YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 17

17
1اوهين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ ڪنهن بہ اهڙي ڍور ڍڳي يا رڍ ٻڪريءَ جي قرباني نہ ڪجو جنهن ۾ ڪو عيب يا خامي هجي، ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ مڪروهہ آهي.“
عهد ٽوڙڻ جي سزا
2موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهان جي شهرن مان، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ بہ ڪو اهڙو مرد يا عورت لڀي جنهن خداوند جو عهد ٽوڙي اهڙي بڇڙائي ڪئي هجي جو 3#خر 22‏:20 وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪئي هجيس، يا سج، چنڊ يا سمورين آسماني شين مان ڪنهن کي بہ سجدو ڪيو هجيس، جنهن کان هن اوهان کي روڪيو آهي. 4پوءِ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي اوهان کي خبر پوي، تڏهن چڱيءَ طرح انهيءَ جي تحقيقات ڪجو. جيڪڏهن اها ڳالهہ سچي ثابت ٿئي تہ بني اسرائيل ۾ اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ٿيو آهي، 5تڏهن جنهن اهڙو خراب ڪم ڪيو هجي، پوءِ اهو مرد هجي توڙي عورت، تنهن کي اوهين شهر کان ٻاهر وٺي وڃي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. 6#ڳا 35‏:30، شر 19‏:15، مت 18‏:16، 2.ڪر 13‏:1، 1.تيم 5‏:19، عبر 10‏:28 اهڙي واجب‌القتل ماڻهوءَ کي رڳو هڪڙي شاهد جي شاهديءَ تي نہ ماريو وڃي، بلڪ ٻن يا ٽن شاهدن جي شاهديءَ تي کيس ماريو وڃي. 7#1.ڪر 5‏:13 انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“
انصاف ڪرڻ ۾ ڏکيائي
8”جيڪڏهن اوهان جون پاڻ ۾ خون، دعويٰ يا مار ڪُٽ جون ڪي اهڙيون تڪراري ڳالهيون هجن، جن جو فيصلو اوهان جي شهر اندر ٿيڻ اوهان جي لاءِ تمام ڏکيو هجي، تہ پوءِ اوهين اهو فيصلو انهيءَ عبادت واري جاءِ تي کڻي وڃجو، جا خداوند اوهان جو خدا چونڊيندو. 9پوءِ انهن ڏينهن ۾ اتي مقرر ٿيل ان جج ۽ لاوي ڪاهنن کي وڃي اهي ڳالهيون ٻڌائجو. هو اوهان کي فيصلو ڪري ٻڌائيندا. 10پوءِ جيڪو فيصلو اهي اوهان کي ڪري ٻڌائين، تنهن موجب اوهين عمل ڪجو. اهي جيڪي بہ اوهان کي ٻڌائين، اوهين بلڪل ائين ئي ڪجو. 11شريعت جي جيڪا ڳالهہ اهي اوهان کي سيکارين ۽ جيڪو فيصلو اوهان کي ٻڌائين، تنهن موجب عمل ڪجو. اُهي جيڪا بہ فتويٰ ڏين تنهن کان ساڄي يا کاٻي پاسي نہ ڦرجو. 12جيڪو ڪاهن اتي خداوند اوهان جي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي يا جيڪو جج اتي مقرر هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي تہ انهيءَ شخص کي موت جي سزا ڏني وڃي. اوهين اهڙي خرابيءَ کي بني اسرائيل مان ڪڍي ڇڏجو. 13پوءِ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.“
بادشاهہ مقرر ڪرڻ بابت هدايتون
14 # 1.سم 8‏:5 ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو ۽ چئو تہ ’پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن وانگر اسين بہ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريون،‘ 15تہ پوءِ اوهين هر حالت ۾ رڳو اهڙي شخص کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪجو، جنهن کي خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي بني اسرائيل جي ڀائرن منجھان ئي ڪنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ بڻائجو، ڪوبہ ڌاريو ماڻهو جيڪو اوهان جي قوم بني اسرائيل جو نہ آهي، تنهن کي پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر نہ ڪجو. 16#1.با 10‏:28، 2.توا 1‏:16، 9‏:28 ان کان علاوہ بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻا گھوڙا نہ رکي، نڪي گھڻا گھوڙا گڏ ڪرڻ خاطر ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان کي فرمايو آهي تہ اوهين انهيءَ رستي وري ڪڏهن بہ موٽي نہ وڃجو. 17#1.با 10‏:14‏-22‏،27، 11‏:1‏-8، 2.توا 1‏:15، 9‏:27 بادشاهہ پاڻ وٽ گھڻيون زالون نہ رکي، متان سندس دل خداوند کان ڦري وڃي، نڪي هو پاڻ وٽ گھڻو سون ۽ چاندي گڏ ڪري. 18هو پنهنجي بادشاهہ بڻجڻ وقت خدا جي شريعت، جيڪا لاوي ڪاهنن وٽ هوندي، تنهن جو پنهنجي لاءِ هڪڙو نقل ڪرائي. 19هو انهيءَ کي پاڻ وٽ ئي رکي ۽ پنهنجي سڄي حياتي انهيءَ کي پڙهندو رهي، انهيءَ لاءِ تہ هو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪرڻ سکي ۽ هن شريعت جي سڀني قاعدن قانونن کي مڃي ۽ انهن تي عمل ڪري. 20انهيءَ جو مقصد اهو بہ آهي تہ هو پاڻ کي پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل کان وڌيڪ نہ سمجھي، نڪي هن حڪم کان ساڄي يا کاٻي پاسي ڦري، تان‌تہ بني اسرائيل منجھہ هن جي ۽ سندس اولاد جي بادشاهيءَ جا ڏينهن وڌيڪ ٿين.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in