YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 14

14
چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪائي
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2#مت 8‏:4، مر 1‏:44، لو 5‏:14، 17‏:14 ”جنهن ڏينهن چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض وارو ماڻهو پاڪ قرار ڏيڻو هجي تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ اهو معاملو ڪاهن وٽ آندو وڃي. 3ڪاهن خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وڃي انهيءَ ماڻهوءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض ڇڏي ويو هجي، 4تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ ٻہ جيئرا حلال پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آندي وڃي. 5پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ انهن مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪيو وڃي. 6تڏهن ڪاهن باقي بچيل جيئري پکيءَ کي کڻي، انهيءَ کي چندن جي ڪاٺيءَ، لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي ۽ زوفا جي ٽاريءَ سميت انهيءَ پکيءَ جي رت ۾ ٻوڙي جيڪو پاڻيءَ جي مٿان ذبح ڪيو ويو هو. 7اهو هو ست دفعا چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض کان پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿان ڇٽڪاري ۽ انهيءَ کي پاڪ قرار ڏئي. پوءِ هو انهيءَ جيئري پکيءَ کي کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي. 8ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيمي‌گاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي. 9ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ڏاڙهي، ڀرؤن ۽ پنهنجي سڄي بدن جا باقي وار ڪوڙائي. پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو.
10پوءِ اٺين ڏينهن هو ٻن بي‌عيب گھيٽن ۽ هڪڙي بي‌عيب هڪسالي گھيٽيءَ سان گڏ اناج جي قربانيءَ لاءِ زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ٽي ڪلوگرام ميدو ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل کڻي اچي. 11پوءِ جيڪو ڪاهن هن کي پاڪ قرار ڏئي سو انهيءَ پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ کي انهن شين سميت مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي مون خداوند جي حضور ۾ حاضر ڪري. 12تڏهن ڪاهن هڪڙو گھيٽو ۽ اهو اڌ ليٽر تيل کڻي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. 13پوءِ هو انهيءَ گھيٽي کي انهيءَ مخصوص جاءِ ۾، جتي پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ۽ ساڙڻ واري قرباني ذبح ڪبي آهي، اتي ذبح ڪري. جهڙيءَ طرح پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪاهن جي آهي تهڙيءَ طرح هيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قرباني بہ ڪاهن جي آهي. اها مون خدا لاءِ ئي مخصوص آهي. 14ڪاهن انهيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ مان ڪجھہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي. 15پوءِ ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ کڻي پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي وجھي. 16ان بعد هو انهيءَ تيل مان پنهنجي ساڄي آڱر ٻوڙي ۽ ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڪجھہ تيل ڇٽڪاري. 17باقي جيڪو تيل سندس هٿ جي تريءَ تي بچيل هجي تنهن مان ڪاهن ڪجھہ کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ واري رت جي مٿان لڳائي. 18تريءَ تي باقي بچيل تيل هو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري. 19پوءِ ڪاهن پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني ڪري ۽ ناپاڪيءَ کان پاڪ ٿيندڙ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. ان بعد هو ساڙڻ واري قربانيءَ جو جانور ذبح ڪري. 20ڪاهن اها ساڙڻ واري قرباني، اناج جي قربانيءَ سان گڏ قربان‌گاهہ تي پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ هو پاڪ ٿيندو.“
غريب جي لاءِ رعايت
21”جيڪڏهن اهو ماڻهو غريب هجي ۽ ايترو آڻي نہ سگھي، تہ پوءِ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هٿن تي بلند ڪرڻ واسطي هڪڙو گھيٽو آڻي، تہ جيئن ڪفارو ادا ڪيو وڃي. اناج جي قربانيءَ لاءِ هو رڳو هڪ ڪلوگرام ميدو زيتون جي تيل ۾ ڳوهيل ۽ اڌ ليٽر زيتون جو تيل آڻي. 22هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر، جيڪي بہ آڻي سگھي سي پڻ آڻي. انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هجي. 23اهو ماڻهو پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ اٺين ڏينهن تي اهي شيون مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن کي آڻي ڏئي. 24ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو گھيٽو ۽ اڌ ليٽر تيل کڻي، انهن کي مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور پيش ڪري. 25پوءِ هو اهو گھيٽو ذبح ڪري ۽ انهيءَ جو ڪجھہ رت کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لڳائي. 