YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 24

24
ڏيئن جي سنڀال رکڻ
(خروج 27‏:20‏-21)
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون بني اسرائيل کي حڪم ڪر تہ اهي ٻارڻ لاءِ زيتون جو ڪُٽي ڪڍيل نج تيل تو وٽ کڻي اچن، تہ جيئن مقدس جاءِ جا ڏيئا هر رات ٻرندا رهن. 3هارون انهن کي مون سان ملاقات واري خيمي ۾ عهد واري صندوق جي اڳيان واري پردي جي ٻاهران، هر روز سانجھيءَ کان وٺي صبح تائين ٻرندو رهڻ لاءِ اتي مون خداوند جي حضور ۾ ٺاهي رکي. اهو اوهان جي پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون رهندو. 4هارون انهن ڏيئن کي نج سون جي شمعدان تي، مون خداوند جي حضور ۾ باقاعدي روزانو ٻرندو رکي.“
خدا لاءِ نذراني وارا روٽ
5 # خر 25‏:30 ”ٻارهن ڪلوگرام ميدي مان ٻارهن روٽ پچايا وڃن. 6پوءِ اهي مقدس جاءِ اندر مون خداوند جي حضور ۾ نج سون جي پٽ چڙهيل ميز تي ٻن قطارن ۾ رکيا وڃن. هر هڪ قطار ۾ ڇهہ ڇهہ روٽ ٺاهي رکجن. 7هر هڪ قطار سان گڏ ڪجھہ خالص لوبان رکيو وڃي، جيڪو روٽن نذر ڪرڻ جي عيوض مون خداوند جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ٿئي. 8هر سبت تي باقاعدي اهي روٽ مون خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي عهد طور ٺاهي رکيا وڃن. 9#مت 12‏:4، مر 2‏:26، لو 6‏:4 اهي روٽ هارون ۽ سندس اولاد جا ٿيندا. هو اهي مخصوص جاءِ ۾ ويهي کائين، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند جي لاءِ ساڙيون ويندڙ قربانين مان اهي هميشہ جي لاءِ هنن جو حصو آهن، جيڪي مون لاءِ ئي مخصوص حصو آهن.“
ڪفر بڪندڙ کي سزا
10‏-11هڪڙو ماڻهو جنهن جو پيءُ مصري هو پر سلوميت نالي سندس ماءُ بني اسرائيل جي دان قبيلي مان دبريءَ جي ڌيءَ هئي، سو بني اسرائيل منجھہ ويو. اتي خيمي‌گاهہ ۾ بني اسرائيل جي هڪڙي ماڻهوءَ ۽ هن جي وچ ۾ جھيڙو ٿي پيو. جھيڙي دوران هن لعنت ڪندي خداوند جي نالي تي ڪفر بڪيو. تڏهن ماڻهو هن کي موسيٰ وٽ وٺي آيا. 12اتي کيس تيستائين قيد ۾ رکيو ويو، جيستائين انهيءَ بابت کين خداوند جو فيصلو معلوم ٿئي.
13تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 14”انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي وڃ ۽ جن جن کيس لعنت ڪندي ٻڌو آهي، سي سڀيئي سندس گناهہ جي شاهديءَ طور پنهنجا هٿ سندس مٿي تي رکن ۽ پوءِ سڀيئي ماڻهو کيس سنگسار ڪري ڇڏين. 15پوءِ تون بني اسرائيل کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪو بہ مون پنهنجي خدا تي لعنت ڪندو، سو پنهنجي ئي سر تي گناهہ کڻندو. 16جيڪو بہ مون خداوند جي نالي تي جڏهن بہ ڪفر بڪي تڏهن اهو بني اسرائيل هجي توڙي ڌاريو، تنهن کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. سڀيئي ماڻهو انهيءَ کي سنگسار ڪري ڇڏين.
17 # خر 21‏:12 جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. 18جيڪو ڪنهن ٻئي جي جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جانور جو عيوضو ڀري ڏئي. اهو ئي اصول آهي تہ جان جي عيوض جان.
19جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي کي عيبدار ڪري وجھي، تہ جيئن هن ڪيو هجي تيئن ئي ساڻس بہ ڪيو وڃي. 20#خر 21‏:23‏-25، شر 19‏:21، مت 5‏:38 هڏو ڀڃڻ جي عيوض هڏو ڀڃڻ، اک جي عيوض اک، ڏند جي عيوض ڏند، جهڙو عيب هن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ ڪيو هجي تهڙو ئي منجھس بہ ڪيو وڃي. 21جيڪو ڪنهن جانور کي ماري وجھي، سو انهيءَ جو عيوضو ڀري ڏئي، پر جيڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تنهن کي موت جي سزا ڏني وڃي. 22#ڳا 15‏:16 اوهان بني اسرائيل توڙي ڌارين سڀني سان هڪڙو ئي قانون لاڳو آهي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
23جڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي اهو سڀ ٻڌايو، تڏهن هو انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ کيس سنگسار ڪيائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 24: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in