YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 24

24
طلاق ۽ وري شاديءَ بابت قانون
1 # مت 5‏:31، 19‏:7، مر 10‏:4 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻ‌وڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس. 2پوءِ جيڪڏهن هوءَ سندس گھر مان نڪرڻ بعد وڃي ڪو ٻيو مڙس ٿي ڪري 3۽ اهو ٻيو مڙس بہ انهيءَ کان بيزار ٿي پوي ۽ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جيڪڏهن سندس اهو ٻيو مڙس مري وڃي، 4تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بي‌آبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“
مختلف قانون
5”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ نئين شادي ڪئي هجي، تہ هو جنگ تي نہ وڃي، نڪي کيس ڪا ٻي ذميواري سونپي وڃي. هو هڪڙي سال تائين ڀلي گھر ۾ رهي پنهنجيءَ زال کي خوش رکي.
6ڪوبہ ماڻهو سڄو جنڊ يا ان جو رڳو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي، ڇو تہ ائين ڪرڻ سان هو ڄڻ تہ ماڻهوءَ جي حياتي گروي ٿو رکي.
7 # خر 21‏:16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.
8 # لاو 13‏:1‏–14‏:54 اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو. 9#ڳا 12‏:10 ياد ڪريو، تہ جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا ٿي، تڏهن رستي ۾ خداوند اوهان جي خدا مريم سان ڇا ڪيو.
10 # خر 22‏:26‏-27 جڏهن اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڪجھہ قرض ڏيو، تڏهن جا شيءِ هو گروي رکي ٿو سا وٺڻ لاءِ اوهين سندس گھر ۾ نہ گھڙجو. 11بلڪ اوهين ٻاهر بيهي رهجو ۽ هو پاڻ اها شيءِ آڻي گرويءَ طور اوهان کي ڏئي. 12جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي تہ سندس گروي رکيل اوڇڻ رات جي وقت پاڻ وٽ نہ رکجو، 13بلڪ سج لهڻ مهل اوهين اهو کيس موٽائي ڏجو، تہ جيئن هو پنهنجو اوڇڻ ڍڪي سمهي ۽ اوهان کي دعا ڪري. اها ڳالهہ خداوند اوهان جي خدا جي آڏو اوهان جي سچائي ليکي ويندي.
14 # لاو 19‏:13 اوهين ڪنهن غريب ۽ محتاج مزدور کان ناجائز فائدو نہ وٺجو، پوءِ اهو اوهان جي بني اسرائيل قوم وارن منجھان هجي يا انهن ڌارين مان جيڪي اوهان جي ملڪ جي ڪنهن شهر ۾ رهندا هجن. 15اوهين انهيءَ جي مزدوري ساڳئي ئي ڏينهن تي سج لهڻ کان اڳ ۾ کيس ڏئي ڇڏجو، ڇو تہ هو غريب ماڻهو آهي ۽ سندس دل انهيءَ مزدوريءَ ۾ لڳل رهي ٿي. ائين نہ ٿئي جو هو اوهان جي خلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري ۽ اهو اوهان جي لاءِ گناهہ ٿي پوي.
16 # 2.با 14‏:6، 2.توا 25‏:4، حز 18‏:20 اولاد جي بدلي والدين کي موت جي سزا نہ ڏني وڃي، نڪي والدين جي بدلي اولاد کي. هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ئي گناهہ لاءِ موت جي سزا ڏني وڃي.
17 # خر 23‏:9، لاو 19‏:33‏-34، شر 27‏:19 اوهين ڪنهن يتيم يا پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي سان ناحق نہ ڪجو، نڪي ڪنهن رن‌زال جا ڪپڙا گروي رکجو. 18ياد ڪريو، تہ اوهين پاڻ مصر ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اتان ڇڏايو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.
19 # لاو 19‏:9‏-10، 23‏:22 جڏهن فصل لڻڻ وقت اوهان کان پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪا سٿري رهجي ويئي هجي، تڏهن اها کڻڻ لاءِ موٽي نہ وڃجو، اها يتيمن، رنن‌زالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيئي رهي. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهن سڀني ڪمن ۾ برڪت عطا ڪندو، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا. 20جڏهن اوهين پنهنجي زيتونن جي وڻن کي ڇاڻيو، تڏهن جيڪو ميوو ٽارين ۾ رهجي وڃي انهيءَ کي ٻيهر نہ ڇاڻجو، بلڪ اهو يتيمن، رنن‌زالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيو رهي. 21جڏهن اوهين پنهنجي انگورن جي باغ مان انگور گڏ ڪريو، تڏهن جيڪي رهجي وڃن سي ٻيهر نہ چونڊجو. اهي يتيمن، رنن‌زالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيا رهن. 22ياد ڪريو، تہ اوهين مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا، تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in