6
فرمانبرداريءَ جو ڦل
1موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهي حڪم ۽ قاعدا قانون هي آهن، جن تي اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪرڻو آهي جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو. اوهان کي انهن جي سيکارڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي، 2انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو. 3تنهنڪري اي بني اسرائيل! ٻڌو ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهيءَ ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.“
سڀني کان وڏو حڪم
4 #
مر 12:29
”اي بني اسرائيل! ياد رکو، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي. 5#مت 22:37، مر 12:30، لو 10:27 سو اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان ۽ پنهنجي پوريءَ طاقت سان پيار ڪريو. 6#شر 11:18-20 هي ڳالهيون جن جو آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، سي اوهان کان ڪڏهن بہ نہ وسرن. 7اهي اوهين پنهنجي اولاد کي سيکاريو. گھر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اٿندي انهن جو ذڪر ڪندا رهو. 8انهن کي اوهين يادگيريءَ لاءِ پنهنجين ٻانهن تي ٻڌي ڇڏيو ۽ پنهنجي نرڙ تي ٽڪي وانگر هڻي ڇڏيو. 9انهن کي پنهنجي گھر جي دروازن جي ٻانهين تي ۽ ٻاهرين دروازن تي لکي ڇڏيو.
10 #
پيد 12:7، 26:3، 28:13 جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن بابت هن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هو تہ هو اوهان کي اهي وڏا ۽ سهڻا شهر ڏيندو، جيڪي اوهان نہ جوڙيا آهن. 11هو اوهان کي سڀني چڱين شين سان ڀريل گھر، جيڪي اوهان نہ ڀريا آهن، اهي کوٽيل حوض، جيڪي اوهان نہ کوٽيا آهن، اُهي انگورن جا باغ ۽ زيتون جا وڻ، جيڪي اوهان نہ پوکيا آهن، سي ڏيندو. جڏهن اوهين اهي کائي ڍءُ ڪريو، 12تڏهن خبردار ٿجو، متان پنهنجي خداوند کي وساري ڇڏيو، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، جتي اوهين غلام هئا. 13#مت 4:10، لو 4:8 بلڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، انهيءَ جي ئي عبادت ڪجو ۽ انهيءَ جي ئي نالي جو قسم کڻجو. 14جيڪي قومون اوهان جي آسپاس رهنديون هونديون، تن جي معبودن جي پٺيان نہ لڳجو، 15ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا، جو اوهان جي وچ ۾ آهي سو غيرت وارو خدا آهي. ائين نہ ٿئي جو خداوند اوهان جو خدا اوهان تي ڪاوڙجي ۽ اوهان کي دنيا مان بلڪل برباد ڪري ڇڏي.
16 #
خر 17:1-7، مت 4:7، لو 4:12 اوهين خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائجو، جيئن اوهان کيس مساہ ۾ آزمايو هو. 17اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ۽ قاعدا قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي سختيءَ سان عمل ڪندا رهجو. 18اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تنهن ۾ وڃي مٿس پنهنجو قبضو ڪريو. 19ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جي سڀني دشمنن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.
20ايندڙ زماني ۾ جڏهن اوهان جا ٻار اوهان کان پڇن تہ ’هي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ڏنا آهن، تن جو مطلب ڇا آهي؟‘ 21تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’جڏهن اسين مصر ۾ #6:21 فرعون هي مصر ملڪ جي بادشاهن جو لقب هو. وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“ فرعون جا غلام هئاسين تہ خداوند پنهنجي زورآور هٿ سان اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو. 22خداوند اسان جي اکين اڳيان مصرين، فرعون ۽ سندس سڄي حويليءَ جي خلاف وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ۽ معجزا ڪري ڏيکاريا. 23هو اسان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ بابت هن اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ اسان کي پهچائي ۽ اهو ملڪ اسان کي عطا ڪري. 24سو خداوند اسان کي حڪم ڏنو تہ اسين انهن سڀني قانونن تي عمل ڪريون ۽ خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهون، تہ هميشہ اسان جو ڀلو ٿئي ۽ هو اسان کي اڄوڪي ڏينهن وانگر جيئرو رکي. 25سو جيڪڏهن اسين سندس حڪم مطابق خبرداريءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهن سڀني حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ اها اسان جي لاءِ سچائي ليکي ويندي.‘“