YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 21

21
ڪاهنن جي پاڪائي
1 خداوند موسيٰ کي هارون جي پٽن، جيڪي ڪاهن آهن، تن لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”جڏهن اوهان جي قوم ۾ ڪو مري وڃي تہ انهيءَ جي ڪفن دفن ڪرڻ لاءِ ڪوبہ ڪاهن پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري. 2البت هو پنهنجي ويجھن مائٽن جهڙوڪ پنهنجي ماءُ، پيءُ، پٽ، ڌيءَ، ڀاءُ، 3يا پنهنجيءَ اڻ‌پرڻيل ڀيڻ جيڪا سندس گھر ۾ رهي ٿي، تنهن جي لاءِ هو پاڻ کي ناپاڪ ڪري سگھي ٿو. 4هو پنهنجي زال جي مائٽن جي ڪري پاڻ کي ناپاڪ ڪري پنهنجي بي‌حرمتي نہ ڪري.
5 # لاو 19‏:27‏-28، شر 14‏:1 ڪوبہ ڪاهن پنهنجي ڏک جي اظهار لاءِ پنهنجو مٿو هِتان هُتان نہ ڪوڙائي، نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙي ۽ نہ وري پنهنجي جسم کي زخم رسائي. 6هو مون پنهنجي خدا جي لاءِ مخصوص رهي ۽ منهنجي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. جيئن تہ هو مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ٿو ڪري، تنهنڪري هو مخصوص رهي. 7ڪوبہ ڪاهن ڪنهن اهڙيءَ عورت سان شادي نہ ڪري جيڪا ڪسبياڻي ٿي بي‌عزت بڻي هجي يا جنهن کي طلاق ڏني ويئي هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڪاهن منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل آهي. 8تنهنڪري منهنجي قوم ڪاهن کي مخصوص ٿيل ڪري ڄاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو انهن جي طرفان مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪري ٿو. سو انهيءَ کي اهي مخصوص ٿيل سمجھن، ڇو تہ آءٌ خداوند جيڪو کين پاڪ ٿو ڪريان سو پاڪ آهيان. 9جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ ڪسبياڻي ٿي پاڻ کي پليت ڪري، تہ هوءَ پنهنجي پيءُ کي بي‌حرمت ٿي ڪري، تنهنڪري انهيءَ کي ساڙي ڇڏڻ جي سزا ڏني وڃي.
10جيڪو پنهنجي ڀائرن ۾ سردار ڪاهن هجي، جنهن جي مٿي تي مسح ڪرڻ جو تيل پئٽي پاڪ پوشاڪ پائڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هجيس، سو ڪنهن جي مرڻ تي پنهنجي مٿي جا وار نہ ڇوڙي، نڪي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي 11۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري. 12هائو، جيئن تہ هو مسح ڪرڻ واري تيل سان مون لاءِ وقف ٿيل آهي، سو هو مقدس خيمي کان ٻاهر نڪري ائين ڪرڻ سان پاڻ کي ناپاڪ ڪري منهنجي مقدس خيمي جي بي‌حرمتي نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.
13هو رڳو ڪنواريءَ سان شادي ڪري. 14هو ڪنهن رن‌زال، طلاق ڏنل، يا ڪسبياڻي ٿي بي‌عزت بڻيل سان شادي نہ ڪري، بلڪ پنهنجي ئي قبيلي مان ڪنهن ڪنواريءَ سان شادي ڪري. 15تنهنڪري هو پنهنجي اولاد کي پنهنجيءَ قوم ۾ بي‌آبرو نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان، جيڪو هن کي پنهنجي لاءِ مخصوص ڪريان ٿو.“
16 خداوند موسيٰ کي 17هارون لاءِ هي فرمايو تہ ”تنهنجي اولاد مان سندن سڀني پيڙهين ۾، جيڪڏهن ڪنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو عيب هجي تہ اهو مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي. 18ڪير بہ هجي جنهن ۾ ڪو عيب هجي، سو منهنجي ويجھو نہ اچي، يعني جيڪو انڌو، منڊو، ڦريل عضون وارو يا جنهن جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، 19يا جنهن جو پير يا هٿ جڏو هجي، 20نڪي وري ڪو ڪُٻڙو، بِندرو يا جنهن جي اک ۾ ڪو عيب هجي، يا جنهن کي ڪا چمڙيءَ جي بيماري هجي يا جنهن جا آنورا ڦٿل هجن. 21مطلب تہ هارون ڪاهن جي اولاد مان جنهن بہ ماڻهوءَ ۾ ڪو جسماني عيب هجي، سو مون خدا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قربانيءَ جي خوراڪ پيش ڪرڻ واسطي ويجھو نہ اچي. 22البت هو منهنجي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ کائي سگھي ٿو، پوءِ اها خوراڪ ڪاهنن لاءِ مخصوص ٿيل هجي توڙي مون لاءِ ئي مخصوص هجي. 23پر جيئن تہ هن ۾ جسماني عيب آهي تنهنڪري هو نہ مقدس جاءِ ۾ داخل ٿئي ۽ نڪي قربان‌گاهہ جي ويجھو اچي. هو منهنجي مقدس خيمي جي بي‌حرمتي نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن کي مخصوص ٿو ڪريان.“
24سو موسيٰ هارون ۽ سندس پٽن کي ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي اهي ڳالهيون چئي ٻڌايون.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 21: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in