27
يعقوب کي اسحاق جي دعا
1هاڻ اسحاق پوڙهو ٿي ويو هو ۽ اکين مان نظر بہ ڪونہ ٿي پيس. تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيائينس تہ ”پٽ!“ هن وراڻيس تہ ”جيءُ.“ 2اسحاق چيس تہ ”تون ڏسين ٿو تہ آءٌ ٻڍو ٿي ويو آهيان ۽ گھڻو وقت جيئرو ڪونہ رهندس. 3سو پنهنجو تيرڪمان کڻي جھنگ ڏانهن وڃ ۽ منهنجي لاءِ شڪار ڪري اچ. 4پوءِ منهنجي لاءِ لذيذ کاڌو تيار ڪر، جهڙو مون کي وڻندو آهي. اهو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ کاوان ۽ مرڻ کان اڳ ۾ دل سان تو کي دعا ڏيان.“
5جڏهن اسحاق پنهنجي پٽ عيسوءَ سان ڳالهايو پئي، تڏهن ربقہ ٻڌو پئي. سو جڏهن عيسو شڪار ڪرڻ لاءِ جھنگ ڏانهن ويو، 6تڏهن ربقہ پنهنجي پٽ يعقوب کي چيو تہ ”مون تنهنجي پيءُ کي تنهنجي ڀاءُ عيسوءَ سان هيءَ ڳالهہ چوندي ٻڌو آهي تہ 7’منهنجي لاءِ شڪار آڻ ۽ مون لاءِ لذيذ کاڌو تيار ڪر تہ اهو آءٌ کاوان ۽ مرڻ کان اڳ ۾ خداوند جي حضور ۾ آءٌ دل سان تو کي دعا ڏيان.‘ 8تنهنڪري پٽ! ڪن ڏيئي ٻڌ، هاڻ جيئن آءٌ تو کي چوان تيئن ڪر. 9هينئر ئي ڌڻ ۾ وڃ ۽ ان منجھان مون کي ٻہ سٺا ڇيلا آڻي ڏي تہ انهن مان آءٌ تنهنجي پيءُ لاءِ اهڙو لذيذ کاڌو تيار ڪريان جهڙو کيس وڻندو آهي. 10پوءِ تون اهو وٽس کڻي وڃ تہ هو کائي ۽ مرڻ کان اڳ ۾ تو کي دعا ڏئي.“ 11پر يعقوب پنهنجي ماءُ کي چيو تہ ”توهان کي تہ خبر آهي تہ منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي بدن تي وار آهن ۽ منهنجو بدن لسو آهي. 12شايد منهنجو پيءُ مون کي هٿ لائي ڏسي ۽ خبر پئجي وڃيس تہ آءٌ ساڻس ٺڳي ٿو ڪريان، تہ پوءِ اهڙيءَ طرح آءٌ دعا جي عيوض پاڻ تي بددعا آڻيندس.“ 13ماڻس ورندي ڏنس تہ ”پٽ، تو تي پوڻ واري بددعا ڀلي مون تي پوي. تون رڳو منهنجي ڳالهہ مڃ ۽ وڃي ڇيلا مون کي آڻي ڏي.“ 14پوءِ يعقوب ويو ۽ اهي آڻي پنهنجيءَ ماءُ کي ڏنائين. سندس ماءُ اهڙو ئي کاڌو پچايو جهڙو پڻس کي وڻندو هو. 15پوءِ ربقہ پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ جا عمدا ڪپڙا جيڪي وٽس گھر ۾ رکيل هئا سي پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي پارايا. 16هن سندس ٻانهن ۽ ڪنڌ جي لسي هنڌ کي ڇيلن جي کلن سان ڍڪي ڇڏيو. 17پوءِ اهو لذيذ کاڌو ۽ ماني جيڪا هن پچائي هئي سا يعقوب جي هٿ ۾ ڏنائين.
