11
تعبيرہ جي هنڌ تي خدا جو باهہ موڪلڻ
1ماڻهو پنهنجين تڪليفن بابت خداوند سان شڪايتون ڪرڻ لڳا. جڏهن خداوند هي ٻڌيون تڏهن ڏاڍو غصي ٿيو ۽ انهن مٿان باهہ موڪليائين. اها انهن ۾ ٻرڻ لڳي ۽ خيميگاهہ جي ٻاهرئين ڀاڱي مان ڪجھہ حصو ساڙي ڇڏيائين. 2تڏهن ماڻهن موسيٰ وٽ اچي دانهون ڪيون. موسيٰ خداوند کان دعا گھري ۽ باهہ وسامي ويئي. 3سو انهيءَ هنڌ جو نالو #11:3 تعبيرہ هن نالي جو اچار عبراني ٻوليءَ جي ان لفظ جي اچار سان ملندڙ جلندڙ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”ٻرڻ.“تعبيرہ رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي باهہ منجھن ٻرڻ لڳي هئي.
موسيٰ جو ستر مددگار اڳواڻن کي چونڊڻ
4انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟ 5اسان کي اها مڇي ياد ٿي اچي جا اسين مصر ۾ مفت کائيندا هئاسين. اُتي جا ونگا، گدرا، گندنائون، بصر ۽ ٿوم پڻ اسان کي ياد ٿا پون. 6پر هاڻ تہ اسان جي بک ئي مري ويئي آهي، هتي تہ اسين هن مَنَ کان سواءِ ٻيو ڪجھہ بہ نہ ٿا ڏسون.“
7 #
خر 16:31
اها مَنَ ڌاڻن جي ٻج جهڙي هئي ۽ موتين وانگر ڏسڻ ۾ ٿي آئي. 8-9#خر 16:13-15 رات جو جڏهن خيميگاهہ تي ماڪ پوندي هئي، تڏهن انهيءَ سان گڏ مَنَ بہ ڪرندي هئي. صبح جو ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن وڃي اها ميڙي گڏ ڪندا هئا، پوءِ انهيءَ کي جنڊ ۾ پيهندا هئا يا اُکرين ۾ ڪُٽيندا هئا. هو انهيءَ کي ديڳڙين ۾ اوٻاري انهيءَ مان مانيون پچائيندا هئا. انهيءَ جو سواد زيتون جي تيل ۾ پچايل مانيءَ جهڙو هو. 10جڏهن موسيٰ هر هڪ گھراڻي جي سڀني ماڻهن کي پنهنجن تنبن جي درن تي روئندي ڏٺو، جنهن سبب خداوند بہ مٿن تمام گھڻو اچي ڪاوڙيو، تڏهن موسيٰ کي سندن اها ڳالهہ بري لڳي. 11سو هن خداوند کي چيو تہ ”تو پنهنجي ٻانهي کي ڇو تڪليف ۾ وڌو آهي؟ ڇو تو مون تي رحم جي نظر ڪانہ ڪئي، جو هن سڄي قوم جو بار مون تي رکيو اٿيئي؟ 12ڇا هي سڀ ماڻهو منهنجي پيٽ ۾ پيل هئا ۽ مون کين ڄڻيو آهي؟ تون مون کي ائين ڇو ٿو چوين تہ جيئن ڪا دائي کيرپياڪ ٻار کي کڻندي آهي تيئن آءٌ هنن کي پنهنجيءَ هنج ۾ کڻي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي وڃان، جنهن بابت تو هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو آهي؟ 13هو ميڪن ٿا پيا ۽ چون ٿا تہ ’اسان کي گوشت ڏي تہ اسين کائون.‘ ڀلا آءٌ هيترن ماڻهن لاءِ گوشت ڪٿان آڻيان؟ 14آءٌ هنن سڀني ماڻهن جو بار نہ ٿو کڻي سگھان. اهو منهنجي وس کان ٻاهر آهي. 15جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“
16تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”بني اسرائيل قوم مان اهڙا ستر ڄڻا چونڊي ڪڍ، جن کي تون معزز ۽ مکيہ اڳواڻ طور ڄاڻين ٿو. انهن کي مون خدا سان ملاقات واري خيمي وٽ وٺي اچ ۽ کين پاڻ سان گڏ بيهار. 17آءٌ لهي اتي تو سان ڳالهائيندس ۽ تو ۾ جيڪو روح آهي، تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ۾ وجھندس. پوءِ امت جو بار کڻڻ ۾ اهي تنهنجي مدد ڪندا، انهيءَ لاءِ تہ تو اڪيلي کي اهو نہ کڻڻو پوي. 18تون بني اسرائيل جي ماڻهن کي چئُہ تہ هو سڀاڻي جي لاءِ پاڻ کي پاڪ ڪن، کائڻ لاءِ کين گوشت ملندو. جيئن تہ مون خداوند کين ميڪندي ۽ اهو چوندي ٻڌو آهي تہ ’ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو، هتي کان تہ مصر ۾ اسان جو حال چڱو هو.