هم‌قوم عبراني مرد يا عورت اوهان وٽ وڪامي ۽ اها ڇهن سالن تائين اوهان جي خدمت ڪري، تہ پوءِ ستين سال اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏجو. 13جڏهن اوهين انهيءَ کي آزاد ڪري پاڻ وٽان وڃڻ ڏيو، تڏهن کيس خالي هٿين وڃڻ نہ ڏجو. 14اوهين انهيءَ کي پنهنجي ڌڻ مان، اناج جي کري مان ۽ انگورن جي چيچڙي مان کُليءَ دل سان ڏجو. خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيتري برڪت ڏني هجي، اوترو اوهين هن کي ڏجو. 15ياد ڪريو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڇڏايو. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي هي حڪم ٿو ڏيان.
16پر جيڪڏهن اوهان جو غلام اوهان کي چوي تہ ’آءٌ اوهان وٽان وڃڻ نہ ٿو گھران‘ ۽ کيس اوهان سان ۽ اوهان جي گھر سان ايترو پيار هجي جو هو اوهان وٽ رهڻ ۾ خوش هجي، 17تہ پوءِ هڪڙي آر کڻي، گھر جي در وٽ انهيءَ جو ڪن ٽوپجو. پوءِ هو هميشہ جي لاءِ اوهان جو ٻانهو ٿيندو. اوهين پنهنجيءَ ٻانهيءَ سان بہ ائين ئي ڪجو. 18جڏهن اوهين ٻانهي کي آزاد ڪري وڃڻ ڏيو، تڏهن اوهين انهيءَ ڳالهہ کي ڏکيو نہ سمجھجو، ڇاڪاڻ تہ هن ڇهن سالن تائين ٻن مزدورن جيتري اوهان جي خدمت ڪئي آهي. ائين ڪرڻ ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۾ برڪت وجھندو.“
پهريتن ڦرن جو نذرانو
19 # خر 13‏:12 ”اوهان جي ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين ۾ جيڪي پهريان نر ٻچا پيدا ٿين، سي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ وقف ڪري ڇڏجو. اوهين پنهنجي پهرئين ڄاول وهڙي کان ڪو ڪم نہ وٺجو، نڪي پنهنجي رڍن ٻڪرين مان پهرئين ڄاول ڦر جي اُن ڪترجو. 20اهي اوهين پنهنجي گھراڻي سميت، انهيءَ جاءِ تي جيڪا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو، سال بسال کائيندا رهجو. 21پر جيڪڏهن انهن مان ڪنهن ۾ ڪو عيب هجي، جيئن تہ منڊو يا انڌو هجي يا ڪو ٻيو عيب هجيس، تہ اهو اوهين خداوند پنهنجي خدا جي آڏو قربانيءَ طور پيش نہ ڪجو. 22اهو اوهين پنهنجن شهرن اندر کائجو، پوءِ اوهين پاڪ هجو توڙي ناپاڪ، جيئن هرڻ يا ڦاڙهي جو گوشت کائو ٿا تيئن هي بہ کائي ٿا سگھو. 23#پيد 9‏:4، لاو 7‏:26‏-27، 17‏:10‏-14، 19‏:26، شر 12‏:16‏،23 پر انهيءَ جو رت هرگز نہ کائجو پيئجو، بلڪ اهو پاڻيءَ وانگر زمين تي هاري ڇڏجو.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in