26
فرمانبرداريءَ جو ڦل
(شريعت جو دور 7:12-24، 28:1-14)
1 #
خر 20:4، لاو 19:4، شر 5:8، 16:21-22، 27:1 خداوند فرمايو تہ ”اوهين پنهنجي ملڪ ۾ پوڄا لاءِ نہ بت ٺاهجو، نہ ڪو مجسمو، نڪي پٿر جا ٿنڀا ۽ نہ تراشيل پٿر کڙا ڪجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. 2اوهين منهنجي سبت جو ڏينهن ملهائيندا رهجو ۽ منهنجي مقدس خيمي جي تعظيم ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.
3 #
شر 11:13-15، 28:1-14 جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن تي هلندا ۽ منهنجا حڪم مڃي انهن تي عمل ڪندا، 4تہ آءٌ اوهان جي لاءِ مندائتا مينهن وسائيندس، جنهن سان زمين پنهنجي پيداوار ڏيندي ۽ باغن جا وڻ پنهنجو ميوو ڏيندا. 5اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهان جي اَن ڳاهڻ جو ڪم انگورن چونڊڻ جي وقت تائين پيو هلندو ۽ انگورن چونڊڻ جو ڪم اناج پوکڻ تائين پيو هلندو. اوهين ڍءُ ڪري ماني کائيندا ۽ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ امان جي زندگي پيا گذاريندا.
6آءٌ اوهان کي اوهان جي ملڪ ۾ سلامتي بخشيندس ۽ اوهين بنا ڪنهن ڊپ جي، سمهي ننڊون ڪندا. آءٌ خطرناڪ جھنگلي جانورن کي ملڪ مان ختم ڪري ڇڏيندس ۽ اوهان جي ملڪ ۾ ڪابہ جنگ ڪانہ ٿيندي. 7اوهين پنهنجن دشمنن جو پيڇو ڪندا ۽ اهي اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا. 8اوهان جا پنج ڄڻا سؤ ڄڻن جو پيڇو ڪندا ۽ اوهان جا سؤ ڄڻا ڏهن هزارن جو پيڇو ڪندا. اوهان جا دشمن اوهان جي اڳيان شڪست کائي ويندا.
9آءٌ اوهان تي مِهر جي نظر ڪندس ۽ اوهان کي گھڻو اولاد ڏيئي وڌائيندس. آءٌ اوهان سان ٻڌل عهد پورو ڪندس. 10اوهان جا فصل ايترا تہ جھجھا ٿيندا جو اوهين سڄو سال گڏ ڪري رکيل پراڻو اناج کائڻ کان پوءِ بہ باقي بچيل اناج، نئين اناج جي رکڻ جي جاءِ ڪرڻ لاءِ ڪڍي ٻاهر ڪندا. 11آءٌ پنهنجي مقدس خيمي ۾ اوهان منجھہ ئي رهندس ۽ اوهان کان ڪڏهن بہ منهن نہ موڙيندس. 12#2.ڪر 6:16 آءٌ اوهان جي وچ ۾ گھمندس ڦرندس. آءٌ ئي اوهان جو خدا هوندس ۽ اوهين منهنجي قوم هوندا. 13آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين اڳتي مصرين جا غلام نہ رهو. مون اوهان جي پاڃاريءَ جا ڏورڻا ڀڃي ڇڏيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪنڌ مٿي ڪري هلو.“
نافرمانيءَ جي سزا
(شريعت جو دور 28:15-68)
14”پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا 15۽ جيڪڏهن اوهين منهنجي قانونن کي ڇڏي ڏيندا، يا جيڪڏهن اوهان جي دل منهنجي فيصلن کان نفرت ڪندي، جنهن سبب اوهين منهنجي سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا ۽ اهڙيءَ طرح مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيندا، 16تہ آءٌ اوهان سان هيئن ڪندس جو اوهان تي دهشت ۽ اهڙيون بيماريون ۽ تپ نازل ڪندس، جيڪي اوهان جي اکين کي انڌو ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جي جان کي ڳاري ڇڏيندا. اوهان جو ٻج پوکڻ اجايو ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو فصل اوهان جا دشمن کائيندا. 17آءٌ اوهان جي خلاف ٿي ويندس، تڏهن اوهين پنهنجن دشمنن اڳيان شڪست کائيندا. جيڪي اوهان کان نفرت ٿا ڪن سي اوهان تي حڪومت ڪندا ۽ ڪو اوهان جو پيڇو نہ بہ ڪندو هوندو، تہ بہ اوهين ڀڄندا وتندا.
18جيڪڏهن انهن ڳالهين جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي اوهان کي ستوڻي وڌيڪ سزا ڏيندس. 19آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس. 20اوهان جو سخت پورهيو بيفائدو ٿي ويندو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زمين فصل پيدا ڪانہ ڪندي، نڪي وري باغن جا وڻ ئي ڪو ميوو ڏيندا.
21جيڪڏهن اوهين اڃا بہ منهنجي خلاف هلندا ۽ منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، تہ آءٌ اوهان جي گناهن جي ڪري وڌيڪ ستوڻيون آفتون اوهان تي نازل ڪندس. 22آءٌ اوهان منجھہ خطرناڪ جھنگلي جانور موڪليندس، جيڪي اوهان جي ٻارن کي ماري ڇڏيندا، اوهان جي چوپائي مال کي چٽ ڪري ڇڏيندا ۽ اوهان جو تعداد ايترو تہ گھٽائي ڇڏيندا جو اوهان جا رستا ويران ٿي ويندا.
