YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 25

25
1جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪو جھيڙو جھڳڙو ٿئي تہ اهي عدالت ۾ اچن ۽ جج انهن جو انصاف ڪن. ججن کي گھرجي تہ هو سچار کي بي‌گناهہ قرار ڏين ۽ گنهگار کي سزا ڏين. 2جيڪڏهن اهو گنهگار ڦٽڪن کائڻ جي لائق هجي تہ انهيءَ کي زمين تي سمهاري، جج پنهنجي روبرو سندس گناهہ مطابق کيس ڳڻي ڦٽڪا هڻائي. 3#2.ڪر 11‏:24 هو کيس وڌ ۾ وڌ چاليهہ ڦٽڪا هڻائي، انهن کان وڌيڪ نہ، متان انهن کان وڌيڪ ڦٽڪا کائڻ ڪري اوهان جو هم‌قوم ماڻهو اوهان جي آڏو حقير ڏسڻ ۾ اچي.
4 # 1.ڪر 9‏:9، 1.تيم 5‏:18 جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“
رن‌زال ڀاڄائيءَ جو حق ادا ڪرڻ
5 # مت 22‏:24، مر 12‏:19، لو 20‏:28 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن ۽ انهن مان هڪڙو ري‌پٽيتو مري وڃي، تہ فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان وڃي نہ پرڻجي، بلڪ سندس مڙس جو ڀاءُ وٽس وڃي ۽ کيس پنهنجي زال ڪري. ائين هو پنهنجي ڏير هئڻ جو فرض ادا ڪري. 6پوءِ ان مان جيڪو پهريون پٽ ڄمندو سو سندس فوتيءَ ڀاءُ جو سمجھيو ويندو، انهيءَ لاءِ تہ بني اسرائيل منجھان انهيءَ جو نالو ميٽجي نہ وڃي. 7#رُوت 4‏:7‏-8 پر جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجي ڀاڄائيءَ سان شادي ڪرڻ نہ چاهي، تہ سندس ڀاڄائي شهر جي در تي اڳواڻن وٽ وڃي ۽ کين چوي تہ ’منهنجو ڏير پنهنجي ڀاءُ جو نالو بني اسرائيل ۾ قائم رکڻ کان انڪار ٿو ڪري ۽ مون سان شادي ڪري ڏير جو فرض ادا ڪرڻ نہ ٿو گھري.‘ 8تڏهن شهر جا اڳواڻ انهيءَ ماڻهوءَ کي سڏائي ان بابت کيس سمجھائين. جيڪڏهن پوءِ بہ هو پنهنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهي ۽ چوي تہ ’آءٌ هن سان شادي ڪرڻ نہ ٿو چاهيان،‘ 9تہ پوءِ سندس ڀاڄائي اڳواڻن جي روبرو ان جي ويجھو اچي سندس پير مان پادر لاهي ۽ سندس منهن ۾ ٿڪ هڻي چوي تہ ’جيڪو پنهنجي ڀاءُ جو گھر آباد نہ ٿو ڪري تنهن سان ائين ئي ڪيو ويندو.‘ 10پوءِ بني اسرائيل ۾ انهيءَ ماڻهوءَ جو هي نالو پئجي ويندو، ’پادر لٿل ماڻهوءَ جو گھراڻو.‘“
ناجائز هلت چلت بابت قانون
11”جيڪڏهن ٻہ ماڻهو پاڻ ۾ وڙهندا هجن ۽ هڪڙي جي زال پنهنجي مڙس کي مارڻ واري جي هٿان ڇڏائڻ جي لاءِ ويجھو اچي هٿ ڊگھيري انهيءَ ماڻهوءَ جي مرداڻن عضون کي پڪڙي، 12تہ اوهين انهيءَ عورت جو هٿ وڍي ڇڏجو ۽ مٿس ڪوبہ قياس نہ ڪجو.
13 # لاو 19‏:35‏-36 اوهين پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هڪڙي ئي وزن جا ٻہ مختلف وٽ، يعني هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا نہ رکجو. 14اوهين پنهنجي گھر ۾ هڪڙيءَ ئي ماپ جا ٻہ مختلف ماپا، يعني هڪڙا ننڍا ۽ ٻيا وڏا نہ رکجو. 15بلڪ اوهين بلڪل پورا ۽ سچا وٽ ۽ ماپا رکجو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ اوهين گھڻي عرصي تائين رهو. 16جيڪي ماڻهو اهڙا بي‌ايمانيءَ جا ڪم ٿا ڪن، تن کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.“
عماليقين بابت حڪم
17 # خر 17‏:8‏-14، 1.سم 15‏:2‏-9 ”ياد ڪريو، جڏهن اوهين مصر مان نڪري آيا، تڏهن واٽ ۾ عماليقين اوهان سان ڇا ڇا ڪيو. 18هنن ڪيئن نہ واٽ تي اچي اوهان تي حملو ڪيو هو. جڏهن اوهين ٿڪل ۽ ماندا هئا، تڏهن ڪيئن نہ هنن پٺتي رهجي ويل ماڻهن کي اچي ماريو ۽ خدا جو ڪو خوف نہ ڪيائون. 19تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آس‌پاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in