YouVersion Logo
Search Icon

لاوي سرشتو 27

27
باس باسڻ بابت قاعدا
1پوءِ خداوند موسيٰ کي 2بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو خاص باس باسي ڪنهن انسان کي مون خداوند جي لاءِ وقف ٿو ڪري تہ انهيءَ انسان جي ڇڏائڻ لاءِ مقرر ڪيل قيمت ادا ڪرڻي پوندي. 3انهن ماڻهن جي قيمت، #27‏:3 عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور هڪ سڪو اٽڪل ٻارهن گرامن جو ٿيندو هو.عبادت‌گاهہ جي سڪي جي تور مطابق هن ريت ٿيندي. ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري مرد جي قيمت پنجاهہ چانديءَ جا سڪا هجي. 4ويهن کان سٺ سالن جي عمر واري عورت جي قيمت ٽيهہ چانديءَ جا سڪا هجي. 5پنجن کان ويهن سالن جي عمر واري ڇوڪري جي قيمت ويهہ چانديءَ جا سڪا هجي. پنجن کان ويهن سالن جي عمر واري ڇوڪريءَ جي قيمت ڏهہ چانديءَ جا سڪا هجي. 6هڪ مهيني کان پنجن سالن جي عمر واري ڇوڪري جي قيمت پنج چانديءَ جا سڪا هجي. هڪ مهيني کان پنجن سالن جي عمر واري ڇوڪريءَ جي قيمت ٽي چانديءَ جا سڪا هجي. 7سٺ سالن کان مٿي عمر واري مرد جي قيمت پندرهن چانديءَ جا سڪا هجي ۽ سٺ سالن کان مٿي عمر واري عورت جي قيمت ڏهہ چانديءَ جا سڪا هجي.
8پر جيڪڏهن باس باسڻ وارو ماڻهو ايترو غريب هجي جو اها مقرر ڪيل قيمت نہ ڏئي سگھي، تہ پوءِ هو انهيءَ باسيل شخص کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. ڪاهن انهيءَ باس باسيندڙ جي وسعت آهر سندس قيمت مقرر ڪري.
9جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن اهڙي جانور جي باس باسي ٿو، جنهن کي مون خداوند جي حضور ۾ قربان ڪري ٿو سگھجي، تہ اهو مون خداوند جي لاءِ نذر ڪيل جانور مخصوص ٿيندو. 10پوءِ هو انهيءَ کي ڪنهن بہ طرح نہ بدلائي، نڪي خراب جي بدران چڱو، نہ چڱي جي بدران خراب ڏئي. پر جيڪڏهن هو هڪڙي جانور جي بدران ٻيو جانور ڏيڻ چاهي تہ پوءِ باسيل ۽ ان جي بدران ڏنل، اهي ٻئي جانور مخصوص ٿيندا. 11پر جيڪڏهن هو ڪنهن اهڙي حرام جانور جي باس باسي ٿو، جنهن جي مون خداوند جي لاءِ قرباني نہ ٿي ڏيئي سگھجي، تہ پوءِ هو انهيءَ جانور کي آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري. 12تڏهن ڪاهن انهيءَ جي چڱي ۽ خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي. 13جيڪڏهن اهو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جو پنجون حصو وڌيڪ ڏئي.
14جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ ڪاهن انهيءَ جي چڱي يا خراب هجڻ موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪري. هو جيڪا بہ قيمت مقرر ڪندو اها ئي آخري قيمت هوندي. 15جيڪڏهن گھر کي وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي انهيءَ گھر کي ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اهو گھر وري سندس ٿيندو.
16جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ميراث واري ٻنيءَ جو ڪو ڀاڱو، مون خداوند جي لاءِ وقف ڪري، تہ جيترو ٻج انهيءَ ۾ پوکي سگھجي، تنهن موجب انهيءَ جي قيمت مقرر ڪئي ويندي. جيتري زمين ۾ هڪ سؤ ڪلوگرام وزن جيترو جوَن جو ٻج پوکي سگھجي، اوتري زمين جي قيمت #27‏:16 چانديءَ جا پنجاهہ سڪا اٽڪل ڇهہ سؤ گرام چاندي.چانديءَ جا پنجاهہ سڪا ٿيندي. 17جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ٻني بحاليءَ جي سال کان وٺي وقف ڪري تہ جيڪا قيمت انهيءَ جي مقرر ڪئي وڃي، سا ئي رهندي. 