25
ستون سال
(شريعت جو دور 15:1-11)
1 #
خر 23:10-11، شر 15:1-11 خداوند سينا جبل تي موسيٰ کي 2بني اسرائيل لاءِ هي فرمايو تہ ”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو آءٌ اوهان کي ڏيڻ وارو آهيان، تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين کي بہ مون خداوند جي لاءِ سبت جو آرام ملي. 3تنهنڪري ڇهہ سال اوهين پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو ۽ انگورن جي ول ڇانگجو ۽ انهن جي پيداوار گڏ ڪجو. 4پر ستون سال انهيءَ زمين جي لاءِ پوري آرام جو يعني سبت جو سال مون خداوند جي لاءِ وقف ٿيندو. انهيءَ سال اوهين نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ پوک ڪجو، نڪي پنهنجي انگورن جي ول کي ڇانگجو. 5اوهان جي ٻنيءَ ۾ جيڪو فصل پاڻيهي پيدا ٿئي سو اوهين نہ لڻجو، نڪي اڻڇانگيل انگورن جي ول مان انگور ميڙي گڏ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ زمين جي لاءِ اهو سال پوري آرام جو سال آهي. 6زمين جي انهيءَ سبت واري سال جي پيداوار اوهان سڀني جي لاءِ يعني اوهان لاءِ، اوهان جي ٻانهن، ٻانهين، اوهان جي پورهيتن ۽ انهن ڌارين جيڪي اوهان وٽ رهن ٿا تن سڀني جي کاڌي لاءِ هوندي. 7انهيءَ سال جي سموري پيداوار اوهان جي پالتو جانورن ۽ اوهان جي ملڪ جي جھنگلي جانورن جي کاڌي خوراڪ لاءِ بہ هوندي.“
بحاليءَ جو سال
8”اوهين پنهنجي لاءِ سبت وارن ستن سالن کي ستوڻو ڪري شمار ڪجو، جيڪي اوڻونجاهہ سال ٿيندا. 9انهن اوڻونجاهہ سالن کان پوءِ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ يعني ڪفاري جي ڏينهن اوهين پنهنجي سڄي ملڪ ۾ نفيل وڄرائجو. 10اهڙيءَ طرح اوهين انهيءَ پنجاهين سال کي مخصوص ڪري ليکجو ۽ ملڪ جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جو اعلان ڪرائجو. اهو اوهان جي لاءِ بحاليءَ جو سال ٿيندو. انهيءَ سال هر ڪو پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو اچي مالڪ ٿيندو ۽ هر وڪاميل شخص موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو. 11اوهين پنهنجي انهيءَ بحاليءَ واري سال ۾ نڪي ڪجھہ پوکجو، نڪي پاڻيهي پيدا ٿيل فصل لڻجو ۽ نہ ئي وري اڻڇانگيل انگورن جي ول مان انگور ميڙي گڏ ڪجو. 12جيئن تہ اهو بحاليءَ جو سال آهي تنهنڪري انهيءَ کي مخصوص ڪري ڄاڻجو ۽ ٻنين ۾ پاڻمرادو پيدا ٿيل فصل اوهين سڀيئي کائجو.
13انهيءَ بحاليءَ جي سال ۾ اوهان مان هر ڪو وري پنهنجي پنهنجي وڪاميل ملڪيت جو مالڪ ٿئي. 14جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري کي ڪا زمين وڪڻو يا کانئس خريد ڪريو، تہ هڪٻئي جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو نہ وٺجو. 15بحاليءَ جي سال کان پوءِ جيترا پيداواري سال گذريا هجن، تن جي شمار موجب اوهين پنهنجي قوم واري کان خريداري ڪجو ۽ هو بہ ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين پيداواري سال شمار ڪري وڪرو ڪري. 16جيڪڏهن وڌيڪ سال باقي هجن، تہ انهن موجب انهيءَ جي قيمت وڌائجو ۽ جيڪڏهن ٿورا سال باقي هجن، تہ انهن موجب اوهين انهيءَ جي قيمت گھٽائجو، ڇو تہ هو فصلن جي شمار موجب انهيءَ جي پيداوار اوهان کي وڪڻي ٿو ڏئي. 17اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
ستين سال جو مسئلو
18”اوهين منهنجي قانونن ۽ حڪمن کي مڃيندا ۽ انهن تي عمل ڪندا رهندا تہ انهيءَ ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي گذاريندا. 19زمين اوهان کي پنهنجي پيداوار پيئي ڏيندي ۽ اوهين ڍءُ ڪري پيا کائيندا ۽ امن وَ امان سان پيا زندگي گذاريندا.
