YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 9

9
عيد فصح ملهائڻ
1 # خر 12‏:1‏-13 بني اسرائيل جي مصر ملڪ مان نڪري اچڻ کان پوءِ ٻئي سال جي پهرئين مهيني ۾ سينا جي بيابان ۾ خداوند موسيٰ سان ڳالهايو. کيس چيائين تہ 2”بني اسرائيل مقرر ڪيل وقت تي عيد فصح ملهائڻي آهي. 3انهيءَ لاءِ هو هن مهيني جي چوڏهين تاريخ تي سج لهڻ وقت سڀني قاعدن قانونن موجب اها ملهائين.“ 4سو موسيٰ بني اسرائيل کي عيد فصح ملهائڻ لاءِ چيو. 5تڏهن انهن سينا جي بيابان ۾، پهرئين مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو عيد فصح ملهائي. جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.
6پر انهن ۾ ڪي اهڙا ماڻهو بہ هئا جيڪي مُڙدي کي ڇهڻ سبب ناپاڪ ٿي پيا هئا، جنهن ڪري اهي عيد فصح ملهائي نہ ٿي سگھيا. تنهنڪري هو انهيءَ ڏينهن موسيٰ ۽ هارون وٽ آيا. 7کين اچي چيائون تہ ”اسين هڪ مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پيا آهيون، پر جيڪر اسان کي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان گڏ خداوند جي لاءِ مقرر ڪيل وقت تي نذراني پيش ڪرڻ کان نہ روڪيو وڃي.“ 8موسيٰ کين ورندي ڏني تہ ”اوهين ترسو جيستائين مون کي خبر پوي تہ خداوند اوهان جي باري ۾ ڪهڙو حڪم ٿو ڏئي.“
9تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 10”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن اوهان مان يا اوهان جي اولاد مان ڪي ماڻهو مُڙدي کي ڇهڻ ڪري ناپاڪ ٿي پون، يا ڪنهن ڏورانهين مسافريءَ ۾ هجن، تہ بہ هو مون خداوند جي لاءِ عيد فصح ملهائين. 11پر هو مقرر مهيني کان پوءِ واري مهيني جي چوڏهين تاريخ سج لٿي جو اها عيد ملهائين. انهيءَ وقت هو بي‌خميري مانيءَ ۽ ڪؤڙين ڀاڄين سان قربانيءَ جو گھيٽو کائين. 12#خر 12‏:46، يو 19‏:36 هو انهيءَ کاڌي مان ڪجھہ بہ صبح تائين نہ بچائين ۽ نہ وري گوشت مان ڪو هڏو ڀڃن. هو عيد فصح ملهائڻ وقت ان جا سمورا قاعدا بجا آڻين. 13پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڪ هجي ۽ مسافريءَ ۾ بہ نہ هجي ۽ پوءِ بہ عيد فصح نہ ملهائي تہ اهڙي کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ تہ مقرر ڪيل وقت تي هُن مون خداوند جي لاءِ نذرانو پيش نہ ڪيو آهي. اهو ماڻهو پنهنجي گناهہ جي سزا ڀوڳيندو. 14جيڪڏهن ڪو ڌاريو اوهان ۾ رهندو هجي ۽ هو عيد فصح ملهائڻ گھري تہ هو انهيءَ جا سمورا قاعدا قانون بجا آڻي. سڀني جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، جهڙو بني اسرائيل لاءِ تهڙو ڌارئي لاءِ.‘“
مقدس خيمي جي مٿان ڪڪر
(خروج 40‏:34‏-38)
15جنهن ڏينهن مقدس خيمو، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، کڙو ڪيو ويو تنهن ڏينهن ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو. جڏهن تہ سانجھيءَ کان صبح تائين اهو مقدس خيمي جي مٿان باهہ جي صورت ۾ رهيو. 16اهڙيءَ طرح هميشہ ٿيندو رهيو يعني ڏينهن جو ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان ڇانيل رهندو هو ۽ رات جو باهہ وانگر ڏسڻ ۾ ايندو هو. 17جڏهن ڪڪر خيمي تان کڄي ويندو هو تڏهن بني اسرائيل ان جي پٺيان منزل کڻي هلندا هئا ۽ جنهن جاءِ تي ڪڪر بيهندو هو انهيءَ جاءِ تي هو منزل ڪندا هئا. 18يعني بني اسرائيل خداوند جي حڪم تي منزل کڻي هلندا هئا ۽ سندس ئي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا. جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان رهندو هو تيستائين هو اُتي منزل ڪري ويٺا هوندا هئا. 19جڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان گھڻن ڏينهن تائين بيهي رهندو هو تڏهن بني اسرائيل خداوند جي حڪم موجب ويٺا رهندا هئا ۽ اڳتي منزل کڻي ڪين هلندا هئا. 20ڪڏهن ڪڏهن ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان چند ڏينهن بيهندو هو. بهرحال هو خداوند جي حڪم موجب ئي منزل ڪري ويهندا هئا ۽ انهيءَ جي ئي حڪم موجب منزل کڻي هلندا هئا. 21ڪڏهن ڪڏهن تہ ڪڪر فقط شام کان وٺي صبح تائين بيهندو هو ۽ جڏهن صبح جو ڪڪر کڄي ويندو هو تڏهن هو منزل کڻي هلندا هئا. ڏينهن جو توڙي رات جو، جنهن بہ وقت ڪڪر کڄندو هو، انهيءَ وقت هو منزل کڻي هلندا هئا. 22جيستائين ڪڪر مقدس خيمي جي مٿان بيٺو هوندو هو، پوءِ ٻہ ڏينهن هجن يا هڪ مهينو هجي يا انهيءَ کان وڌيڪ عرصو هجي، تيستائين بني اسرائيل منزل ڪري ويٺا هوندا هئا ۽ روانا ڪين ٿيندا هئا. پر جڏهن اهو کڄندو هو تڏهن اهي منزل کڻي روانا ٿيندا هئا. 23مطلب تہ خداوند جي حڪم تي هو منزل ڪندا هئا ۽ خداوند جي ئي حڪم تي هو منزل کڻي روانا ٿيندا هئا. خداوند جو حڪم جيڪو موسيٰ جي معرفت کين ملندو هو سو هو مڃيندا هئا.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 9: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in