YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 5

5
ڏهن حڪمن کي دهرائڻ
(خروج 20‏:1‏-17)
1پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! جيڪي قاعدا قانون آءٌ اڄ اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي ٻڌو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اهي سکو ۽ انهن تي ضرور عمل ڪريو. 2خداوند اسان جي خدا سينا جبل وٽ اسان سان عهد ٻڌو. 3هن اهو عهد اسان جي ابن ڏاڏن سان نہ ٻڌو پر اسان سان ئي ٻڌائين، يعني اسين سڀ جيڪي اڄ هتي جيئرا آهيون. 4خداوند اوهان سان انهيءَ جبل تي باهہ جي وچ مان روبرو ڳالهايو. 5انهيءَ وقت آءٌ خداوند ۽ اوهان جي وچ ۾ بيٺو هئس، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو فرمان اوهان کي ٻڌايان، ڇو تہ اوهين باهہ جي ڪري ڊڄي ويا ۽ جبل تي نہ چڙهيا. تڏهن خداوند فرمايو تہ
6’آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو جتي اوهين غلام هئا.
7مون کان سواءِ اوهان جي لاءِ ٻيو ڪوبہ معبود نہ هجي.
8 # لاو 26‏:1، شر 4‏:15‏-18، 27‏:15 اوهين پنهنجي لاءِ ڪابہ تراشيل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙيو جيڪا آسمان ۾، زمين تي يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي. 9#خر 34‏:6‏-7، ڳا 14‏:18، شر 7‏:9‏-10 اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان. 10پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن ۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا آهن، تن تي هزارين پيڙهين تائين آءٌ پنهنجي لافاني شفقت ڪندو آهيان.
11 # لاو 19‏:12 اوهين منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا هر انهيءَ کي سزا ڏيندس جيڪو منهنجو نالو خراب مقصدن لاءِ استعمال ڪري ٿو.
12 # خر 16‏:23‏-30، 31‏:12‏-14 اوهين #5‏:12 سبت يعني آرام جو ڏينهن.سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو مون لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، جيئن مون خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. 13#خر 23‏:12، 31‏:15، 34‏:21، 35‏:2، لاو 23‏:3 ڇهہ ڏينهن اوهين محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪريو. 14پر ستون ڏينهن آرام جو ڏينهن آهي، جيڪو مون خداوند اوهان جي خدا لاءِ وقف ٿيل آهي. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪري، نہ اوهين، نہ اوهان جو پٽ، نہ اوهان جي ڌيءَ، نہ اوهان جو ٻانهو، نہ اوهان جي ٻانهي، نہ اوهان جا ڍور ڍڳا ۽ نہ اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جي ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي بہ اوهان وانگر آرام ملي. 15ياد رکو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ مون خداوند اوهان جي خدا پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي اتان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري مون خداوند اوهان جي خدا سبت جي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اوهان کي حڪم ڏنو.
16 # شر 27‏:16، مت 15‏:14، 19‏:19، مر 7‏:10، 10‏:19، لو 18‏:20، اف 6‏:2 اوهين پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو، جيئن مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تہ جيئن انهيءَ ملڪ ۾ جيڪو آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيندس، اوهين وڏي عرصي تائين رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي.
17 # پيد 9‏:6، لاو 24‏:17، مت 5‏:21، 19‏:18، مر 10‏:19، لو 18‏:20، رو 13‏:9، يع 2‏:11 اوهين خون نہ ڪريو.
18 # لاو 20‏:10، مت 5‏:27، 19‏:18، مر 10‏:19، لو 18‏:20، رو 13‏:9، يع 2‏:11 اوهين زنا نہ ڪريو.
19 # لاو 19‏:11، مت 19‏:18، مر 10‏:19، لو 18‏:20، رو 13‏:9 اوهين چوري نہ ڪريو.
20 # خر 23‏:1، مت 19‏:18، مر 10‏:19، لو 18‏:20 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڏيو.
21 # رو 7‏:7، 13‏:9 اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس گھر جي، نڪي سندس ٻنيءَ، سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نہ وري پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.‘
22 # عبر 12‏:18‏-19 اهي ئي ڳالهيون خداوند انهيءَ جبل وٽ باهہ، ڪڪر ۽ انڌوڪار جي وچ مان اوهان جي سڄيءَ قوم کي وڏي آواز سان ٻڌايون. انهيءَ کان سواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين چيو. اهي ئي ڳالهيون هن پٿر جي ٻن تختين تي لکي مون کي ڏنيون.“
ماڻهن جو ڊڄڻ
(خروج 20‏:18‏-21)
23موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهان انڌوڪار جي وچ مان آواز ٻڌو ۽ جبل کي باهہ سان ٻرندي ڏٺو، تڏهن اوهان جي قبيلن جا سردار ۽ اوهان جا اڳواڻ مون وٽ آيا. 24انهن چيو تہ ’خداوند اسان جي خدا پنهنجو جلال ۽ پنهنجي عظمت اسان کي ڏيکاري آهي. اسان هن جو آواز باهہ جي وچ مان ٻڌو آهي. اڄ اسان ڏٺو تہ خدا انسان سان ڳالهايو تہ بہ انسان جيئرو رهيو. 25پر اسين ڇو پنهنجي جان جوکي ۾ وجھون؟ اها وڏي باهہ اسان کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي. جيڪڏهن اسان وري خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو تہ اسين پڪ مري وينداسين. 26ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟ 27اي موسيٰ! توهان ئي ويجھو وڃونس ۽ جيڪي ڪجھہ خداوند اسان جو خدا چوي سو ٻڌو. پوءِ موٽي اچي اسان کي ٻڌايو تہ هن ڇا چيو. اسين اهو ٻڌي انهيءَ تي عمل ڪنداسين.‘
28جڏهن خداوند اوهان جو اهو ڳالهائڻ ٻڌو، تڏهن مون کي چيائين تہ ’هنن ماڻهن جيڪي تو سان ڳالهايو سو مون ٻڌو آهي. هنن جو چوڻ درست آهي. 29شل هنن ۾ هميشہ اهڙي دل هجي، جو هو منهنجو خوف ڪندا رهن ۽ منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهن، تہ هنن جو ۽ سندن اولاد جو هميشہ ڀلو ٿئي. 30سو تون وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ اهي پنهنجن خيمن ڏانهن موٽي وڃن. 31پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ. آءٌ تو کي اهي سڀ حڪم ۽ قاعدا قانون ٻڌائيندس جيڪي تون انهن کي سيکار، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان تنهن ۾ هو انهن تي عمل ڪن.‘
32تنهنڪري خداوند اوهان جي خدا اوهان کي جيڪو حڪم ڏنو آهي، تنهن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو ۽ گمراهہ نہ ٿجو. 33جنهن رستي جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين جيئرا رهو ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ ايندو تنهن ۾ اوهين وڏي عرصي تائين رهو.“

Currently Selected:

شريعت جو دور 5: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in