20
گناهن جون سزائون
1 خداوند موسيٰ کي 2بني اسرائيل لاءِ فرمايو تہ ”اوهان مان يا اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين مان جيڪو بہ ماڻهو پنهنجي ٻارن مان ڪو مولڪ ديوتا کي نذر ڪري ڏيندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين. 3آءٌ پاڻ بہ انهيءَ ماڻهوءَ جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي بني اسرائيل قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏيئي منهنجي مقدس خيمي کي پليت ڪيو آهي ۽ منهنجي پاڪ نالي جي بيحرمتي ڪئي اٿائين. 4پر جيڪڏهن قوم وارا انهيءَ ماڻهوءَ کان، جنهن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏنو، چشمپوشي ڪندا ۽ انهيءَ کي قتل نہ ڪندا، 5تہ پوءِ آءٌ پاڻ انهيءَ ماڻهوءَ ۽ سندس گھراڻي جو مخالف ٿيندس ۽ انهيءَ کي ۽ جيڪي مولڪ جي پٺيان لڳي مون سان بيوفائي ڪندا، تن سڀني کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس. 6جيڪو ماڻهو مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن ۽ ڀوپن ڏانهن مائل ٿيندو ۽ انهن جي پيروي ڪري مون سان بيوفائي ڪندو، تہ آءٌ انهيءَ ماڻهوءَ جي خلاف ٿيندس ۽ انهيءَ کي قوم مان خارج ڪري ڇڏيندس.
7اوهين پاڻ کي منهنجي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ مخصوصيت واري حالت ۾ رهو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 8اوهين منهنجا حڪم مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان.
9 #
خر 21:17، مت 15:4، مر 7:10 جيڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪندو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. جيئن تہ هن پنهنجي پيءُ يا ماءُ تي لعنت ڪئي تنهنڪري سندس خون سندس ئي سر تي هوندو.
10 #
خر 20:14، لاو 18:20، شر 5:18 جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. 11#لاو 18:8، شر 22:30، 27:20 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي پيءُ جي ڪنهن بہ زال جي اوگھڙ ڏسي پنهنجي پيءُ جي عزت لُٽي ٿو، تہ کيس انهيءَ عورت سميت ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو. 12#لاو 18:15 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ نُنهن جي اوگھڙ ڏسي تہ انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهن بدڪاري ڪئي آهي. سو سندن خون سندن ئي سر تي هوندو. 13#لاو 18:22 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، سو انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو. 14#لاو 18:17، شر 27:23 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت ۽ سندس ماءُ ٻنهي جي اوگھڙ ڏسي تہ اها وڏي بڇڙائي آهي. سو انهيءَ ماڻهوءَ کي ٻنهي عورتن سميت ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان منجھہ اهڙي بڇڙائي نہ رهي. 15#خر 22:19، لاو 18:23، شر 27:21 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن جانور سان بدفعلي ڪري تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي ۽ انهيءَ جانور کي بہ ضرور ماريو وڃي. 16جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن جانور وٽ وڃي انهيءَ کان بدفعلي ڪرائي، تہ اوهين انهيءَ عورت کي ضرور موت جي سزا ڏجو ۽ انهيءَ جانور کي بہ ضرور ماري ڇڏجو. بدفعلي ڪندڙ ۽ ڪرائيندڙ جو خون سندن ئي سر تي آهي.
17 #
لاو 18:9، شر 27:22 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڳيءَ يا ماٽيليءَ ڀيڻ کي پاڻ سان رهائيندو ۽ اُهي هڪٻئي جي اوگھڙ ڏسندا، تہ اها تمام شرم جهڙي ڳالهہ آهي. سو انهن ٻنهي کي پوريءَ قوم آڏو ظاهر ظهور بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ماڻهوءَ پنهنجي ڀيڻ جي عزت ورتي آهي. سندس گناهہ سندس ئي سر تي هوندو. 18#لاو 18:19 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن عورت جي ماهواريءَ وقت ساڻس همبستر ٿئي ٿو ۽ خون واري انهيءَ حالت ۾ هو اهڙو ڪم ڪن ٿا تہ اهي ٻيئي ڏوهاري آهن، سو انهن ٻنهي کي قوم مان خارج ڪيو وڃي.
19 #
لاو 18:12-14
اوهين پنهنجي ماسيءَ يا پڦيءَ جي اوگھڙ نہ ڏسجو. جيڪو ائين ڪري ٿو سو پنهنجي ويجھي مائٽياڻيءَ جي عزت وٺي ٿو ۽ انهيءَ جو گناهہ ٻنهي جي سر تي هوندو. 20جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي چاچيءَ جي اوگھڙ ڏسندو، تہ انهيءَ پنهنجي چاچي جي عزت ورتي آهي. سو انهيءَ جو گناهہ انهن ٻنهي جي سر تي هوندو ۽ اهي بياولاد مرندا. 21#لاو 18:16 جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ جي جيئري سندس زال کي پاڻ سان رهائي ساڻس همبستري ڪندو تہ اهو غليظ ڪم آهي. هن پنهنجي ڀاءُ جي عزت ورتي آهي، سو اهي ٻيئي بياولاد مرندا.
22اوهين منهنجي سڀني قانونن ۽ حڪمن کي مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ جنهن ملڪ ۾ رهڻ لاءِ آءٌ اوهان کي موڪليان ٿو سو متان اوهان کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏي. 23جن قومن کي آءٌ اوهان جي اڳيان ڀڄائي ٿو ڪڍان تن جي ريتن رسمن تي اوهين نہ هلجو، ڇاڪاڻ تہ انهن اهي سڀيئي ڪم ڪيا آهن، تنهنڪري مون انهن کان ڪراهت ڪئي. 24پر مون اوهان کي چيو آهي تہ اوهين انهيءَ ملڪ جا وارث ٿيندا. اهو آسودو ۽ خوشحال ملڪ آهي ۽ آءٌ اوهان کي اهو ملڪيت ڪري ڏيندس. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي ٻين قومن کان ڌار ڪيو آهي. 25تنهنڪري اوهين حلال ۽ حرام جانورن ۽ پکين جي وچ ۾ فرق ڪجو. جن جانورن، پکين ۽ ٻين زمين تي سرندڙ جيتن کي مون حرام قرار ڏيئي اوهان کان ڌار ڪيو آهي، تن کي کائڻ سان اوهين پاڻ کي پليت نہ ڪجو. 26اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.
27جيڪو بہ مرد يا عورت مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙ يا ڀوپو هجي، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن کي سنگسار ڪيو وڃي. سندن خون سندن ئي سر تي آهي.“