26
اسحاق جو جرار ۾ رهڻ
1اڳيون ڏڪار جيڪو ابراهيم جي وقت ۾ پيو هو تنهن کان سواءِ ٻيو بہ ڏڪار اچي ملڪ ۾ پيو. سو اسحاق فلستين جي بادشاهہ ابيملڪ وٽ جرار ۾ ويو. 2خداوند اسحاق کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”مصر ڏانهن نہ وڃ پر جنهن ملڪ لاءِ آءٌ تو کي چوان انهيءَ ۾ رهہ. 3#پيد 22:16-18 تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس. 4آءٌ تو کي ايترو اولاد ڏيندس جيترا آسمان ۾ تارا آهن. آءٌ هي سڄو ملڪ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي. 5انهيءَ جو سبب هي آهي جو ابراهيم منهنجي فرمانبرداري ڪئي هئي ۽ منهنجي هدايتن ۽ سڀني حڪمن تي عمل ڪيو هئائين.“
6سو اسحاق جرار ۾ رهڻ لڳو. 7#پيد 12:13، 20:2 جڏهن اتي جي ماڻهن کانئس سندس زال جي باري ۾ پڇا ڪئي تہ چيائين تہ ”اها منهنجي ڀيڻ آهي.“ هن انهيءَ کي پنهنجي زال نہ چيو، ڇو تہ هو ڊنو ٿي تہ ”متان اتي جا ماڻهو ربقہ کي هٿ ڪرڻ خاطر مون کي ماري وجھن،“ ڇاڪاڻ تہ هوءَ تمام سهڻي هئي. 8جڏهن اسحاق کي اتي رهندي گھڻو وقت ٿي ويو تہ پوءِ هڪ ڏينهن ابيملڪ بادشاهہ پنهنجي دريءَ مان ٻاهر هيٺ نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ اسحاق ربقہ سان پيار پئي ڪيو. 9تنهن تي ابيملڪ اسحاق کي گھرايو ۽ چيائينس تہ ”هوءَ تہ تنهنجي زال آهي! پوءِ تو ڪيئن ٿي چيو تہ اها منهنجي ڀيڻ آهي؟“ اسحاق ورندي ڏني تہ ”مون سمجھيو ٿي تہ زال چوڻ سان متان مون کي ماريو وڃي.“ 10ابيملڪ چيو تہ ”تو اسان سان هي ڇا ڪيو؟ ائين تہ آسانيءَ سان هنن ماڻهن مان ڪوبہ تنهنجيءَ زال سان صحبت ڪري سگھي ها ۽ پوءِ تون اسان کي ڏوهاري بڻائي ڇڏين ها.“ 11ان کان پوءِ ابيملڪ سڀني ماڻهن کي خبردار ڪيو تہ ”جيڪو بہ هن ماڻهوءَ يا سندس زال کي هٿ لائيندو سو ضرور ماريو ويندو.“
12 اسحاق انهيءَ علائقي ۾ پوک ڪئي ۽ ساڳي ئي سال سؤڻي پيدائش ٿيس، ڇاڪاڻ تہ خداوند کيس برڪت ڏني. 13هو شاهوڪار ٿي پيو. سندس دولت وڌندي ويئي تان جو هو وڏو امير ٿي پيو. 14هو گھڻين ئي رڍن ٻڪرين، ڍورن ڍڳن ۽ نوڪرن جو مالڪ ٿي ويو، تنهنڪري فلستي ساڻس حسد ڪرڻ لڳا. 15سو جيڪي کوهہ سندس پيءُ ابراهيم جي جيئري، ابراهيم جي نوڪرن کوٽيا هئا سي سڀ فلستين مٽيءَ سان ڀري بند ڪري ڇڏيا. 16پوءِ ابيملڪ اسحاق کي چيو تہ ”اسان وٽان هليو وڃ، ڇو تہ تون اسان کان وڌيڪ زور وارو ٿي پيو آهين.“ 17سو اسحاق اتان نڪتو ۽ جرار جي برساتي نهر وٽ پهچي اتي پنهنجا تنبو کوڙي رهي پيو.
