15
ٻيون شرعي ناپاڪيون
1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي 2بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪنهن مرد ماڻهوءَ کي جريان جي بيماري آهي تہ اهو جريان ناپاڪ آهي. 3ڪنهن ماڻهوءَ جي مرداڻي عضوي مان گند وهندو هجي يا ان جي ڪري سندس نيڪال جي نالي بند ٿي ويئي هجي تڏهن بہ هو ناپاڪ آهي. 4جنهن پلنگ تي هو سمهندو يا جنهن شيءِ تي ويهندو، سا ناپاڪ ٿيندي. 5جيڪو ماڻهو انهيءَ جي پلنگ کي ڇهندو، 6يا انهيءَ شيءِ تي ويهندو جنهن تي جريان وارو ويٺو هو، تہ اهڙو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. 7جيڪو جريان واري ماڻهوءَ جي بدن کي ڇهندو، اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. 8جيڪڏهن جريان وارو ماڻهو ڪنهن پاڪ ماڻهوءَ تي ٿڪ اڇلائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. 9سواريءَ دوران جنهن بہ شيءِ تي جريان وارو ويهي ٿو سا ناپاڪ ٿيندي. 10جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي ڇهندو جا جريان واري جي هيٺان پيئي هئي، تہ اهو شام تائين ناپاڪ رهندو. جيڪڏهن ڪو اهڙيءَ شيءِ کي کڻندو تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو. 11جريان وارو ماڻهو پنهنجا هٿ ڌوئڻ کان سواءِ، جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي هٿ لائي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو. 12جريان وارو ماڻهو ڪنهن ٺڪر جي ٿانوَ کي ڇهي، تہ اهو ڀڃي ڇڏجي. جيڪڏهن اهو ٿانءُ ڪاٺيءَ جو هجي تہ انهيءَ کي آگھاري ڇڏجي.
13جڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي جريان واري بيماريءَ کان ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي، تڏهن هو ستن ڏينهن تائين ترسي ۽ ستين ڏينهن پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ تازي پاڻيءَ ۾ وهنجي، پوءِ هو پاڪ ٿيندو. 14اٺين ڏينهن تي هو ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن کي ڏئي. 15ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ ماڻهوءَ خاطر سندس جريان جي بيماريءَ لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.
16جيڪڏهن ڪو ماڻهوءَ انزال ٿئي تہ هو پنهنجو سڄو بدن ڌوئي ڇڏي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو. 17جنهن بہ ڪپڙي يا چم تي مني ڪري هجي سو ڌوئي ڇڏجي. ان هوندي بہ شام تائين اهو ناپاڪ رهندو. 18جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت سان همبستر ٿيو هجي ۽ انزال ڪيو هجائين تہ ٻيئي وهنجن. ان هوندي بہ ٻئي شام تائين ناپاڪ رهندا.
19جڏهن ڪنهن عورت کي ماهواري اچي، تہ اها ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندي ۽ جيڪو بہ کيس ڇهندو سو شام تائين ناپاڪ رهندو. 20ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ هوءَ جنهن بہ شيءِ تي سمهندي يا ويهندي سا ناپاڪ ٿيندي. 21-23جيڪو بہ سندس پلنگ يا انهيءَ شيءِ کي ڇهندو جنهن تي هوءَ ويٺي هجي تہ اهو ماڻهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو. 24جيڪڏهن ڪو ماڻهو ماهواريءَ دوران ساڻس همبستر ٿيو هجي، تہ انهيءَ جي حيض جو رت لڳڻ ڪري هو ستن ڏينهن تائين ناپاڪ رهندو. پوءِ اهو ماڻهو جنهن بہ پلنگ تي سمهندو سو ناپاڪ ٿيندو.
25جيڪڏهن ڪنهن عورت کي ماهواريءَ وارن ڏينهن کان علاوہ گھڻن ڏينهن تائين رت اچي يا ماهواريءَ جا ڏينهن گذرڻ کان پوءِ بہ رت وهندو رهي، تہ پوءِ جيستائين اهو رت ايندو رهندو تيستائين هوءَ ماهواريءَ جي ڏينهن وانگر ئي ناپاڪ رهندي. 26انهن ڏينهن ۾ جنهن بہ پلنگ تي هوءَ سمهندي ۽ جنهن بہ شيءِ تي ويهندي، سا سندس ماهواريءَ جي ناپاڪيءَ وانگر ناپاڪ ٿيندي. 27جيڪو بہ انهن شين کي ڇهندو سو ناپاڪ ٿيندو. سو اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ شام تائين هو ناپاڪ رهندو. 28جڏهن عورت جو اهو رت بند ٿي وڃي تڏهن کان ستن ڏينهن تائين هوءَ ترسي، تنهن کان پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي. 29اٺين ڏينهن هوءَ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر کڻي، مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي ڪاهن وٽ آڻي. 30ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ پيش ڪري. اهڙيءَ طرح هو عورت جي وهندڙ رت لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ڪفارو ادا ڪري.
31تنهنڪري اوهين بني اسرائيل کي اهڙين ناپاڪيءَ جي حالتن کان دور رکجو، انهيءَ لاءِ تہ اهي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ منهنجي مقدس خيمي، جيڪو سندن وچ ۾ آهي، تنهن کي پليت ڪري مري نہ پون.
32اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ مرد جي واسطي جنهن کي جريان جي بيماري هجي يا جيڪو انزال ٿئي ٿو، جنهن سان هو ناپاڪ ٿئي ٿو. 33اهو ئي قاعدو آهي انهيءَ عورت جي واسطي جيڪا ماهواريءَ جي حالت ۾ هجي. يعني هر انهيءَ مرد يا عورت جي واسطي اهو ئي قاعدو آهي جيڪو جريان جي حالت ۾ هجي ۽ ان کان علاوہ هر انهيءَ مرد جي واسطي پڻ، جيڪو ڪنهن ناپاڪ عورت سان همبستر ٿئي ٿو.“