YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 16

16
ڪفاري جو ڏينهن
1 # لاو 10‏:1‏-2 هارون جا ٻہ پٽ، جيڪي مقدس جاءِ اندر خداوند جي حضور ۾ ويجھو آيا ۽ مري ويا تن جي وفات کان پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2#عبر 6‏:19 ”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.
3 # عبر 9‏:7 هارون مقدس ترين جاءِ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ هن طرح تياري ڪري جو پاڻ سان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو عبادت‌گاهہ وٽ آڻي. 4هارون ڪاهنن وارو هي لباس پائي: سڻيءَ جو پهراڻ، سڻيءَ جي سٿڻ، سڻيءَ جو پٽو ۽ سڻيءَ جي پڳ. اهو مخصوص لباس آهي، تنهنڪري هو وهنجي پوءِ اهو پائي. 5هو بني اسرائيل مان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ٻہ ٻڪر ۽ ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ هڪڙو گھٽو آڻي. 6پوءِ هارون پنهنجي لاءِ پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور وهڙو پيش ڪري تہ جيئن پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي خاندان جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. 7تنهن بعد هو ٻئي ٻڪر مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ مون خداوند جي حضور ۾ آڻي پيش ڪري. 8هارون انهن ٻنهي ٻڪرن لاءِ پُکا وجھي، هڪڙو پُکو ’خداوند جي لاءِ‘ ۽ ٻيو #16‏:8 ڇڏي ڏيڻ عبراني ٻوليءَ ۾ هي جنهن لفظ جو ترجمو آهي سو ڪنهن ڀوت جو نالو پڻ ٿي سگھي ٿو (ڏسو 16‏:10‏،26 ۾ پڻ).’ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ.‘ 9جنهن ٻڪر لاءِ مون خداوند جي نالي جو پُکو نڪري تنهن کي هارون پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري. 10پر جنهن ٻڪر لاءِ ڇڏي ڏيڻ جو پُکو نڪري، تنهن کي ڪفاري جي لاءِ جيئرو ئي مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ پوءِ انهيءَ کي ڇڏي ڏيڻ جي لاءِ بيابان ۾ هڪليو وڃي.
11جڏهن هارون پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري وهڙي کي آڻي، پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ڪفاري لاءِ انهيءَ کي ذبح ڪري، 12تڏهن هو هڪڙو لوبان‌دان کڻي، انهيءَ کي ان باهہ جي ٽانڊن سان ڀري جيڪا مون خداوند جي آڏو لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ تي ٻري ٿي. پوءِ هو پنهنجو ٻڪ سنهي ڪٽيل خوشبودار لوبان سان ڀري کڻي ۽ اهي ٻيئي کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي. 13تڏهن هو اهو لوبان اتي مون خداوند جي حضور ۾ ٽانڊن تي وجھي، ايتري قدر جو لوبان جو دونهون عهد واري صندوق تي رکيل رحمت جي پوش کي ڍڪي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ هو #16‏:13 مري نہ پوي انهيءَ مان مراد آهي تہ هو متان خداوند جي جلوي کي ڏسي مري پوي (ڏسو 16‏:2 ۾ پڻ).مري نہ پوي. 14پوءِ هارون انهيءَ وهڙي جي رت مان ڪجھہ کڻي پنهنجيءَ آڱر سان رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي اوڀر طرف ڇٽڪاري ۽ اتي عهد واري صندوق جي اڳيان بہ ست دفعا ڇٽڪاري.