18سو يعقوب پنهنجي پيءُ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ ”بابا!“ اسحاق جواب ڏنس تہ ”جيءُ پٽ، تون ڪهڙو آهين؟“ 19يعقوب وراڻيو تہ ”آءٌ توهان جو وڏو پٽ عيسو آهيان. جيئن توهان مون کي چيو هو تيئن مون ڪيو آهي. مهرباني ڪري اُٿي ويهو ۽ مون جيڪو شڪار آندو آهي تنهن مان ڪجھہ کائو تہ جيئن مون کي دل سان دعا ڏيو.“ 20اسحاق يعقوب کان پڇيو تہ ”پٽ! اهو تو کي ايترو جلدي ڪيئن هٿ آيو؟“ يعقوب وراڻيو تہ ”خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن منهنجي مدد ڪئي.“ 21پوءِ اسحاق يعقوب کي چيو تہ ”پٽ! ويجھو اچ تہ آءٌ تو کي هٿ لائي ڏسان تہ تون برابر عيسو آهين يا نہ؟“ 22تڏهن يعقوب پنهنجي پيءُ جي ويجھو ويو. هن کيس هٿ لائي چيو تہ ”آواز تہ يعقوب جهڙو آهي پر هٿ عيسوءَ جهڙا آهن.“ 23هو يعقوب کي سڃاڻي نہ سگھيو، ڇاڪاڻ تہ هن جا هٿ سندس ڀاءُ عيسوءَ جي هٿن جهڙا وارن سان ڀريل هئا.
سو هن طرح اسحاق يعقوب کي دعا ڏني. 24هن کانئس پڇيو تہ ”ڇا تون سچ پچ عيسو آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”ها.“ 25تڏهن اسحاق چيس تہ ”کاڌو مون وٽ کڻي اچ تہ آءٌ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کاوان ۽ پوءِ دل سان تو کي دعا ڏيان.“ سو يعقوب اهو کيس ويجھو آڻي ڏنو، جيڪو هن کاڌو. هن پيئڻ لاءِ ڪجھہ مئي بہ آڻي ڏنس، جيڪا هن پيتي. 26پوءِ سندس پيءُ اسحاق چيس تہ ”پٽ! ويجھو اچي مون کي چمي ڏي.“ 27#عبر 11:20 يعقوب ويجھو اچي چمي ڏنس. تڏهن اسحاق کي سندس ڪپڙن جي خوشبوءِ آئي. سو کيس دعا ڏيئي چيائين تہ ”منهنجي پٽ جي خوشبوءِ انهيءَ ٻنيءَ جي خوشبوءِ جهڙي آهي جنهن کي خداوند برڪت ڏني آهي. 28شل خدا تو کي آسمان جي ماڪ، زمين جي زرخيزي، جھجھو اناج ۽ مئي ڏئي. 29#پيد 12:3 شل قومون تنهنجيون خدمتگار ٿين ۽ قبيلا تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائين. شل پنهنجي سڀني ڀائرن جو حاڪم ٿئين ۽ شل تنهنجي ماءُ جو اولاد تنهنجي اڳيان ڪنڌ جھڪائي. شل انهيءَ تي پِٽَ پوي جيڪو تو تي پِٽَ وجھي ۽ شل اهو ڀلارو ٿئي جيڪو تو لاءِ ڀلائي گھري.“
عيسوءَ جي منٿ
30 اسحاق يعقوب کي دعا ڏيئي بس ڪئي ۽ جيئن ئي يعقوب ٻاهر نڪري ويو، تہ عيسو شڪار تان موٽي آيو. 31هو بہ ڪجھہ لذيذ کاڌو تيار ڪري پنهنجي پيءُ وٽ کڻي آيو. پيءُ کي چيائين تہ ”ابا! اُٿي ويهو ۽ پنهنجي پٽ جي شڪار مان ڪجھہ کائو، تہ جيئن دل سان مون کي دعا ڏيو.“ 32سندس پيءُ اسحاق پڇيس تہ ”تون ڪير آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”آءٌ توهان جو وڏو پٽ عيسو آهيان.“ 33اسحاق کي ڏڪڻي وٺي ويئي. هو چوڻ لڳو تہ ”پوءِ اهو ڪير هو جيڪو شڪار ڪري مون وٽ کڻي آيو ۽ تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ اهو کائي کيس دعا ڏنم. هاڻي انهيءَ تي ئي هميشہ برڪت رهندي.