YouVersion Logo
Search Icon

شريعت جو دور 1:6-2

شريعت جو دور 1:6-2 SB

موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”اهي حڪم ۽ قاعدا قانون هي آهن، جن تي اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ عمل ڪرڻو آهي جنهن تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين اردن درياءَ جي پار ٿا وڃو. اوهان کي انهن جي سيکارڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا مون کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين پنهنجن ٻارن ۽ ٻارن جي ٻارن سوڌو خداوند پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهو. هن جي سڀني قانونن ۽ حڪمن، جن جو آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان، تن تي پنهنجي سڄي عمر عمل ڪريو تہ اوهين اتي گھڻي عرصي تائين رهو.