‘ تنهنڪري آءٌ خداوند کين گوشت ڏيندس ۽ هو اهو کائين. 19اهو هنن کي نہ رڳو هڪڙو يا ٻہ ڏينهن، يا پنج ڏينهن، يا ڏهہ ڏينهن، يا ويهہ ڏينهن کائڻ لاءِ ملندو، 20بلڪ سڄو مهينو ملندن، جيستائين اهو سندن ناسن مان نڪري ۽ انهيءَ کان سندن دل ڪچي ٿيڻ لڳي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند کي رد ڪيو آهي جو هنن منجھہ آهيان ۽ منهنجي اڳيان ميڪندي چيو اٿن تہ ’اسين ڇو مصر مان نڪري آياسين.‘“
21تڏهن موسيٰ چيو تہ ”هي ماڻهو جن ۾ آءٌ آهيان، سي ڇهہ لک پيادا آهن ۽ تون چوين ٿو تہ ’آءٌ کين سڄو مهينو کائڻ لاءِ گوشت ڏيندس.‘ 22ڇا هنن جي پورائي لاءِ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا ذبح ڪيا ويندا؟ يا هنن جي لاءِ سمنڊ جي سموري مڇي گڏ ڪئي ويندي جا کائي هو ڍءُ ڪندا؟“ 23تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“
24ان کان پوءِ موسيٰ ٻاهر نڪري ويو ۽ جيڪي خداوند چيو هئس سو ماڻهن کي ٻڌايائين. هن قوم جي اڳواڻن مان ستر ڄڻا گڏ ڪيا ۽ انهن کي مقدس خيمي جي چوڌاري بيهاريائين. 25پوءِ خداوند ڪڪر ۾ هيٺ لٿو ۽ ساڻس ڳالهايائين. موسيٰ ۾ جيڪو روح هو تنهن مان ڪجھہ کڻي انهن ستر اڳواڻن ۾ وڌائين. جڏهن انهن ۾ روح آيو تڏهن هو نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا، پر انهيءَ کان پوءِ وري ائين نہ ڪيائون.
26مگر جيئن تہ انهن مان ٻہ ڄڻا خيميگاهہ ۾ ئي رهجي ويا هئا، جن مان هڪڙي جو نالو الداد هو ۽ ٻئي جو ميداد هو. انهن جا نالا اڳواڻن جي لسٽ ۾ لکيا ويا هئا پر هو ٻاهر مقدس خيمي ڏانهن ڪونہ آيا هئا. تنهن هوندي بہ روح انهن ۾ آيو ۽ اهي بہ خيميگاهہ ۾ ئي نبين جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لڳا. 27تڏهن هڪڙي جوان ماڻهوءَ ڊوڙي وڃي موسيٰ کي ٻڌايو تہ ”الداد ۽ ميداد خيميگاهہ ۾ نبين جهڙيون ڳالهيون پيا ڪن.“ 28تنهن تي نون جو پٽ يشوع جيڪو جوانيءَ کان وٺي موسيٰ جو نوڪر هو، تنهن چيو تہ ”اي منهنجا آقا موسيٰ! انهن کي منع ڪريو.“
29پر موسيٰ وراڻيس تہ ”تو کي مون لاءِ غيرت ٿي اچي ڇا؟ آءٌ چاهيان ٿو تہ خداوند جا سڀيئي ماڻهو نبي ٿي پون ۽ خداوند پنهنجو روح انهن تي بہ نازل ڪري.“ 30پوءِ موسيٰ ۽ بني اسرائيل جا اڳواڻ خيميگاهہ ڏانهن موٽيا.
خداوند جو ٻٽيرا موڪلڻ
31تڏهن خداوند هڪڙو طوفان موڪليو، جنهن سمنڊ واري پاسي کان ٻٽيرا گهلي آندا جيڪي زمين کان اٽڪل هڪ ميٽر تائين پئي اُڏاميا. اهي خيميگاهہ ۾ ۽ خيميگاهہ جي چوڌاري ڪيترن ئي ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ڦهليا پيا هئا. 32تڏهن ماڻهو اٿيا، اهو سڄو ڏينهن ۽ سڄي رات ۽ ورندو سڄو ڏينهن ٻٽيرا پڪڙي گڏ ڪيائون. جنهن تمام ٿورا گڏ ڪيا تنهن بہ اٽڪل هڪ هزار ڪلوگرام گڏ ڪيا. پوءِ هنن انهن کي پنهنجي خيميگاهہ جي آسپاس سڪائڻ لاءِ پکيڙي ڇڏيو. 33جڏهن اهو گوشت اڃا سندن ڏندن جي وچ ۾ هو ۽ اهو اڃا چٻيو ئي ڪين هئائون، تہ خداوند کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن ماڻهن کي سخت وبا سان ماري ڇڏيو. 34سو انهيءَ هنڌ جو نالو ”سَڌَ جون قبرون“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون جن گوشت جي اجائي سَڌَ ڪئي هئي. 35پوءِ ماڻهو اتان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ اچي منزل ڪري رهي پيا.