15 # عبر 9‏:12 ان بعد هو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ واري انهيءَ ٻڪر کي ذبح ڪري، جيڪو قوم جي واسطي آهي. انهيءَ جو رت کڻي پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ اچي ۽ وهڙي جي رت وانگر انهيءَ جو رت بہ رحمت جي پوش جي اڳئين حصي تي ۽ صندوق جي اڳيان ڇٽڪاري. 16اهڙيءَ طرح هو مقدس ترين جاءِ جي لاءِ بني اسرائيل جي ناپاڪين، سندن نافرمانين ۽ سڀني گناهن جي ڪري ڪفارو ادا ڪري. سو هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي لاءِ ائين ڪري، ڇوجو اهو خيمي‌گاهہ اندر سندن ناپاڪين جي وچ ۾ کوڙيو وڃي ٿو. 17جڏهن هارون ڪفارو ادا ڪرڻ جي لاءِ مقدس ترين جاءِ اندر وڃي، تڏهن جيستائين هو پنهنجي لاءِ، پنهنجي خاندان جي لاءِ ۽ بني اسرائيل جي سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري ٻاهر نہ اچي، تيستائين ڪوبہ ماڻهو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر نہ هجي. 18پوءِ هو ٻاهر نڪري انهيءَ قربان‌گاهہ وٽ اچي جيڪا مون خداوند جي آڏو آهي ۽ انهيءَ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. هو وهڙي ۽ ٻڪر جي رت مان ڪجھہ کڻي قربان‌گاهہ جي چئني ڪنڊن وارن سڱن تي لڳائي. 19پوءِ هو انهيءَ رت مان ڪجھہ پنهنجيءَ آڱر سان ست دفعا قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري. اهڙيءَ طرح هو انهيءَ کي بني اسرائيل جي ناپاڪين کان پاڪ ڪري ۽ مون خداوند جي لاءِ مخصوص بڻائي.“
ڇڏي ڏيڻ وارو ٻڪر
20”جڏهن هارون مقدس ترين جاءِ، قربان‌گاهہ ۽ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري وٺي، تڏهن هو اهو جيئرو ٻڪر آڻي پيش ڪري. 21هارون انهيءَ جي مٿي تي پنهنجا ٻئي هٿ رکي ۽ بني اسرائيل جي سڀني بدڪارين، نافرمانين ۽ سڀني گناهن جو انهيءَ جي مٿان قبولدار ٿي اهي سڀ ٻڪر جي سر تي رکي. پوءِ انهيءَ ٻڪر کي تنهن ماڻهوءَ جي هٿان بيابان ڏانهن روانو ڪري ڇڏي جنهن کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر ڪيو ويو هجي. 22اهو ٻڪر سندن سڀ بدڪاريون پاڻ تي کڻي ڪنهن ويران پٽ ۾ ويندو.
جڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ٻڪر کي بيابان ۾ ئي ڇڏي موٽي اچي 23#حز 44‏:19 تڏهن هارون مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي ۽ اهي سڻيءَ جا ڪپڙا، جيڪي مقدس ترين جاءِ ۾ وڃڻ وقت پاتا هئائين، سي لاهي اتي ئي رکي ڇڏي. 24ان بعد هو پاڻ ڪنهن پاڪ جڳهہ تي ويهي وهنجي ۽ پنهنجا عام ڪپڙا پائي ٻاهر اچي. پوءِ هو پنهنجي ۽ قوم جي ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ پنهنجي طرفان ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري ۽ قوم جي طرفان بہ اهڙي قرباني پيش ڪري. 25هو پاڪ ٿيڻ واسطي ڪيل قربانيءَ واري چرٻي قربان‌گاهہ تي رکي ساڙي.
26جيڪو ماڻهو ڇڏي ڏيڻ واري ٻڪر کي بيابان ۾ ڇڏي اچي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿئي.
27 # عبر 13‏:11 پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ وارو وهڙو ۽ ٻڪر، جن جو رت ڪفاري ادا ڪرڻ لاءِ مقدس ترين جاءِ ۾ آندو ويو هو، تن جي جسمن کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي انهن جي کلن، گوشت ۽ اوجھہ سميت ساڙي ڇڏجي. 28جيڪو ماڻهو انهن کي ساڙي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، پوءِ هو ڀلي خيمي‌گاهہ ۾ داخل ٿئي.“
ڪفاري جو ڏينهن ملهائڻ
29 # لاو 23‏:26‏-32، ڳا 29‏:7‏-11 ”اوهان جي لاءِ هي هميشہ جو قانون ٿيندو تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ تي اوهان مان هر ڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي قوم مان هجي توڙي ڌاريو، پنهنجي پنهنجي #16‏:29 نفس کي ماري انهيءَ مان مراد روزو رکڻ ۽ ٻين جسماني ضرورتن کان پاسو ڪرڻ آهي (ڏسو 16‏:31 ۾ پڻ).نفس کي ماري ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪري. 30انهيءَ ڏينهن اوهان کي پاڪ ٿيڻ جي لاءِ ڪفارو ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن اوهين پنهنجن سڀني گناهن کان مون خداوند جي حضور ۾ پاڪ ٿيندا. 31اهو اوهان جي لاءِ آرام جو مخصوص ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن اوهين پنهنجي پنهنجي نفس کي مارجو، اهو ئي هميشہ جي لاءِ قانون آهي. 32جنهن بہ ڪاهن کي مسح ڪري کيس پنهنجي پيءُ جي جاءِ تي سردار ڪاهن ٿيڻ لاءِ مخصوص ڪيو وڃي، سو ڪفارو ادا ڪري. انهيءَ واسطي هو سڻيءَ جا مخصوص ڪپڙا پائي 33مقدس ترين جاءِ، قربان‌گاهہ، بلڪ مون خدا سان ملاقات واري پوري خيمي ۽ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري. 34اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو تہ بني اسرائيل جي سڀني گناهن جي لاءِ سال ۾ هڪڙو دفعو ڪفارو ادا ڪيو وڃي.“
سو هنن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 16: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in