ڳاڻاٽو 1:16-2
ڳاڻاٽو 1:16-2 SB
اضهار جي پٽ قورح، جيڪو قهات جو پوٽو ۽ لاويءَ جو پڙپوٽو هو، تنهن هڪ دفعي موسيٰ جي خلاف بغاوت ڪئي. روبن قبيلي جا ٽي ٻيا شخص هر هڪ داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ هئا ۽ اون ولد پلت بہ ساڻس انهيءَ بغاوت ۾ شامل ٿيا. بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جيڪي چونڊيل اڳواڻ ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي هو ساڻ ڪري موسيٰ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿيا.





