YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 22

22
ابراهيم جو اسحاق کي قربان ڪرڻ
1 # عبر 11‏:17‏-19 ڪجھہ وقت کان پوءِ خدا ابراهيم جي آزمائش ورتي. کيس سڏ ڪيائين تہ ”اي ابراهيم!“ ابراهيم جواب ڏنو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 2#2.توا 3‏:1 خدا چيس تہ ”تون پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ اسحاق، جيڪو تو کي گھڻو پيارو آهي تنهن کي وٺي مورياہ جي علائقي ۾ وڃ. اتي جيڪو جبل آءٌ تو کي ڏيکاريان، تنهن تي هن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪر.“ 3ٻئي ڏينهن صبح جو ساجھر ابراهيم قربانيءَ جي ساڙڻ لاءِ ڪاٺيون وڍي گڏهہ تي لڏيون. پوءِ پنهنجا ٻہ نوڪر ۽ پنهنجي پٽ اسحاق کي پاڻ سان وٺي انهيءَ هنڌ ڏانهن روانو ٿيو جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس.
4ٽئين ڏينهن ابراهيم پري کان اهو هنڌ ڏٺو. 5پوءِ هن پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ ”اوهين هتي گڏهہ وٽ ترسو. آءٌ ۽ هي ڇوڪر هُتي عبادت ڪرڻ ٿا وڃون ۽ پوءِ اوهان وٽ موٽي اينداسين.“ 6ابراهيم قربانيءَ جون ڪاٺيون اسحاق کي کڻايون ۽ پاڻ ڪاتي ۽ باهہ ٻارڻ لاءِ ٽانڊا کنيائين، پوءِ ٻيئي گڏجي روانا ٿيا. 7تڏهن اسحاق پيءُ کي چيو تہ ”اي بابا!“ هن جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ.“ اسحاق پڇيس تہ ”ٽانڊا ۽ ڪاٺيون تہ اوهان وٽ آهن پر ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو ڪٿي آهي؟“ 8ابراهيم جواب ڏنو تہ ”خدا پاڻيهي ساڙڻ واري قربانيءَ جي لاءِ گھيٽو موجود ڪري ڏيندو.“ سو ٻيئي گڏجي هلندا ويا. 9#يع 2‏:21 جڏهن هو انهيءَ جاءِ تي آيا جنهن جو خدا ڏس ڏنو هئس، تڏهن ابراهيم اتي هڪڙي قربان‌گاهہ ٺاهي ۽ ان جي مٿان ڪاٺيون ٺاهي رکيائين. ان بعد پنهنجي پٽ اسحاق کي ٻڌي قربان‌گاهہ تي ڪاٺين جي مٿان رکيائين. 10پوءِ هن هٿ ڊگھيري پنهنجي پٽ کي ڪهڻ لاءِ ڪاتي کنئي. 11تڏهن خداوند ملائڪ جي وسيلي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ”ابراهيم! اي ابراهيم!“ هن وراڻيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.“ 12خداوند چيس تہ ”ڇوڪر کي زخم نہ رساءِ ۽ ڪجھہ بہ نہ ڪرينس. هاڻ مون کي خبر پئي تہ مون خدا جو تون خوف رکين ٿو، ڇو تہ تو پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو آهي.“
13تڏهن ابراهيم اکيون کڻي آس‌پاس نهاريو تہ هڪڙو گھيٽو ڏٺائين، جنهن جا سڱ هڪڙي ٻوڙي ۾ ڦاٿل هئا. ابراهيم وڃي اهو گھيٽو پڪڙيو ۽ آڻي پنهنجي پٽ جي بدران گھيٽي جي ساڙڻ واري قرباني ڪيائين. 14ابراهيم انهيءَ جاءِ جو نالو رکيو، ”خداوند موجود ڪري ڏئي ٿو.“ سو اڄ ڏينهن تائين اهو چوڻ ۾ اچي ٿو تہ ”خداوند پنهنجي جبل تي موجود ڪري ڏئي ٿو.“
15 خداوند ٻيو ڀيرو ملائڪ جي وسيلي آسمان مان ابراهيم کي سڏي چيو تہ 16#عبر 6‏:13‏-14 ”آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تو کي برڪت مٿان برڪت ڏيندس، ڇو تہ تو هي ڪم ڪيو جو پنهنجو پٽ يعني پنهنجو سڪيلڌو پٽ بہ مون کان وانجھي نہ رکيو. 17#عبر 11‏:12 سو آءٌ واعدو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو کي ايترو تہ گھڻو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن، يا جيترا سمنڊ جي ڪناري جي واريءَ جا ذرڙا آهن. تنهنجو اولاد پنهنجي دشمنن تي فتح حاصل ڪندو. 18#رس 3‏:25 دنيا جون سموريون قومون تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت حاصل ڪنديون، ڇو تہ تو منهنجو چيو مڃيو آهي.“ 19پوءِ ابراهيم موٽي پنهنجي نوڪرن وٽ آيو، تڏهن اُهي اُٿي روانا ٿيا ۽ گڏجي بيرسبع ۾ آيا. ابراهيم بيرسبع ۾ ئي رهڻ لڳو.
نحور جو اولاد
20ڪجھہ وقت کان پوءِ ابراهيم کي خبر پيئي تہ سندس ڀاءُ نحور کي مِلڪاہ مان پٽ ٿيا هئا: 21عُوض هن جو پهريتو پٽ، بُوز، قمو‌ايل جيڪو ارام جو پيءُ آهي، 22ڪسد، حضو، فلداس، يدِلاف ۽ بيتوايل 23جنهن کي ربقہ ڄائي. اهي اٺ پٽ مِلڪاہ کي ابراهيم جي ڀاءُ نحور مان ٿيا. 24تنهن کان سواءِ نحور جي ويهاريل زال روماہ کي بہ منجھانئس طِبح، جاحم، تخس ۽ معڪاہ نالي پٽ ڄاوا.

Currently Selected:

پيدائش 22: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in