YouVersion Logo
Search Icon

خروج 35

35
سبت لاءِ قاعدا
1پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي سڄي قوم کي گڏ ڪري کين چيو تہ ”جن ڳالهين جي ڪرڻ جو خداوند حڪم ڏنو آهي سي هي آهن تہ 2#خر 20‏:8‏-11، 23‏:12، 31‏:15، 34‏:21، لاو 23‏:3، شر 5‏:12‏-14 ڇهہ ڏينهن اوهين پنهنجو ڪم ڪار ڪريو. پر ستون ڏينهن اوهان جي لاءِ پاڪ ڏينهن ٿيندو، ڇو تہ اهو آرام وارو ڏينهن خداوند لاءِ وقف ٿيل سبت آهي. جيڪو انهيءَ ڏينهن ڪو ڪم ڪندو سو ماريو ويندو. 3سبت جي ڏينهن اوهين پنهنجن گھرن ۾ باهہ نہ ٻارجو.“
مقدس خيمي لاءِ نذرانا
(خروج 25‏:1‏-9)
4 موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”جنهن ڳالهہ تي عمل ڪرڻ لاءِ خداوند حڪم ڏنو آهي سا هيءَ آهي تہ 5اوهين پنهنجي ملڪيت مان خداوند جي لاءِ نذرانو کڻي اچو. اوهان مان جيڪو بہ ماڻهو خداوند جي لاءِ نذرانو آڻي سو پنهنجي دل جي خوشي ۽ فراخدليءَ سان هي آڻي: سون، چاندي، پتل، 6آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا، سنهي وٽيل سڻيءَ جو ڪپڙو، ڏاس، 7گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ، 8ڏيئن لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل ۽ لوبان لاءِ خوشبودار مصالحا، 9مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر.
مقدس خيمي جو سامان
(خروج 39‏:32‏-43)
10اوهان ۾ جيڪي ڪاريگر ماڻهو آهن، سي سڀ اچي اهي شيون ٺاهين جن جو خداوند حڪم ڏنو آهي، 11يعني مقدس خيمو ۽ انهيءَ جو هي سامان: خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا ٻہ غلاف، انهيءَ جا ڪنڍا، فريم، گز، ٿنڀا ۽ پاوا، 12عهد واري صندوق ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، صندوق جو رحمت جو پوش ۽ مقدس ترين جاءِ جو پردو، 13ميز ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، انهيءَ جا سڀ ٿانوَ ۽ نذراني وارا روٽ، 14روشنيءَ لاءِ شمعدان، انهيءَ جا ٿانوَ، انهيءَ جا ڏيئا ۽ ڏيئن ٻارڻ لاءِ تيل، 15لوبان ساڙڻ واري قربان‌گاهہ ۽ انهيءَ جون ٻانهيون، مسح ڪرڻ جو تيل، خوشبودار لوبان ۽ مقدس جاءِ جي دروازي جو پردو، 16ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ قربان‌گاهہ، انهيءَ لاءِ پتل جو آتشدان ۽ ان جون ٻانهيون، ان جا سڀ ٿانوَ، حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙي، 17اڱڻ جي قنات ۽ انهيءَ جا ٿنڀا پاون سميت ۽ اڱڻ جي دروازي جو پردو، 18مقدس خيمي ۽ سندس اڱڻ جي قناتن لاءِ ڪليون ۽ انهن جا رسا، 19مقدس جاءِ ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدا ٺاهيل ڪپڙا، يعني هارون ڪاهن لاءِ خاص پوشاڪ ۽ سندس پٽن لاءِ خاص پوشاڪون، تہ جيئن اهي ڪاهن بڻجي خدمت ڪن.“
ماڻهن جو نذرانا آڻڻ
20پوءِ سڀيئي ماڻهو موسيٰ وٽان هليا ويا. 21انهن مان جن جي دلين کين شوق ڏياريو سي خدا سان ملاقات واري خيمي جي ڪم لاءِ، انهيءَ جي هر قسم جي خدمت لاءِ ۽ ڪاهنن جي خاص پوشاڪن لاءِ خداوند جي حضور ۾ نذرانو کڻي آيا. 22انهن مان مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي ڳچيءَ ۽ ڪنن جا زيور، منڊيون، ڪنگڻ ۽ سڀ سون جا زيور کڻي آيا، مطلب تہ جيڪي آيا سي سڀ خداوند جي لاءِ سون جو نذرانو کڻي آيا. 23جن ماڻهن وٽ آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو يا سنهي سڻيءَ جو ڪپڙو، ٻڪرين جي ڏاس، گھٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون يا ڊالفن دريائي جانور جون کلون هيون، سي اهي کڻي آيا. 24جيڪي ماڻهو نذراني ۾ چاندي ۽ پتل ڏئي ٿي سگھيا، سي خداوند لاءِ اهي ئي نذرانو کڻي آيا. جن وٽ ڪم اچڻ جهڙو ٻٻر جو ڪاٺ هو سي اهو کڻي آيا. 25جيڪي عورتون هنرمند هيون سي پنهنجن هٿن سان آسماني، واڱڻائي يا لال ڳاڙهي رنگ جو سٽ، سنهي سڻي 26۽ ٻڪرين جي ڏاس ڪتي تيار ڪري کڻي آيون. 27جيڪي اڳواڻ هئا سي مذهبي فراڪ ۽ سينابند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پٿر ۽ هيرا جواهر کڻي آيا. 28انهن روشنيءَ ۽ مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ مسح ڪرڻ جي تيل لاءِ ۽ خوشبودار لوبان لاءِ مصالحا بہ آندا. 29اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي سڀني مردن ۽ عورتن، جن جي دل چاهيو سي پنهنجي خوشيءَ سان خداوند جي لاءِ، انهن ڪمن واسطي نذرانو کڻي آيا، جن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
مقدس خيمي لاءِ ڪاريگر
(خروج 31‏:1‏-11)
30 موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”ياد رکو، خداوند يهوداہ قبيلي مان اوريءَ جي پٽ ۽ حور جي پوٽي بصل‌ايل کي چونڊيو آهي. 31انهيءَ کي دانائيءَ، سمجھہ، علم ۽ هر قسم جي ڪاريگريءَ ۾ خدا جي روح سان ڀرپور ڪري ڇڏيو آهي، 32انهيءَ لاءِ تہ هو ڪاريگريءَ جا ڪم رٿي ۽ سون، چانديءَ ۽ پتل جون شيون ٺاهي، 33هيرن جواهرن کي جڙڻ لاءِ گھڙي تيار ڪري ۽ ڪاٺ کي اُڪري. مطلب تہ هو هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري. 34خداوند هن کي ۽ دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي هنر سيکارڻ جي قابليت عطا ڪئي آهي. 35هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.

Currently Selected:

خروج 35: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in