YouVersion Logo
Search Icon

پيدائش 28

28
1سو اسحاق يعقوب کي گھرايو. کيس دعا ڪيائين ۽ تاڪيد ڪندي چيائينس تہ ”تون ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ. 2بلڪ هڪدم فدان‌ارام ۾ پنهنجي ناني بيتوايل جي گھر وڃ. اُتي پنهنجي مامي لابن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان شادي ڪجانءِ. 3شل قادرِمطلق خدا تو کي برڪت ڏئي، تو کي اولاد وارو ڪري ۽ وڌائي تہ جيئن اوهين گھڻن قبيلن واري قوم ٿي پئو! 4#پيد 17‏:4‏-8 شل هو ابراهيم واري برڪت تو کي ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي بہ ڏئي، تہ جيئن هيءُ ملڪ، جيڪو خدا ابراهيم کي ڏنو هو جنهن ۾ تون پرديسي ٿي پيو گذارين، سو تو کي ورثي ۾ ملي.“ 5سو اسحاق يعقوب کي فدان‌ارام ۾ رهندڙ لابن ڏانهن روانو ڪيو، جيڪو بيتوايل اراميءَ جو پٽ ۽ يعقوب ۽ عيسوءَ جي ماءُ ربقہ جو ڀاءُ هو.
عيسوءَ جي هڪڙي ٻي شادي
6عيسوءَ کي خبر پيئي تہ اسحاق يعقوب کي دعا ڪري فدان‌ارام ڏانهن شادي ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي. کيس اها بہ خبر پيئي تہ دعا ڪرڻ مهل اسحاق کيس تاڪيد ڪيو تہ ڪنهن بہ ڪنعاني ڇوڪريءَ سان شادي نہ ڪجانءِ. 7کيس معلوم ٿيو تہ يعقوب پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جو چيو مڃي فدان‌ارام ڏانهن هليو ويو آهي. 8تڏهن عيسوءَ سهي ڪري ورتو تہ ڪنعان جون ڇوڪريون منهنجي پيءُ اسحاق کي نہ ٿيون وڻن. 9سو عيسو ابراهيم جي پٽ اسماعيل وٽ ويو ۽ سندس ڌيءَ محلت، جيڪا نبايوت جي ڀيڻ هئي، تنهن سان شادي ڪري کيس پنهنجين زالن ۾ شامل ڪيائين.
بيت‌ايل ۾ يعقوب جو خواب
10 يعقوب بيرسبع مان نڪري حاران ڏانهن روانو ٿيو. 11هو سج لٿي جو هڪڙيءَ جاءِ تي پهتو ۽ رات اتي ئي رهي پيو. اتان هن هڪڙو پٿر کڻي وِهاڻو ڪيو ۽ انهيءَ ئي هنڌ ليٽي سمهي پيو. 12#يو 1‏:51 اتي هن هڪڙو خواب ڏٺو تہ هڪڙي ڏاڪڻ زمين تي اُڀي رکي آهي ۽ انهيءَ جي چوٽي آسمان سان وڃي لڳي آهي ۽ ڏٺائين تہ خدا جا ملائڪ انهيءَ تان پيا لهن ۽ چڙهن. 13#پيد 13‏:14‏-15 پوءِ ڏٺائين تہ خداوند #28‏:13 سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ڪن ترجمن ۾ لکيل آهي تہ ”سندس مٿان بيٺو آهي.“سندس ڀر ۾ بيٺو آهي ۽ چويس ٿو تہ ”آءٌ خداوند تنهنجي پيءُ ابراهيم ۽ اسحاق جو خدا آهيان. اها زمين جنهن تي تون سمهيو پيو آهين سا آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. 14#پيد 12‏:3، 22‏:18 اُهي ايترا تہ گھڻا ٿيندا جيترا زمين تي واريءَ جا ذرڙا آهن. اهي چئني طرفن ڏانهن پکڙجي ويندا ۽ دنيا جي سڀني قومن کي تنهنجي ۽ تنهنجي اولاد جي وسيلي برڪت ملندي. 15پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“ 16پوءِ يعقوب جي اک کُلي ويئي ۽ دل ۾ چيائين تہ ”سچ پچ، خداوند هن هنڌ موجود آهي، پر مون کي انهيءَ جي خبر ڪانہ هئي.“ 17هو ڊڄي ويو ۽ چوڻ لڳو تہ ”هيءَ ڪيڏي نہ هيبتناڪ جاءِ آهي! پڪ هيءَ خدا جي رهڻ جي جاءِ، يعني عرش عظيم جو دروازو آهي.“
18 يعقوب صبح جو سوير اٿيو. جيڪو پٿر مٿي هيٺ وِهاڻو ڪري رکيو هئائين سو يادگار بڻائي اتي کوڙي ڇڏيائين ۽ انهيءَ جي مٿان تيل پئٽي ان کي مخصوص ڪيائين. 19هن انهيءَ هنڌ جو نالو #28‏:19 بيت‌ايل عبراني ٻوليءَ ۾ انهيءَ جي معنيٰ آهي ”خدا جو گھر.“بيت‌ايل رکيو. پر اڳ ۾ انهيءَ شهر جو نالو لوز هو. 20اتي يعقوب خدا سان اقرار ڪيو تہ ”جيڪڏهن تون مون ساڻ هوندين ۽ جيڪو سفر آءٌ ڪريان ٿو تنهن ۾ منهنجي سنڀال ڪندين ۽ مون کي کائڻ لاءِ کاڌو ۽ پائڻ لاءِ ڪپڙا ڏيندين 21۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين. 22جتي مون هي يادگار پٿر کوڙيو آهي اتي تنهنجي عبادت‌گاهہ ٿيندي ۽ جيڪي ڪجھہ تون مون کي ڏيندين تنهن جو ڏهون حصو آءٌ تو کي ڏيندس.“

Currently Selected:

پيدائش 28: MSB

Highlight

Share

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in