“ 34جڏهن عيسوءَ پنهنجي پيءُ جا اهي لفظ ٻڌا تڏهن زاروزار روئڻ لڳو ۽ پيءُ کي چيائين تہ ”بابا! مون کي بہ دعا ڏيو.“ 35اسحاق وراڻيو تہ ”تنهنجي ڀاءُ اچي مون سان ٺڳي ڪئي ۽ تو واري دعا وٺي ويو.“ 36#پيد 25:29-34 تڏهن عيسوءَ چيو تہ ”ڇا هن جو نالو #27:36 يعقوب هي نالو عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ٺڳي ڪندڙ.“يعقوب ٺيڪ نہ رکيو ويو آهي؟ هن ٻيو ڀيرو مون سان ٺڳي ڪئي آهي. هن منهنجي پهريتي هئڻ جو حق ورتو ۽ هاڻ هو منهنجي دعا بہ وٺي ويو آهي.“ پوءِ چيائين تہ ”ڇا توهان منهنجي لاءِ ڪا دعا بچائي نہ رکي آهي؟“
37 اسحاق عيسوءَ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”ڏس، مون هن کي تنهنجو مالڪ مقرر ڪيو آهي ۽ سندس سمورا ڀائر کيس نوڪر ڪري ڏنا اٿم. هن کي اناج ۽ مئي بہ ڏني اٿم. هاڻي پٽ، آءٌ تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگھان؟“ 38#عبر 12:17 عيسوءَ پنهنجي پيءُ کي ليلائيندي چيو تہ ”بابا! توهان وٽ ڏيڻ لاءِ رڳو هڪڙي ئي دعا هئي ڇا؟ مون کي بہ دعا ڏيو بابا!“ ائين هو رڙيون ڪري روئڻ لڳو. 39#عبر 11:20 پوءِ سندس پيءُ اسحاق کيس چيو تہ ”زمين جي زرخيزي ۽ آسمان مان ڪرندڙ ماڪ کان پري تنهنجي رهڻ جي جاءِ هوندي. 40#پيد 36:8، 2.با 8:20 تون پنهنجي تلوار جي زور تي گذران ڪندين ۽ پنهنجي ڀاءُ جي خدمت ڪندين. پر جڏهن تنهنجي بيچيني وڌي ويندي تڏهن تون هن جي وس کان نڪري ويندين.“
41پوءِ عيسو يعقوب کان نفرت ڪرڻ لڳو، ڇاڪاڻ تہ سندس پيءُ هن کي دعا ڏني هئي. هن دل ۾ سوچيو تہ ”منهنجي پيءُ جي مرڻ جو وقت ويجھو آهي، تنهن کان پوءِ آءٌ پنهنجي ڀاءُ يعقوب کي قتل ڪندس.“ 42جڏهن ربقہ کي وڏي پٽ عيسوءَ جي رٿ جي خبر پيئي تڏهن پنهنجي ننڍي پٽ يعقوب کي گھرايائين ۽ چيائينس تہ ”ڳالهہ ٻڌ، تنهنجو ڀاءُ عيسو تو کي قتل ڪري پنهنجي دل ٺارڻ گھري ٿو. 43سو هاڻي پٽ، جيئن آءٌ تو کي چوان تيئن ڪر. هڪدم حاران ۾ منهنجي ڀاءُ لابن وٽ ڀڄي وڃ. 44ڪجھہ وقت انهيءَ وٽ وڃي رهہ، جيستائين تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ ڍري ٿئي. 45جڏهن تنهنجي ڀاءُ جي ڪاوڙ تو تان لهي ويندي ۽ تو جيڪي ڪجھہ ساڻس ڪيو آهي سو وسري ويندس، تہ پوءِ آءٌ تو کي اتان گھرائي وٺنديس. آءٌ اوهان ٻنهي کي هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ڇو وڃايان؟“
يعقوب جو لابن ڏانهن وڃڻ
46ربقہ اسحاق کي چيو تہ ”آءٌ عيسوءَ جي ڌارين زالن يعني حِتي قوم جي عورتن جي ڪري پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ ٿي پيئي آهيان. جيڪڏهن يعقوب بہ هن علائقي مان حِتي قوم جي ههڙين ڇوڪرين منجھان ڪنهن سان بہ شادي ڪئي تہ پوءِ منهنجو جيئڻ جنجال ٿي پوندو.“