20ٿي سگھي ٿو تہ اوهين سوچو تہ ’جيڪڏهن اسين انهيءَ ستين سال نہ پوکينداسين ۽ نہ فصل ميڙينداسين، تہ پوءِ کائينداسين ڇا؟‘ 21تڏهن ٻڌو، آءٌ ڇهين سال اوهان تي پنهنجي ايتري تہ برڪت نازل ڪندس جو زمين ايتري پيداوار ڏيندي جو اوهين ٽن سالن تائين کائيندا رهندا. 22پوءِ اوهين اٺين سال پوک ڪجو ۽ جيستائين زمين جي نئين پيداوار نہ ٿئي تيستائين اوهين اڳئين رکيل پيداوار پيا کائجو.“
ملڪيت موٽائي ڏيڻ
23”زمين هميشہ جي لاءِ نہ وڪي وڃي، ڇاڪاڻ تہ اها منهنجي آهي ۽ اوهين مون وٽ رڳو مسافر ۽ مهمان آهيو. 24سو اوهين پنهنجي هٿ ڪيل سڄي ملڪ ۾ وڪاميل زمين کي ڇڏائڻ وارو حق قبول ڪجو. 25جيڪڏهن اوهان جي قوم جو ڪو ماڻهو غريب ٿي ويو هجي ۽ پنهنجي ملڪيت مان ڪجھہ زمين وڪڻي ڇڏي، تہ پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ جو عيوضو ڀرڻ جو ذميوار عزيز سندس اها ملڪيت ڇڏائي. 26پر جيڪڏهن انهيءَ ماڻهوءَ جو ڪوبہ اهڙو مائٽ نہ هجي جو اها ڇڏائي، تہ پوءِ جيڪڏهن هو پاڻ ايترو دولتمند ٿي وڃي جو اها ڇڏائي سگھي، 27تہ هو انهيءَ جي وڪري جا سال شمار ڪري ۽ ايندڙ بحاليءَ جي سال مان باقي رهيل سالن جي لاءِ واجب رقم انهيءَ ماڻهوءَ کي موٽائي ڏئي جنهن کي زمين وڪي هئائين. پوءِ هو وري پنهنجي ملڪيت جو وڃي مالڪ ٿئي. 28پر جيڪڏهن هن وٽ پنهنجي ملڪيت موٽائي وٺڻ جيتري رقم نہ هجي، تہ پوءِ وڪاميل ملڪيت ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين خريدار جي قبضي ۾ رهندي. بحاليءَ جي سال ۾ اها ڇڏائجي ويندي، پوءِ اصلي مالڪ پنهنجي ملڪيت جو وري وڃي مالڪ ٿيندو.
29جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڪوٽ ڏنل شهر ۾ پنهنجو گھر وڪڻي، تہ انهيءَ کي وڪري واري تاريخ کان پوري هڪ سال اندر، وري ڇڏائي وٺڻ جو حق رهندو. 30پر جيڪڏهن هڪڙي سال جي پوري ٿيڻ تائين هو اهو نہ ٿو ڇڏائي، تہ پوءِ اهو گھر هميشہ جي لاءِ خريدار جي پيڙهين تائين سندن قبضي ۾ رهندو. اهو بحاليءَ جي سال ۾ بہ ڇڏائجي ڪين سگھندو. 31پر جن ڳوٺن جي چوڌاري ڪوٽ ڏنل نہ هجي، تن ۾ جيڪي گھر هجن سي ٻهراڙيءَ جي ٻنين وانگر ليکيا ويندا. اهي ڇڏائي سگھبا ۽ بحاليءَ جي سال ۾ پاڻيهي ڇڏائجي ويندا. 32انهيءَ هوندي بہ لاوين کي اهو حق رهندو تہ هو پنهنجن مليل شهرن اندر پنهنجي ملڪيت وارا گھر ڪنهن بہ وقت ڇڏائي سگھن. 33تنهنڪري هر لاوي ڇڏائڻ واري پنهنجي انهيءَ حق کي استعمال ڪري يا لاوين جي ملڪيت واري شهر ۾ اهو وڪاميل گھر بحاليءَ جي سال ۾ ڇڏائي، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل منجھہ لاوين جي شهرن جا گھر لاوين جي ئي ملڪيت آهن. 34پر سندن شهرن جي پسگردائيءَ واري چاري واري ٻني بلڪل نہ وڪڻي سگھبي، ڇاڪاڻ تہ اها هنن جي دائمي ملڪيت آهي.“
غريبن کي قرض ڏيڻ
35 #
شر 15:7-8
”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو همقوم ماڻهو غريب يا محتاج ٿي پوي تہ اوهين انهيءَ جي مدد ڪجو، جيئن اوهين ڌارئي يا مسافر جي مدد ڪندا آهيو تہ جيئن هو اوهان منجھہ رهي سگھي. 36اوهين انهيءَ کان ڪنهن بہ قسم جو وياج نہ وٺجو. هائو، اوهين مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، تہ جيئن بني اسرائيل مان اوهان جو همقوم ڀلي تہ اوهان منجھہ رهندو اچي. 37#خر 22:25، شر 23:19-20 اوهين هن کي پنهنجا پئسا وياج تي نہ ڏجو، نڪي هن کي کاڌو ڏيئي کانئس ڪو نفعو وٺجو. 38آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهيءَ لاءِ تہ ڪنعان جو ملڪ اوهان کي ڏيان ۽ اوهان جو خدا هجان.“
