YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 16

16
عيد فصح
(خروج 12‏:1‏-20)
1 # لاو 23‏:5‏-8، ڳا 28‏:16‏-25 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عيد فصح ملهائڻ لاءِ ابيب جي مهيني کي ياد رکجو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ابيب جي مهيني ۾ ئي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو. 2تنهنڪري جيڪا جاءِ خداوند پنهنجي نالي قائم ڪرڻ لاءِ چونڊي، اُتي اوهين پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد فصح جي قرباني ڪجو. 3اوهين انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائجو، بلڪ ستن ڏينهن تائين بي‌خميري ماني يعني ڏکن جي ماني کائيندا رهجو. ان جو سبب هي آهي تہ جنهن ڏينهن اوهين مصر جي ملڪ مان نڪتا، تنهن ڏينهن کي پنهنجي سڄي حياتيءَ ۾ ياد رکي سگھو، ڇاڪاڻ تہ اوهين مصر جي ملڪ مان تڙ تڪڙ ۾ نڪري آيا هئا. 4ستن ڏينهن تائين اوهان جي سڄي ملڪ ۾ ڪنهن وٽ بہ خمير ڏسڻ ۾ نہ اچي. پهرئين ڏينهن شام جو اوهين جيڪا قرباني ڪريو، تنهن جي گوشت مان ٻئي ڏينهن تائين ڪجھہ بہ بچائي نہ رکجو.
5اوهين عيد فصح جي قرباني پنهنجي ڪنهن بہ شهر ۾ نہ ٿا ڪري سگھو، جيڪي شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي. 6بلڪ جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اُتي ئي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت اوهين مصر مان نڪتا هئا، انهيءَ وقت عيد فصح جي قرباني ڪجو. 7انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين اهو گوشت پچائي کائجو. پوءِ صبح جو موٽي پنهنجي رهائش‌گاهہ ڏانهن هليا وڃجو. 8ڇهن ڏينهن تائين اوهين جيڪا ماني کائو، تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي. ستين ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ گڏ ٿجو، انهيءَ ڏينهن اوهين ڪوبہ ڪم نہ ڪجو.“
لاباري جي عيد
(خروج 34‏:22، لاوي سرشتو 23‏:15‏-21)
9 # ڳا 28‏:26‏-31 ”جنهن وقت اوهين اناج جي بيٺل پوک ۾ لابارو وجھڻ شروع ڪريو، تنهن وقت کان وٺي اوهين ست هفتا ڳڻجو. 10پوءِ اوهين انهيءَ برڪت موجب، جيڪا خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ڏني هجي، پنهنجي خوشيءَ سان نذرانو آڻي سندس حضور ۾ #16‏:10 لاباري جي عيد هيءَ اها ئي عيد آهي جنهن کي نئين عهدنامي ۾ ”عيدِ پنتيڪُست“ چون ٿا (ڏسو رسولن جا ڪم 2‏:1، 20‏:16، 1.ڪرنٿين 16‏:8).لاباري جي عيد ملهائجو. 11انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو. 12اهو ياد رکجو تہ اوهين پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو.“
تنبن واري عيد
(لاوي سرشتو 23‏:33‏-43)
13 # ڳا 29‏:12‏-38 ”جڏهن اوهين پنهنجي کري جو مال ۽ انگورن مان رس گڏ ڪري چڪو، تڏهن ست ڏينهن تنبن واري عيد ملهائجو. 14اها اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت 15خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي وڃي خوشيون ڪندي ملهائجو. جيئن تہ خداوند اوهان جي خدا اوهان جي سموري پيداوار ۾ ۽ اوهان جي هٿ جي سموري پورهئي ۾ برڪت وڌي آهي، سو اوهين پوريءَ طرح خوشيون ڪجو.
16سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي. 17بلڪ هر هڪ ماڻهو خداوند پنهنجي خدا جي ڏنل برڪت مطابق جيڪي ڏئي سگھي سو آڻي.“
انصاف ڪرڻ لاءِ انتظام
18”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن. 19#خر 23‏:6‏-8، لاو 19‏:15 اهي ڪنهن سان ناانصافي نہ ڪن، نڪي ڪنهن جو لحاظ ڪن ۽ نہ وري رشوت وٺن، ڇاڪاڻ تہ رشوت سڄن کي بہ انڌو ڪريو ڇڏي ۽ سچارن جي ڳالهين کي ڦيرايو ڇڏي. 20اوهين هميشہ حق جي ئي پيروي ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن جا وارث ٿيو.
21 # خر 34‏:13 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهيو، تنهن جي ڀرسان يسيرہ ديويءَ نالي ٿنڀي طور ڪنهن بہ قسم جو وڻ نہ لڳائجو. 22#لاو 26‏:1 نڪي اوهين پوڄا لاءِ ڪو پٿر ئي کڙو ڪجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا کي انهن کان نفرت آهي.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in