کوهن تان جھيڙو
18هن وري اهي کوهہ کوٽايا جيڪي سندس پيءُ ابراهيم جي ڏينهن ۾ کوٽيا ويا هئا ۽ جيڪي فلستين ابراهيم جي مرڻ کان پوءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. اسحاق انهن کوهن تي ساڳيا ئي نالا رکيا جيڪي پڻس رکيا هئا. 19اسحاق جي نوڪرن انهيءَ برساتي نهر ۾ کوٽائي پئي ڪئي تہ کين اتان هڪ وهندڙ پاڻيءَ جو چشمو مليو. 20جرار شهر جي ڌنارن اسحاق جي ڌنارن سان جھيڙو ڪيو ۽ چيائون تہ ”هيءُ پاڻي اسان جو آهي.“ سو اسحاق کوهہ جو نالو ”جھيڙو“ رکيو. 21پوءِ اسحاق جي نوڪرن هڪ ٻيو کوهہ کوٽيو ۽ انهيءَ تان بہ جھيڙو ٿي پيو، سو هن انهيءَ جو نالو ”دشمني“ رکيو. 22پوءِ هو اتان وڌي اڳتي ويو ۽ هڪڙو ٻيو کوهہ کوٽايائين، جنهن تي ڪوبہ جھيڙو ڪونہ ٿيو. سو هن انهيءَ جو نالو ”ڪشاديون جايون“ رکيو ۽ چيائين تہ ”هاڻ خداوند اسان کي رهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ڏني آهي. سو اسين هن ڌرتيءَ تي وڌندا ويجھنداسين.“
خداوند جو اسحاق سان عهد
23اتان اسحاق بيرسبع ڏانهن ويو، 24جتي انهيءَ ئي رات خداوند کيس ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ
”آءٌ تنهنجي پيءُ ابراهيم جو خدا آهيان،
تون بلڪل نہ ڊڄ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان.
آءٌ پنهنجي ٻانهي ابراهيم سان ٻڌل عهد جي ڪري،
تو کي برڪت عطا ڪندس ۽ تنهنجو نسل گھڻو وڌائيندس.“
25پوءِ اسحاق اتي هڪڙي قربانگاهہ ٺاهي ۽ خداوند جي عبادت ڪئي. اتي هن پنهنجا تنبو کوڙيا ۽ پنهنجي نوڪرن کان هڪڙو کوهہ کوٽايائين.
اسحاق ۽ ابيملڪ جي وچ ۾ عهد
26 #
پيد 21:22
ابيملڪ جرار مان پنهنجي صلاحڪار احوزت ۽ پنهنجي فوج جي سپهہسالار فيڪل سان گڏجي اسحاق سان ملڻ لاءِ آيو. 27اسحاق کانئن پڇيو تہ ”اوهين مون وٽ ڇو آيا آهيو؟ جڏهن تہ اوهين منهنجي خلاف هئا ۽ مون کي پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو هُيئہَ.“ 28تنهن تي هنن وراڻيو تہ ”هاڻي اسان چٽيءَ طرح ڏٺو آهي تہ خداوند تو ساڻ آهي، سو اسان جو خيال آهي تہ تون ۽ اسان قسم تي عهد ڪريون. اچ تہ معاهدو ڪريون، 29تہ تون اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچائيندين، جيئن اسان تو کي هٿ بہ نہ لاتو هو. اسان تو سان نيڪيءَ کان سواءِ ٻيو ڪي بہ ڪين ڪيو هو ۽ تو کي صحيح سلامت روانو ڪيو هو. هاڻي اسين ڄاڻون ٿا تہ تون خداوند جو ڀلارو انسان آهين.“ 30پوءِ اسحاق سندن مهماني ڪئي ۽ هنن کاڌو پيتو. 31صبح جو سوير اُٿي هنن هڪٻئي سان قسم کنيو. پوءِ اسحاق کين موڪل ڏني ۽ هو صحيح سلامت وٽانئس روانا ٿيا.
32انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اسحاق جي نوڪرن اچي کيس ٻڌايو تہ ”جيڪو کوهہ اسان کوٽيو هو تنهن مان پاڻي نڪتو آهي.“ 33تنهن تي هن انهيءَ کوهہ جو نالو ”قسم“ رکيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين انهيءَ شهر جو نالو #26:33 بيرسبع عبراني ٻوليءَ ۾ هن لفظ جي معنيٰ آهي ”قسم وارو کوهہ“ يا ”ستن وارو کوهہ“ (ڏسو 21:31 پڻ).بيرسبع ٿو سڏجي.
عيسوءَ جون ڌاريون زالون
34جڏهن عيسو چاليهن سالن جو ٿيو، تڏهن حِتي قوم جي ٻن ڇوڪرين سان شادي ڪيائين، هڪڙي بيريءَ جي ڌيءَ يهوديت ۽ ٻي اَيلون جي ڌيءَ باسمت. 35انهن اسحاق ۽ ربقہ جي زندگي زهر ڪري ڇڏي.