غلاميءَ بابت قانون
39 #
خر 21:2-6، شر 15:12-18 ”جيڪڏهن بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو همقوم جيڪو اوهان منجھہ رهندو هجي، سو غريب ٿي وڃي ۽ پاڻ کي اوهان وٽ وڪڻي ڇڏي تہ اوهين انهيءَ کان غلامن وانگر پورهيو نہ ڪرائجو. 40بلڪ هو اوهان وٽ مزدور يا مسافر وانگر رهي. هو بحاليءَ جي سال تائين اوهان جي خدمت ڪري. 41انهيءَ کان پوءِ کيس ٻارن ٻچن سميت آزاد ڪيو وڃي ۽ هو پنهنجي خاندان ۽ ابن ڏاڏن جي ملڪيت تي موٽي اچي. 42جيئن تہ بني اسرائيل منهنجا ٻانها آهن، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، سو اهي غلامن وانگر وڪيا نہ وڃن. 43اوهين انهن تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو. 44باقي جيڪڏهن اوهين ٻانهيون ۽ ٻانها رکو تہ اهي اوهين پنهنجي آسپاس رهندڙ ٻين قومن مان خريد ڪري سگھو ٿا. 45انهيءَ کان سواءِ جيڪي ڌاريا اوهان منجھہ رهندا هجن، تن جي ٻارن مان يا انهن جي خاندانن مان، جيڪي اوهان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيا هجن، تن مان اوهين خريد ڪري ٿا سگھو. اهي اوهان جي ملڪيت ٿيندا. 46اوهين ڀلي انهن کي پنهنجي لاءِ ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ميراث ڪري ڇڏجو، جيئن اهي انهن جي ملڪيت ٿين. اوهين انهن کي هميشہ جي لاءِ غلام رکي سگھندا، پر پنهنجي قوم بني اسرائيل مان اوهين هڪٻئي تي سختيءَ سان حڪم نہ هلائجو.
47جيڪڏهن اوهان ۾ رهندڙ ڪو ڌاريو يا مسافر شاهوڪار ٿي وڃي ٿو ۽ بني اسرائيل مان اوهان جو ڪو همقوم غريب ٿي پاڻ کي انهيءَ ڌارئي يا مسافر وٽ يا انهيءَ جي خاندان مان ڪنهن ٻئي وٽ غلام طور وڪڻي ٿو، 48تہ ان حالت ۾ کيس پاڻ ڇڏائڻ جو حق رهندو. سو سندس مائٽن مان ڪوبہ عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائي ٿو سگھي. 49هن جو چاچو، ڪو سؤٽ يا سندس خاندان مان ڪوبہ ويجھو مائٽ هن کي ڇڏائي ٿو سگھي، يا وري جي هو پاڻ شاهوڪار ٿي وڃي تہ پاڻ کي ڇڏائي ٿو سگھي. 50تڏهن سندس خريدار ۽ هو پاڻ وڪري جي وقت کان وٺي ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين سالن جو حساب ڪن ۽ باقي رهيل سالن لاءِ هڪ مزدور جي مزدوريءَ جي حساب سان ٺهندڙ رقم خريدار کي ڏيئي پاڻ کي ڇڏائي سگھي ٿو. 51-52بحاليءَ جي سال تائين جيترا بہ سال باقي رهيل هجن، گھڻا توڙي ٿورا، مطلب تہ انهن سالن جي حساب موجب هو پنهنجي ڇڏائڻ جي قيمت موٽائي ڏئي جنهن ۾ هو وڪاڻو هجي. 53تيستائين هو انهيءَ نوڪر وانگر پنهنجي مالڪ وٽ رهندو اچي، جنهن جي اجرت سال بسال مقرر ڪبي آهي. اوهان کي اهو خيال رکڻ گھرجي تہ هن جو مالڪ مٿس سختيءَ سان حڪم نہ هلائي.
54جيڪڏهن هو انهن طريقن سان نہ ٿو ڇڏايو وڃي، تہ پوءِ بحاليءَ جي سال ۾ هو پنهنجي ٻارن سميت پاڻيهي ڇٽي ويندو. 55جيئن تہ اوهين بني اسرائيل، جن کي مون مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، سي منهنجا ئي ٻانها آهيو، تنهنڪري اوهين هميشہ غلام نہ ٿا رهي سگھو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“