23جيڪڏهن اوهين انهن سزائن کان پوءِ بہ نہ سڌرندا بلڪ منهنجي خلاف ئي هلندا رهندا، 24تہ پوءِ آءٌ خود اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي اڳي کان ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس. 25ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا. 26آءٌ اوهان جي روزيءَ جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيندس ايتري قدر جو ڏهہ عورتون هڪڙي ئي تنور ۾ مانيون پچائي سگھنديون. اهي اوهان جي ماني اوهان کي توريتڪي ڏينديون. اوهين اهي سڀ کائي ويندا تہ بہ اوهان جو ڍءُ نہ ٿيندو.
27جيڪڏهن انهيءَ جي باوجود بہ اوهين منهنجي فرمانبرداري نہ ڪندا، بلڪ منهنجي خلاف ئي هلندا رهندا، 28تہ آءٌ بہ ڪاوڙجي اوهان جي خلاف ٿيندس ۽ اوهان کي اوهان جي گناهن جي ست ڀيرا وڌيڪ سزا ڏيندس. 29اوهان جي بک ايتري تہ وڌي ويندي جو اوهين پنهنجي پٽن توڙي ڌيئرن جو بہ ماس کائيندا. 30آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربانگاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بيجان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي. 31تنهنڪري آءٌ اوهان جي شهرن کي کنڊرات بڻائي ڇڏيندس ۽ اهڙن پوڄا گھرن کي اجاڙي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جي پيش ڪيل وڻندڙ خوشبوءِ وارين قربانين کي سنگھندس بہ ڪين. 32آءٌ اوهان جي ملڪ کي اهڙو تہ ويران ڪري ڇڏيندس جو اوهان جا دشمن، جيڪي انهيءَ تي اچي قبضو ڪندا سي انهيءَ جي حالت ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا. 33آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا. 34پوءِ جيستائين ملڪ ويران هوندو ۽ اوهين پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ جلاوطن ٿي رهندا، تيستائين اوهان جي زمين آرام وٺي سبت ملهائيندي. 35سو جيستائين اها زمين ويران رهندي تيستائين اهڙو تہ آرام وٺندي جهڙو اوهان کيس پنهنجي سبت جي ڏينهن ۾ بہ ڪونہ ڏنو هوندو، جڏهن اوهين منجھس رهندا هئا.
36اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا. 37جيتوڻيڪ ڪوبہ سندن پٺيان نہ پيو هوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، تيئن اهي هڪٻئي جي مٿان ٿيڙ کائي ڪرندا. اوهان منجھان ڪنهن کي دشمن جي اڳيان بيهڻ جي بہ طاقت نہ ٿيندي. 38اوهين غير قومن جي وچ ۾ تباهہ ٿي ويندا ۽ اوهان جي دشمنن جي ڌرتي اوهان کي کائي کپائي ڇڏيندي. 39اوهان منجھان جيڪي باقي بچيل هوندا سي پنهنجن دشمنن جي ملڪن ۾ پنهنجن گناهن توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي ڪري مرندا ڳرندا ويندا.
40پر جيڪڏهن هو پنهنجي بدڪاريءَ توڙي پنهنجن ابن ڏاڏن جي بدڪاريءَ جو اقرار ڪندا تہ جيڪا نافرماني ڪري هو منهنجي خلاف هليا آهن، 41تنهن جي ئي ڪري آءٌ بہ سندن خلاف هليس ۽ کين سندن دشمنن جي ملڪ ۾ آندو اٿم، تنهن لاءِ جڏهن هنن جون نافرمان دليون پشيمان ٿينديون ۽ هو پنهنجي بدڪاريءَ جي سزا قبول ڪندا، 42#پيد 17:7-8، 26:3-4، 28:13-14 تڏهن آءٌ يعقوب، اسحاق ۽ ابراهيم سان ٻڌل پنهنجو عهد ياد ڪندس ۽ پنهنجي قوم کي ملڪ ڏيڻ جو نئين سر واعدو ڪندس. 43پر پهريائين ڪيئن بہ ڪري انهن کان اها زمين ڇڏائي ويندي، انهيءَ لاءِ تہ اها ويران رهي پنهنجي سبت جو پورو آرام وٺي. کين منهنجي حڪمن کي رد ڪرڻ ۽ منهنجي قانونن کان نفرت ڪرڻ جهڙن پنهنجن گناهن جي سزا قبول ڪرڻي پوندي. 44انهيءَ هوندي بہ جڏهن هو پنهنجي دشمنن جي ملڪ ۾ هوندا، تڏهن آءٌ کين رد نہ ڪندس، نڪي انهن کان ايتري نفرت ڪندس جو کين بلڪل برباد ڪري ڇڏيان. آءٌ انهن سان پنهنجو ٻڌل عهد نہ ٽوڙيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان. 45بلڪ آءٌ هنن جي خاطر سندن ابن ڏاڏن سان ٻڌل عهد کي ياد ڪندس، جن کي آءٌ غير قومن جي اکين اڳيان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آيس، انهيءَ لاءِ تہ آءٌ ئي سندن خدا هجان. آءٌ خداوند آهيان.“
46هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي خداوند پنهنجي ۽ بني اسرائيل جي وچ ۾ سينا جبل تي موسيٰ جي وسيلي مقرر ڪيا.