26تڏهن ڪاهن انهيءَ اڌ ليٽر تيل مان ڪجھہ پنهنجي کاٻي هٿ جي تريءَ تي پئٽي. 27پوءِ هو انهيءَ تيل مان ڪجھہ، پنهنجي ساڄيءَ آڱر سان ست ڀيرا مون خداوند جي حضور ڇٽڪاري. 28انهيءَ تيل مان ڪجھہ کڻي پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، سندس ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي، هنيل رت واري جاءِ جي مٿان لڳائي. 29باقي جيڪو تيل سندس تريءَ ۾ بچيل هجي سو پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي مٿي ۾ وجھي ڇڏي. اهڙيءَ طرح هو مون خداوند جي حضور ۾ هنن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. 30پوءِ جيڪي ڳيرا يا ڪبوتر اهو ماڻهو آڻي سگھيو هجي، 31تن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، اناج جي قربانيءَ سميت پيش ڪري. اهڙيءَ طرح ڪاهن پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري. 32اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ ماڻهوءَ جي لاءِ جنهن کي چمڙيءَ جو وچڙندڙ مرض لڳو هجي ۽ جنهن کي پاڪ ٿيڻ لاءِ گھربل شين جي آڻڻ جي طاقت نہ هجي.“
گھر ۾ سينور جو مرض
33 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 34”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان، 35تڏهن انهيءَ گھر جو مالڪ اچي ڪاهن کي ٻڌائي تہ ’آءٌ ڀانئيان ٿو تہ منهنجي گھر ۾ سينور جهڙو ڪو مرض آهي.‘ 36تنهن تي ڪاهن حڪم ڪري تہ انهيءَ مرض کي ڏسڻ لاءِ سندس اتي وڃڻ کان اڳ ۾ اهو گھر بلڪل خالي ڪري ڇڏين، انهيءَ لاءِ تہ گھر ۾ موجود سامان ناپاڪ قرار نہ ڏنو وڃي. ان کان پوءِ ڪاهن گھر کي ڏسڻ لاءِ وڃي 37۽ انهيءَ مرض کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر جي ڀتين ۾ هئڻ ڪري انهن ۾ سائيرا ۽ ڳاڙهيرا داغ ٿي پيا هجن ۽ اهي ڀتين ۾ اونها ڏسڻ ۾ اچن، 38تہ پوءِ ڪاهن گھر مان ٻاهر نڪري اچي ۽ انهيءَ گھر کي ستن ڏينهن تائين بند ڪري ڇڏي. 39ستين ڏينهن ڪاهن وري اچي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر جي ڀتين تي پکڙجي ويو هجي، 40تہ پوءِ ڪاهن حڪم ڪري تہ جن پٿرن ۾ اهو مرض آهي سي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن. 41پوءِ هو گھر اندر ڀتين کي چوڌاري کرڙائي ۽ اها کرڙيل مٽي ڪڍائي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلائي. 42ان کان پوءِ ڪڍيل پٿرن جي جاءِ تي ٻيا پٿر لڳايا وڃن ۽ نئون گارو ٺاهي گھر کي ليپو ڏياريو وڃي.
43جيڪڏهن پٿرن جي نڪرڻ، گھر جي کرڙجڻ ۽ ليپي ڏيارڻ کان پوءِ بہ اهو سينور جو مرض گھر ۾ وري ظاهر ٿي پوي، 44تہ پوءِ ڪاهن وڃي انهيءَ کي چڪاسي ڏسي. جيڪڏهن اهو مرض گھر ۾ پکڙجي ويو هجي، تہ پوءِ اهو خراب قسم جو سينور آهي. سو اهو گھر ناپاڪ آهي. 45اهو گھر ڀڃي ڊاٺو وڃي ۽ انهيءَ جا پٿر، ڪاٺ ۽ مٽي شهر کان ٻاهر ڪنهن ناپاڪ جاءِ تي اڇلايا وڃن. 46انهيءَ کان سواءِ جيڪو ماڻهو انهيءَ گھر جي بند هئڻ واري عرصي ۾ انهيءَ ۾ داخل ٿيو هجي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. 47جيڪو بہ ماڻهو انهيءَ گھر ۾ سمهيو هجي يا جنهن اتي ڪجھہ کاڌو هجي تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي.
48پر جيڪڏهن ڪاهن اچي چڪاسي ڏٺو هجي تہ گھر کي ليپو ڏيارڻ کان پوءِ انهيءَ ۾ سينور جو مرض ٻيهر ڪونہ پکڙيو آهي، تڏهن هو انهيءَ گھر کي پاڪ قرار ڏئي، ڇاڪاڻ تہ اهو مرض نڪري ويو آهي. 49پوءِ هو انهيءَ گھر کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ٻہ پکي، چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو ۽ زوفا جي ٽاري آڻي. 50انهن پکين مان هڪڙو پکي کڻي انهيءَ کي هو ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ جي مٿان جنهن ۾ تازو پاڻي ڀريل هجي ذبح ڪري. 51پوءِ هو چندن جي ڪاٺي، لال ڳاڙهي رنگ جو ڌاڳو، زوفا جي ٽاري ۽ جيئرو پکي کڻي، انهن کي ذبح ڪيل پکيءَ جي رت ۽ تازي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ست ڀيرا انهيءَ گھر تي ڇٽڪاري. 52اهڙيءَ طرح هو پکيءَ جي رت، تازي پاڻيءَ، جيئري پکيءَ، چندن جي ڪاٺيءَ، زوفا جي ٽاريءَ ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳي سان انهيءَ گھر کي پاڪ ڪري. 53پوءِ هو جيئري پکيءَ کي شهر کان ٻاهر کُليل ميدان ۾ اڏاري ڇڏي. اهڙيءَ طرح هو گھر جي لاءِ ڪفارو ادا ڪندو تہ اهو گھر پاڪ ٿي ويندو.
54اهو ئي قاعدو آهي هر قسم جي چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ خراب قسم جي مَلي جي لاءِ، 55‏-56ان کان سواءِ سوڄ، ڏڍ، چمڪندڙ داغ ۽ ڪپڙن ۽ گھر جي سينور جي مرض لاءِ پڻ. 57انهيءَ قاعدي مان معلوم ٿيندو تہ انهن شين کي ڪڏهن پاڪ قرار ڏجي ۽ ڪڏهن ناپاڪ. سو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ سينور بابت اهو ئي قاعدو آهي.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 14: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in