YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 10

10
چانديءَ جا توتارا
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون پنهنجي لاءِ گھڙيل چانديءَ جا ٻہ توتارا ٺهراءِ، تہ جيئن اهي قوم کي سڏڻ ۽ منزل جي کڄي هلڻ لاءِ ڪم ۾ آڻي سگھين. 3جڏهن اهي ٻيئي وڄايا وڃن تڏهن سڄي قوم مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو تو وٽ اچي گڏ ٿئي. 4پر جڏهن فقط هڪڙو توتارو وڄايو وڃي تڏهن رڳو اڳواڻ يعني بني اسرائيل جي قبيلن جا سردار اچي تو وٽ گڏ ٿين. 5جڏهن انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيمي‌گاهہ ۾ اوڀر طرف وارا منزل‌انداز قبيلا منزل کڻي هلن. 6جڏهن ٻيو ڀيرو انهيءَ مان وڏي زور سان آواز ڪڍيو وڃي تڏهن خيمي‌گاهہ ۾ ڏکڻ پاسي وارا منزل‌انداز قبيلا منزل کڻي هلن. سو وڏي زور سان آواز منزل کڻي هلڻ لاءِ ڪڍيا ويندا. 7پر جڏهن قوم کي گڏ ڪرڻو هجي تڏهن انهيءَ مان مختلف آواز ڪڍيو وڃي.
8 هارون جا پٽ، جيڪي ڪاهن آهن سي اهي توتارا وڄائين. اهو ئي قانون اوهان ۽ اوهان جي سڀني پيڙهين لاءِ هميشہ قائم رهندو. 9جڏهن اوهين پنهنجي ملڪ ۾، پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪرو جنهن اوهان کي ستايو هجي، تڏهن اوهين توتارن مان وڏي زور سان آواز ڪڍجو. پوءِ آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي نظر ڪندس ۽ اوهان کي اوهان جي دشمنن کان بچائيندس. 10اوهين پنهنجي خوشيءَ جي وقت، پنهنجن مقرر ٿيل عيدن تي ۽ نئين چنڊ وارن ڏينهن تي، پنهنجين ساڙڻ وارين قربانين ۽ سلامتيءَ وارين قربانين تي توتارا وڄائجو. اهي مون خداوند جي حضور ۾ اوهان کي ياد رکڻ جو سبب بڻبا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“
سينا کان روانگيءَ جي تياري
11بني اسرائيل جي مصر ڇڏڻ کان پوءِ ٻئي سال جي ٻئي مهيني جي ويهين تاريخ تي مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن تان ڪڪر مٿي کڄي ويو. 12تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.
13هو موسيٰ جي معرفت مليل، خداوند جي حڪم موجب پهريون ڀيرو هن طرح منزل کڻي هليا: 14سڀ کان پهريائين يهوداہ جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عمينداب جو پٽ نحسون انهن جو سردار هو. 15بني اِسڪار جي قبيلي جو سردار صوعر جو پٽ نٿن‌ايل هو 16۽ بني زبولون جي قبيلي جو سردار حيلون جو پٽ الياب هو. 17#ڳا 4‏:21‏-33 پوءِ جڏهن مقدس خيمي کي لاٿو ويو تہ بني جيرشون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.
18ان کان پوءِ بني روبن جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. شديور جو پٽ اليصور انهن جو سردار هو. 19بني شمعون جي قبيلي جو سردار صوري‌شديءَ جو پٽ شلومي‌ايل هو 20۽ بني جد جي قبيلي جو سردار دعو‌ايل جو پٽ الياسف هو. 21#ڳا 4‏:1‏-20 پوءِ بني قهات پاڪ شيون کڻي اڳتي روانا ٿيا. انهن جي ٻي منزل تي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي خيمو کڙو ڪري ڇڏيو ويندو هو.
22تنهن بعد بني افرائيم جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميهود جو پٽ اليشمع انهن جو سردار هو. 23بني منسيءَ جي قبيلي جو سردار فداهصور جو پٽ جملي‌ايل هو 24۽ بني بنيامين جي قبيلي جو سردار جِدعونيءَ جو پٽ ابيدان هو.
25آخر ۾ دان جي منزل‌گاهہ جيڪا سڀني منزل‌گاهن جي پٺئين لشڪر جي حيثيت ۾ هئي، تنهن جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عميشديءَ جو پٽ احيعزر انهن جو سردار هو. 26بني آشر جي قبيلي جو سردار عڪران جو پٽ فجعي‌ايل هو 27۽ بني نفتاليءَ جي قبيلي جو سردار عينان جو پٽ احيرع هو. 28جڏهن بہ بني اسرائيل منزل کڻي روانا ٿيندا هئا، تڏهن انهيءَ ئي ترتيب سان هلندا هئا.
29 موسيٰ پنهنجي سهري يٿروءَ جي پٽ حوباب کي چيو تہ ”اسين انهيءَ هنڌ ڏانهن وڃڻ وارا آهيون جنهن بابت خداوند فرمايو هو تہ ’آءٌ اهو اوهان کي ڏيندس.‘ هن بني اسرائيل کي خوشحال ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي. سو تون اسان سان هل ۽ اسين تو کي ان خوشحاليءَ ۾ پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسون.“ 30تنهن تي حوباب ورندي ڏيئي چيس تہ ”آءٌ ڪين هلندس، بلڪ آءٌ پنهنجي وطن ويندس جتي منهنجا مٽ‌مائٽ آهن.“ 31پر موسيٰ چيس تہ ”مهرباني ڪري اسان کي ڇڏي نہ وڃ، ڇاڪاڻ تہ تون ڄاڻين ٿو تہ هن بيابان ۾ اسان کي ڪٿي ڪٿي منزلون ڪرڻ گھرجن. تون اسان کي هڪ سونهين جو ڪم ڏيئي سگھين ٿو. 32جيڪڏهن تون اسان سان هلندين تہ خداوند جي ڏنل برڪتن ۾ اسين تو کي پاڻ سان ڀاڱي ڀائيوار ڪنداسين.“
روانگي
33سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي. 34جڏهن هو منزل‌گاهہ مان روانا ٿي ٿيا، تڏهن هر دفعي خداوند جو ڪڪر ڏينهن جو سندن مٿان ٿي رهيو. 35#زب 68‏:1 جڏهن عهد واري صندوق رواني ٿيندي هئي، تڏهن موسيٰ چوندو هو تہ ”اي خداوند! اُٿ، تہ تنهنجا دشمن ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ جيڪي تو سان ڪينو رکن ٿا سي تنهنجي اڳيان ڀڄي وڃن.“ 36جڏهن اها بيهندي هئي تڏهن هو چوندو هو تہ ”اي خداوند! هزارين بلڪ لکين بني اسرائيل وارن ۾ موٽي اچ.“

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 10: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in