YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 16

16
قورح، داتن ۽ ابيرام جي بغاوت
1 # خر 6‏:21، يهو 11 اضهار جي پٽ قورح، جيڪو قهات جو پوٽو ۽ لاويءَ جو پڙپوٽو هو، تنهن هڪ دفعي موسيٰ جي خلاف بغاوت ڪئي. روبن قبيلي جا ٽي ٻيا شخص هر هڪ داتن ۽ ابيرام، جيڪي الياب جا پٽ هئا ۽ اون ولد پلت بہ ساڻس انهيءَ بغاوت ۾ شامل ٿيا. 2بني اسرائيل مان اڍائي سؤ ماڻهو، جيڪي چونڊيل اڳواڻ ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي هو ساڻ ڪري موسيٰ سان مقابلي ڪرڻ لاءِ اٿيا. 3اهي موسيٰ ۽ هارون جي اڳيان اچي گڏ ٿيا ۽ کين چيائون تہ ”اوهين تہ حد لنگھي ويا آهيو. جڏهن تہ قوم جو هر هڪ ماڻهو مخصوص آهي ۽ خداوند اسان سڀني سان آهي تہ پوءِ اوهين ڇو پنهنجو پاڻ کي خداوند جي قوم کان مٿاهون ٿا سمجھو.“
4جڏهن موسيٰ اهو ٻڌو تہ منهن ڀر سجدي ۾ ڪري پيو. 5پوءِ هن قورح ۽ سندس سڄي ٽولي کي چيو تہ ”سڀاڻي صبح جو خداوند پاڻيهي ڏيکاريندو تہ ڪير سندس آهي ۽ ڪير مخصوص آهي جيڪو سندس ويجھو وڃي، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي چونڊيو هوندائين تنهن کي ئي پنهنجي ويجھو اچڻ ڏيندو. 6اي قورح! تون ۽ تنهنجو سڄو ٽولو هيئن ڪريو جو سڀاڻي صبح جو اوهين لوبان‌دان کڻو، 7خداوند جي آڏو انهن تي ٽانڊا رکي مٿن لوبان وجھو. پوءِ ڏسنداسون تہ ڪنهن کي خداوند مخصوص ڪري چونڊيو آهي. اوهين تہ حد کان لنگھي ويا آهيو.“
8 موسيٰ قورح کي وڌيڪ چيو تہ ”اي لاويءَ جو اولاد! ٻڌو. 9ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟ 10اي قورح! هن تو کي ۽ تنهنجي سڀني لاوي ڀائرن کي چونڊي ڌار ڪيو آهي ۽ هاڻي وري اوهين ڪهانت ۾ بہ اکيون ٿا وجھو! 11هارون ڪير آهي، جنهن جي خلاف اوهين شڪايت ٿا ڪريو؟ حقيقت ۾ تون ۽ تنهنجو ٽولو خداوند جي ئي خلاف بغاوت ٿا ڪريو.“
12پوءِ موسيٰ الياب جي پٽن داتن ۽ ابيرام کي گھرايو. پر هنن چيو تہ ”اسين ڪونہ اينداسين. 13اها ڪا ٿوري ڳالهہ آهي ڇا جو تون اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ مان ڪڍي هتي بيابان ۾ مارڻ لاءِ وٺي آيو آهين؟ هاڻي وري تون اسان جي مٿان صاحبي هلائڻ ٿو گھرين؟ 14تنهن کان سواءِ تو اسان کي آسودي ۽ خوشحال ملڪ ۾ ڪونہ پهچايو آهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي. هاڻ وري تون اسان جي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. اسين ڪونہ اينداسين.“
15تڏهن موسيٰ کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي ۽ خداوند کي چيائين تہ ”جيڪا قرباني هي آڻين سا تون قبول نہ ڪج. مون تہ انهن کان ڪو گڏهہ بہ ڪونہ ورتو آهي، نڪي هنن مان ڪنهن کي ڪو نقصان رسايو اٿم.“
16پوءِ موسيٰ قورح کي چيو تہ ”سڀاڻي تون پنهنجي ٽولي جي ماڻهن سميت خداوند جي آڏو حاضر ٿجانءِ. هارون بہ اتي هوندو. 17اوهان جي ٽولي جي اڍائي سؤ ماڻهن مان هر ڪو پنهنجو لوبان‌دان کڻي انهيءَ تي لوبان وجھي ۽ پوءِ اهو خداوند جي آڏو آڻي پيش ڪري. تون ۽ هارون بہ ائين ئي ڪريو.“ 18سو هر ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجو لوبان‌دان کنيو، انهيءَ تي ٽانڊا وڌا ۽ انهن مٿان لوبان وجھي موسيٰ ۽ هارون سان گڏ خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ اچي بيٺو. 19پوءِ قورح پنهنجو سڄو ٽولو گڏ ڪري خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ موسيٰ ۽ هارون جي منهن مقابل آڻي بيهاريو. تڏهن اوچتو خداوند جو جلال سڀني جي روبرو ظاهر ٿيو. 20خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 21”اوهين پاڻ کي هن قوم کان ڌار ڪريو تہ آءٌ هنن کي هڪ پل ۾ برباد ڪري ڇڏيان.“ 22پر موسيٰ ۽ هارون سجدي ۾ ڪري کيس چوڻ لڳا تہ ”اي خدا! تون جيڪو زندگيءَ جو سرچشمو آهين، هڪڙي ماڻهوءَ جي گناهہ جي ڪري سڄيءَ قوم تي ڪاوڙبين ڇا؟“
23تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 24”تون ماڻهن کي چئُہ تہ اهي قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن وٽان نڪري پري ٿين.“
25تڏهن موسيٰ اٿيو ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن کي ساڻ ڪري داتن ۽ ابيرام وٽ ويو. 26هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“ 27سو اهي ماڻهو قورح، داتن ۽ ابيرام جي تنبن وٽان پري هٽي ويا.
