YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 17

17
ذبح ڪرڻ بابت قانون
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي منهنجو هي حڪم ٻڌاءِ تہ 3’بني اسرائيل مان جيڪو بہ ماڻهو ڏاند، گھٽو يا ٻڪر ٻيءَ ڪنهن جاءِ تي قربانيءَ طور ذبح ڪندو، 4يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو. 5انهيءَ حڪم جو مقصد هي آهي تہ بني اسرائيل جا ماڻهو جيڪي پنهنجي قربانين جا جانور کُليل ميدان ۾ قربانيءَ طور ذبح ڪن ٿا، سي هاڻي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي، مون خداوند جي حضور ۾ ڪاهن وٽ آڻين ۽ انهن کي سلامتيءَ جي قربانيءَ طور اتي ذبح ڪن. 6ڪاهن انهن جو رت خيمي جي سامهون اڱڻ ۾ منهنجي قربان‌گاهہ تي ڇٽڪاري ۽ انهن جي چرٻي منهنجي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ واسطي ساڙي. 7اڳتي بني اسرائيل جا ماڻهو ٻڪر جي ڀوتن جي لاءِ پنهنجيون قربانيون نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح هو مون سان بي‌وفائي ٿا ڪن. اهو ئي هنن جي لاءِ سندن پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون ٿيندو.‘
8تنهنڪري تون انهن کي چئُہ تہ ’بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو ساڙڻ واري يا ڪا ٻي قرباني پيش ڪري، 9پر انهيءَ کي مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ منهنجي حضور ۾ آڻي ذبح نہ ٿو ڪري، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘“
رت کائڻ پيئڻ کان منع
10 # پيد 9‏:4، لاو 7‏:26‏-27، 19‏:26، شر 12‏:16‏،23، 15‏:23 ”بني اسرائيل جي ماڻهن مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ڪنهن بہ طرح رت کائيندو پيئندو، تہ آءٌ خداوند انهيءَ رت کائڻ پيئڻ واري جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس. 11#عبر 9‏:22 جيئن تہ هر ساهواري شيءِ جي زندگي انهيءَ رت ۾ آهي، تنهنڪري ئي مون اوهان جي زندگين جي ڪفاري لاءِ اهو رت قربان‌گاهہ تي رکايو آهي. اهو رت ئي تہ آهي جنهن سان ڪنهن جي زندگيءَ جو ڪفارو ادا ڪجي ٿو. 12اهو ئي سبب آهي جو آءٌ خداوند بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ڪوبہ رت نہ کائي پيئي، نہ ئي وري اوهان جي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو اهو کائي پيئي.
13بني اسرائيل مان يا سندن قوم ۾ شامل ٿيل ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو ڪنهن حلال جانور يا حلال پکيءَ جو شڪار ڪري، تہ اهو انهيءَ جو رت زمين تي وهائي انهيءَ کي مٽيءَ سان ڍڪي ڇڏي. 14اهو انهيءَ ڪري جو هر ساهواري شيءِ جي زندگي سندس رت ئي آهي. اهو ئي سبب آهي جو آءٌ بني اسرائيل کي چوان ٿو تہ ’اوهين ڪنهن بہ ساهواري جو رت نہ کائجو پيئجو، ڇو تہ اها سندس زندگي آهي. سو جيڪو بہ اهو کائيندو پيئندو تنهن کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.‘
15بني اسرائيل مان يا ساڻن گڏ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي موت مئل يا جھنگلي جانورن جي ڦاڙيل ڪنهن ساهواري کي کائيندو، تہ اهو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي. ان هوندي بہ هو شام تائين ناپاڪ رهندو، تنهن کان پوءِ پاڪ ٿيندو. 16پر جيڪڏهن هو نڪي ڪپڙا ڌوئيندو ۽ نہ وهنجندو، تہ پوءِ انهيءَ جو نتيجو پاڻ ڀوڳيندو.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 17: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in