YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 22

22
مخصوص قربانين بابت قانون
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون هارون ۽ سندس پٽن کي چئُہ تہ جيڪي مخصوص قربانيون بني اسرائيل جا ماڻهو منهنجي لاءِ وقف ڪن ٿا تن کي هو احتياط سان هٿ لائين، تان‌تہ منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ٿئي. آءٌ خداوند آهيان. 3تون انهن کي چئُہ تہ ’اوهان جي سڀني پيڙهين ۾، اوهان جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو ناپاڪيءَ واري حالت ۾ انهن مخصوص قربانين جي ويجھو ويندو، جيڪي بني اسرائيل جي ماڻهن مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيون هونديون، تہ انهيءَ کي منهنجي خدمت واري ڪم مان خارج ڪيو ويندو. آءٌ خداوند آهيان.‘
4 هارون جي اولاد مان جيڪڏهن ڪوبہ ماڻهو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض يا جريان جي مرض وارو هجي، تہ اهو جيستائين پاڪ نہ ٿئي تيستائين انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. جيڪڏهن ڪو اهڙو ڪاهن آهي جو ڪنهن اهڙيءَ شيءِ کي ڇهي جيڪا ڪنهن مُڙدي کي لڳڻ ڪري ناپاڪ ٿي هجي، يا ڪاهن انزال ٿيو هجي، 5يا جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي ناپاڪ جانور يا ماڻهوءَ کي ڇهي جنهن جي ڪري هو ناپاڪ ٿي پوي، پوءِ اهو جنهن بہ طرح ناپاڪ ٿيو هجي، 6تہ اهو ڪاهن شام تائين ناپاڪ رهندو. پر جيستائين هو نہ وهنجي تيستائين مخصوص قربانين مان نہ کائي. 7سج لهڻ کان پوءِ هو پاڪ ٿي انهن مخصوص قربانين مان ڀلي کائي، ڇاڪاڻ تہ اها سندس خوراڪ آهي. 8جيڪو جانور پنهنجي موت مري وڃي يا جنهن کي جھنگلي جانورن ڦاڙيو هجي، تنهن جو گوشت کائي هو پاڻ کي پليت نہ ڪري. آءٌ خداوند آهيان.
9سڀيئي ڪاهن منهنجي انهن حڪمن تي عمل ڪن، انهيءَ لاءِ تہ متان انهن تي عمل نہ ڪرڻ سان انهن جي بي‌حرمتي ڪرڻ ڪري قصوروار ٿين ۽ مري پون. آءٌ خداوند آهيان جيڪو کين مخصوص ٿو ڪريان. 10ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو، پوءِ اهو ڪاهن وٽ رهندڙ مهمان هجي يا ڪو مزدور، سو انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. 11پر جنهن غلام کي هن پئسن سان خريد ڪيو هجي يا جيڪو غلام سندس گھر ۾ ڄائو هجي سو ڀلي سندس کاڌي مان کائي. 12جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ، ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻيل هجي تہ اها انهن مخصوص قربانين مان ڪجھہ بہ نہ کائي. 13پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.
14پر جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو ڀل مان انهيءَ مخصوص قربانيءَ منجھان کائي، تہ پوءِ هو اهڙي پوري مخصوص قرباني ۽ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ انهيءَ ۾ گڏي ڪاهن کي موٽائي ڏئي. 15‏-16بني اسرائيل جيڪي مخصوص قربانيون مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪن، ڪاهن ٻين ماڻهن کي تن جي کائڻ جي اجازت ڏيئي انهن مخصوص قربانين جي بي‌حرمتي نہ ڪن. انهيءَ سان گناهہ انهن ماڻهن جي سر تي پوندو. آءٌ خداوند آهيان جيڪو انهن قربانين کي مخصوص ٿو ڪريان.“
قبول نہ پوندڙ قربانيون
17 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 18”تون هارون، سندس پٽن ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چئُہ تہ بني اسرائيل قوم مان يا وٽن رهندڙ ڌارين مان جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قرباني، مون خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري، 19تہ هو قبول پوڻ واسطي ڍڳن، رڍن يا ٻڪرين مان ڪو بي‌عيب نر پيش ڪري. 20#شر 17‏:1 جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪو عيب وارو جانور پيش ڪري تہ مون خداوند وٽ اهو هن جي طرفان قبول نہ پوندو. 21جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي باس واري توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ واسطي پنهنجي ڍورن ڍڳن يا رڍن ٻڪرين مان مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني طور پيش ڪري، تہ اهو جانور قبول پوڻ لاءِ بلڪل ئي بي‌عيب هجي. 22انڌو، منڊوٽنڊو، زخمي، وهندڙ ڦٽ وارو يا چمڙيءَ جي بيماريءَ وارو جانور مون خداوند جي لاءِ پيش نہ ڪيو وڃي، نڪي انهن مان ڪنهن کي قربان‌گاهہ تي آڻي، مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور ساڙيو وڃي. 23جنهن ڍڳي يا گھيٽي جو ڪو عضوو گھٽ وڌ هجي، سو خوشيءَ جي قربانيءَ طور ڀلي پيش ڪيو وڃي، پر ڪنهن باس جي لاءِ اهو قبول نہ پوندو. 24جنهن جانور جا آنورا چٿيل، چيريل، ڌڪيل يا وڍيل هجن سو بہ مون خداوند جي لاءِ قربانيءَ طور پيش نہ ڪيو وڃي. هو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪابہ قرباني نہ ڪن. 25نڪي هو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ جي هٿان انهن مان ڪو وٺي مون خدا جي لاءِ قربانيءَ جي خوراڪ طور پيش ڪن. اهڙن عيبدار جانورن ۾ خرابي آهي ۽ اهي هنن جي طرفان قبول نہ پوندا.“
26 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل لاءِ وڌيڪ هي فرمايو تہ 27”جڏهن ڪنهن ڳئونءَ، رڍ يا ٻڪريءَ کي ڦر ڄمي تہ اهو ست ڏينهن پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهي، انهيءَ کان پوءِ اهو مون خداوند وٽ قبول پوڻ جي لائق ٿيندو تہ انهيءَ کي ساڙي قرباني ڪئي وڃي. 28اوهين ڳئن يا رڍن ٻڪرين کي سندن ڦرن سميت هڪڙي ئي ڏينهن تي قربانيءَ لاءِ ذبح نہ ڪجو. 29جڏهن اوهين مون خداوند جي شڪراني لاءِ قربانيءَ جو جانور ذبح ڪريو، تڏهن اهڙي قرباني پيش ڪجو جا اوهان جي طرفان قبول پوي. 30اها قرباني ساڳئي ڏينهن تي ئي کائي ڇڏجو. انهيءَ مان صبح تائين ڪجھہ بہ نہ بچائجو. آءٌ خداوند آهيان.
31سو اوهين منهنجا حڪم مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهجو. آءٌ خداوند آهيان. 32اوهين منهنجي پاڪ نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو ضرور مون کي پاڪ ڪري ڄاڻن. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان. 33مون ئي اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو خدا هجان. آءٌ خداوند آهيان.“

Currently Selected:

لاوي سرشتو 22: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in