داتن ۽ ابيرام پنهنجين زالن، پٽن ۽ ننڍڙن ٻارن سميت نڪري اچي پنهنجن تنبن جي در تي بيٺا. 28تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”انهيءَ ڳالهہ مان اوهان کي خبر پوندي تہ خداوند مون کي هي سڀ ڪم ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ اهي مون پنهنجيءَ مرضيءَ سان نہ ڪيا آهن. 29جيڪڏهن هي ماڻهو ٻين سڀني ماڻهن وانگر عام موت مرن ۽ عجيب موت نہ مرن تہ پوءِ آءٌ خداوند جو موڪليل نہ آهيان. 30پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“
31هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي. 32زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي. 33اهڙيءَ طرح هو پنهنجي مال ملڪيت سميت جيئري ئي وڃي قبر داخل ٿيا. پوءِ زمين انهن جي مٿان هڪ ٿي ويئي ۽ هو قوم مان ناس ٿي ويا. 34سڀ بني اسرائيل جيڪي انهن جي آس‌پاس هئا سي انهن جون دانهون ٻڌي اُٿي ڀڳا. رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”اُٿو! ڀڄو! متان زمين اسان کي بہ نہ ڳهي وڃي.“
35پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، جنهن انهن سڀني اڍائي سؤ ڄڻن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو، جن لوبان آڻي پيش ڪيو هو.
لوبان‌دان
36 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 37هارون ڪاهن جي پٽ اليعزر کي چئُہ تہ هو سڙيل ماڻهن واري ڍير مان لوبان‌دان ڪڍي وٺي ۽ انهن مان ٽانڊن کي ڪنهن ٻئي هنڌ پکيڙي ڇڏي، ڇو تہ اهي لوبان‌دان پاڪ آهن. 38اهي تڏهن پاڪ ٿيا هئا جڏهن مون خداوند جي آڏو پيش ڪيا ويا هئا. سو اهي گنهگار جيڪي پنهنجن گناهن جي ڪري موت جو شڪار ٿي ويا، تن جي لوبان‌دانن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيو. اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي هڪڙي نشاني ٿيندي.“ 39سو اليعزر ڪاهن اهي پتل جا لوبان‌دان کنيا جيڪي سڙي ويل ماڻهن نذر ڪيا هئا. هن انهن کي ڪُٽي قربان‌گاهہ جي ڍڪڻ لاءِ پترا ٺاهيا. 40اها بني اسرائيل جي لاءِ چتاءَ جي نشاني هئي تہ جيئن ڪوبہ ماڻهو جيڪو هارون جي اولاد مان نہ هجي سو خداوند جي حضور ۾ لوبان ساڙڻ لاءِ نہ اچي. ٻيءَ حالت ۾ ان جو حال بہ قورح ۽ سندس ٽولي جهڙو ٿيندو. جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ جي معرفت اليعزر کي فرمايو هو تهڙيءَ ئي طرح سڀ ڪجھہ ڪيو ويو.
هارون جو ماڻهن کي بچائڻ
41ٻئي ڏينهن بني اسرائيل قوم موسيٰ ۽ هارون جي خلاف شڪايت ڪرڻ لڳي تہ ”اوهان خداوند جي ماڻهن کي ماريو آهي.“ 42جڏهن اهي موسيٰ ۽ هارون جي خلاف گڏ ٿيا، تڏهن خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن جو نگاهہ ڪيائون تہ ڇا ڏسن تہ ڪڪر انهيءَ کي ڍڪي ڇڏيو آهي ۽ خداوند جو جلال ظاهر ٿيو آهي! 43سو موسيٰ ۽ هارون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڳيان وڃي بيٺا. 44خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 45”اوهين هنن ماڻهن مان نڪري الڳ ٿيو تہ آءٌ هڪڙيءَ جھٽ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيان.“ تڏهن هو ٻئي سجدي ۾ ڪري پيا. 46پوءِ موسيٰ هارون کي چيو تہ ”تون پنهنجو لوبان‌دان کڻ، قربان‌گاهہ مان ٽانڊا ڪڍي انهيءَ تي رک ۽ انهيءَ تي لوبان وجھہ. تون اهو کڻي جلدي قوم ڏانهن وڃ ۽ انهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪر، ڇو تہ خداوند جو غضب نازل ٿي چڪو آهي ۽ وبا شروع ٿي چڪي آهي.“ 47سو هارون موسيٰ جي چوڻ موجب ڊوڙي قوم ۾ ويو ۽ ڇا ڏسي تہ وبا تہ ماڻهن ۾ شروع ٿي چڪي آهي! تڏهن هن لوبان ساڙيو ۽ ماڻهن جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين. 48هو مئلن ۽ جيئرن جي وچ ۾ بيهي رهيو، تڏهن وبا بند ٿي ويئي. 49جيڪي قورح جي بغاوت سبب مري ويا هئا تن کان سواءِ وبا ۾ مرڻ وارن جو تعداد چوڏهن هزار ست سؤ هو. 50جڏهن وبا بند ٿي ويئي تڏهن هارون خدا سان ملاقات واري خيمي ڏانهن موسيٰ وٽ موٽي آيو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 16: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in