شريعت جو دور 13:5-14
شريعت جو دور 13:5-14 SB
ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو. پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو مون خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي بہ اوهان وانگر آرام ملي.





