YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 18

18
ڪاهنن جو حصو
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ڪاهنن جي سڄي قبيلي يعني لاويءَ کي بني اسرائيل سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو ڪونہ ملندو. انهيءَ جي بدران اهي خداوند جي ميراث يعني ساڙيون ويندڙ قربانيون ۽ نذرانا کائيندا. 2#ڳا 18‏:20 هنن کي سندن بني اسرائيل قوم وارن سان گڏ ٻي ڪابہ ميراث ڪونہ ملندي، ڇو تہ خداوند کي ڏنل نذرانن مان ڪجھہ حصو سندن ميراث آهي، جيئن هن کين فرمايو آهي. 3جيڪي ماڻهو ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جي قرباني ڪندا، تن مان ڪاهنن جو حق هي ٿيندو. اهي ڪاهنن کي انهيءَ جو ڪنڌو، ڄاڙي ۽ اوجھري ڏين. 4اوهين سال بسال پنهنجي اناج، مئي ۽ زيتون جي تيل مان پهرين پيداوار جو حصو ۽ پنهنجين رڍن جي پهرين اُن جو حصو انهن کي ڏجو. 5انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جي خدا لاوين کي اوهان جي سڀني قبيلن منجھان چونڊي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ۽ سندن اولاد هميشہ خداوند جي نالي جي خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر رهن.
6سڄي ملڪ منجھان اوهان جي ڪنهن بہ شهر ۾ رهندڙ ڪو لاوي جيڪڏهن پنهنجيءَ دل جي پوري ارادي سان انهيءَ جاءِ تي اچي، جيڪا خداوند چونڊيندو، 7تہ اُتي موجود پنهنجي سڀني لاوي ڀائرن وانگر هو بہ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪندو رهي. 8هن کي بہ کائڻ لاءِ ٻين جيترو حصو ملندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪا رقم کيس اباڻي ملڪيت جي وڪري مان حاصل ٿئي، سا بہ ملندس.“
ڪراهت جهڙن ڪمن خلاف چتاءُ
9”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين انهن قومن وانگر ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ نہ سکجو. 10#لاو 19‏:26، خر 22‏:18 اوهان منجھہ ڪوبہ اهڙو ماڻهو نہ هجي جيڪو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي قربانيءَ طور ساڙي، يا جيڪو غيب جون ڳالهيون ڪري، قسمت جو حال ٻڌائي، فال وجھي، جادوگري ڪري، 11#لاو 19‏:31 يا جيڪو منتر پڙهي، مئلن جي روحن کان پڇا‌ڳاڇا ڪري ۽ ساڻن صلاح مشورو ڪري. 12جيڪي اهي ڪم ڪن ٿا، سي سڀ خداوند جي نظر ۾ نفرت جي لائق آهن. اهڙن ئي ڪراهت جهڙن ڪمن جي ڪري خداوند اوهان جو خدا انهن کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو. 13#مت 5‏:48 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ بي‌قصور ٿي رهجو.“
نبي موڪلڻ جو واعدو
14پوءِ موسيٰ چيو تہ ”جن قومن کي اوهين بيدخل ڪندا، سي قسمت جو حال ٻڌائيندڙن ۽ غيب جون ڳالهيون ڪرڻ وارن جي پيروي ڪن ٿيون. پر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ائين ڪرڻ جي اجازت نہ ٿو ڏئي. 15#رس 3‏:22، 7‏:37 خداوند اوهان جو خدا اوهان منجھان، يعني اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي، اوهان جي لاءِ مون جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندو. اوهين انهيءَ جي ٻڌجو. 16هي اوهان جي انهيءَ درخواست موجب ٿيندو، جڏهن اوهان سينا جبل وٽ گڏجاڻيءَ واري ڏينهن خداوند پنهنجي خدا کي چيو هو تہ ’شل اسين خداوند پنهنجي خدا جو آواز وري نہ ٻڌون، نڪي وري اهڙي وڏي باهہ ڏسون، جو متان اسين مري وڃون.‘
17تڏهن خداوند مون موسيٰ کي فرمايو هو تہ ’هنن جو چوڻ صحيح آهي. 18آءٌ خداوند هنن جي لاءِ سندن بني اسرائيل قوم وارن منجھان ئي تو جهڙو هڪڙو نبي پيدا ڪندس. آءٌ پنهنجو فرمان انهيءَ جي وات ۾ وجھندس. جيڪو بہ حڪم آءٌ هن کي ڏيندس، سو هو کين ٻڌائيندو. 19#رس 3‏:23 جيڪي بہ منهنجيون ڳالهيون هو منهنجي نالي چوندو، سي جيڪڏهن ڪو ماڻهو نہ مڃيندو تہ آءٌ انهيءَ کان ان جو حساب وٺندس. 20پر جيڪو نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري ڪا اهڙي ڳالهہ منهنجي نالي چوندو، جنهن جو مون کيس حڪم نہ ڏنو هوندو، يا وري جيڪو غير معبودن جي نالي ڪجھہ چوندو تہ انهيءَ کي موت جي سزا ڏني ويندي.‘
21هاڻي جيڪڏهن اوهين پنهنجيءَ دل ۾ چئو تہ ’اسان کي اها خبر ڪيئن پوندي تہ هي ڳالهيون خداوند ڪين فرمايون آهن؟‘ 22تنهن لاءِ اهو ياد رکي ڇڏيو تہ جڏهن ڪو نبي سڏائيندڙ خداوند جي نالي ڪجھہ چوي، پر سندس چوڻ موجب نہ ٿئي ۽ هن جي ڳالهہ پوري نہ ٿئي، تہ اها ڳالهہ خداوند طرفان نہ آهي، بلڪ اها انهيءَ نبي سڏائيندڙ گستاخي ڪري چئي آهي. سو متان اوهين انهيءَ کان ڊڄو.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in