18پر جيڪڏهن هو بحاليءَ جي سال کان پوءِ پنهنجي ٻني وقف ڪري تہ ڪاهن ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين باقي رهيل سالن موجب انهيءَ جو حساب ڪري ۽ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت مان گھٽايو وڃي. 19جيڪڏهن ٻني وقف ڪرڻ وارو ماڻهو عيوضو ڏيئي اها ڇڏائڻ گھري، تہ جيڪا قيمت ڪاهن مقرر ڪئي هجي، تنهن جي پنجين حصي جيترا پئسا وڌيڪ ڏئي، پوءِ اها ٻني وري سندس ٿيندي. 20پر جيڪڏهن هو اها ٻني ڇڏائڻ کان اڳي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي وڪڻي ٿو ڇڏي، تہ پوءِ هو اها وري ڪڏهن بہ ڇڏائي نہ سگھندو. 21بلڪ ايندڙ بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني پاڻيهي ڇٽي ويندي ۽ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪيل شيءِ وانگر اها ٻني مون خداوند لاءِ مخصوص رهندي ۽ ڪاهن جي ملڪيت ٿيندي.
22جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي اهڙي خريد ڪيل ٻني، جيڪا اصل کان سندس ميراث نہ هجي، سا مون خداوند جي لاءِ وقف ڪرڻ گھري، 23تہ ڪاهن کي گھرجي تہ ايندڙ بحاليءَ جي سال تائين جيترا سال باقي هجن، تن جي تعداد موجب انهيءَ ٻنيءَ جي مقرر ڪيل قيمت جو حساب ڪري. پوءِ اهو ماڻهو اها رقم انهيءَ ئي ڏينهن تي مون خداوند جي لاءِ مخصوص ڪيل شيءِ طور ادا ڪري تہ بحاليءَ جي سال تائين ٻني سندس ئي رهندي. 24بحاليءَ جي سال ۾ اها ٻني موٽي پنهنجي اصلي ميراث واري مالڪ کي ملندي.
25اهي سموريون قيمتون عبادت‌گاهہ جي سڪي موجب مقرر ٿينديون. هڪڙو سڪو چانديءَ جي ٻارهن گرامن جي برابر آهي.
26جانورن مان پهريون ڄاول ڦر اڳي ئي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو ويو آهي. تنهنڪري ڪوبہ ماڻهو انهيءَ کي باس طور وقف نہ ڪري، پوءِ اهو ڳائو مال هجي توڙي ريڍو يا ٻاڪرو مال. اهو مون خداوند جو آهي. 27پر جيڪڏهن اهو پهريتو ڦر حرام جانورن مان هجي تہ اهو ماڻهو ڪاهن جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيتري وڌيڪ رقم ملائي ادا ڪري ۽ جانور موٽائي وٺي. جيڪڏهن اهو ماڻهو پنهنجو جانور نہ ڇڏائي تہ پوءِ اهو مقرر ڪيل قيمت ۾ ڪنهن ٻئي کي وڪيو وڃي.
28 # ڳا 18‏:14 انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجيءَ ملڪيت مان ڪابہ شيءِ مون خداوند جي راهہ ۾ فنا ڪرڻ لاءِ وقف ڪري، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي جانور يا سندس موروثي ٻني هجي، تہ اها هرگز نہ وڪي وڃي، نڪي وري عيوضو ڏيئي اها ڇڏائي وڃي. اهڙي هر وقف ڪيل شيءِ مون خداوند جي لاءِ ئي مخصوص آهي. 29ماڻهن مان ڪوبہ اهڙيءَ طرح وقف ڪيل شخص ڇڏايو نہ وڃي، بلڪ انهيءَ کي ضرور ماريو وڃي.
30 # ڳا 18‏:21، شر 14‏:22‏-29 زمين جي سموري پيدائش جو ڏهون حصو مون خداوند جو آهي، پوءِ اها ٻنيءَ جو اناج هجي توڙي وڻن جو ميوو، اهو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. 31جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڏهين حصي مان ڪجھہ موٽائي وٺڻ گھري، تہ هو انهيءَ جي مقرر ڪيل قيمت ۾ انهيءَ جي پنجين حصي جيترو وڌيڪ ملائي ڏئي. 32سڀني ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين منجھان هر ڏهن جانورن مان هڪڙو مون خداوند جو آهي. جڏهن جانورن جو شمار ڪيو وڃي تڏهن هر ڏهون جانور مون خداوند لاءِ مخصوص ڪيو وڃي. 33هو چڱن جانورن کي خراب جانورن مان چونڊي نہ ڪڍي، نڪي انهيءَ کي بدلائي. پر جيڪڏهن مالڪ انهيءَ کي بدلائيندو تہ اهو ۽ انهيءَ جي عيوض ۾ ڏنل جانور ٻيئي مون خداوند لاءِ مخصوص ٿيندا ۽ ڪنهن بہ طرح ڇڏائي نہ سگھبا.“
34اِهي ئي آهن اهي حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.

Currently Selected:

لاوي سرشتو 27: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in