YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 15

15
اضافي قربانيون
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ پهچي اوهين هن ريت قربانيون ڪندا رهجو. 3اوهين مون خداوند جي لاءِ رڍن ٻڪرين يا ڍورن ڍڳن منجھان منهنجي واسطي وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ساڙڻ واري قرباني ڪريو، يا باسيل قرباني ڪريو، يا پنهنجي خوشيءَ جي قرباني ڪريو، يا پنهنجين مقرر عيدن تي قرباني ڪريو يا ڪا ٻي ساڙي ويندڙ قرباني ڪريو، 4تڏهن جيڪو مون خداوند جي لاءِ پنهنجي قرباني پيش ڪري سو هڪ ڪلوگرام ميدو هڪ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي. 5هو اوتڻ واري قربانيءَ طور هڪ ليٽر مئي تيار ڪري ۽ اها هر هڪ گھيٽي پٺيان ساڙڻ واري قربانيءَ يا ٻي قربانيءَ سان گڏ کڻي اچي. 6گھٽي جي قرباني پيش ڪرڻ وقت ٻہ ڪلوگرام ميدو ڏيڍ ليٽر تيل ۾ گڏي اناج جي قربانيءَ طور پيش ڪجي 7۽ اوتڻ واري قربانيءَ لاءِ ڏيڍ ليٽر مئي تيار ڪري پيش ڪئي وڃي. اهي قربانيون مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي پيش ڪيون وڃن. 8جڏهن ڪو ماڻهو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ يا ڪنهن باس جي پوري ٿيڻ جي قربانيءَ لاءِ يا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ مون خداوند واسطي ڪو وهڙو تيار ڪري، 9تڏهن اهو ماڻهو وهڙي سان گڏ ٽي ڪلوگرام ميدو ٻہ ليٽر تيل سان گڏي اناج جي قربانيءَ طور آڻي پيش ڪري 10۽ ٻہ ليٽر مئي سان گڏي اوتڻ واري قربانيءَ طور پيش ڪري. اهي ساڙيون ويندڙ قربانيون مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي آڻي پيش ڪري.
11هر هڪ وهڙي، هر هڪ گھٽي، هر هڪ گھيٽي ۽ هر هڪ ڇيلي سان اهي ايتريون ئي شيون آنديون وڃن. 12جڏهن ڪو قرباني ڪندڙ هڪ کان وڌيڪ جانور آڻي تہ انهن جي شمار موجب انهن سان گڏ آڻيندڙ شين ۾ اضافو ڪري. 13جيڪي قوم جا اصلي فرد آهن، سي سڀ مون خداوند جي حضور ۾ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪرڻ وقت ائين ئي ڪن. 14جيڪڏهن ڪو ڌاريو جيڪو اوهان ۾ عارضي طور رهي ٿو يا وري جيڪو پيڙهين کان وٺي رهندو اچي ٿو، سو مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي ساڙي ويندڙ قرباني پيش ڪري تہ اهو بہ ائين ئي ڪري جيئن اوهين ٿا ڪريو. 15سڄيءَ قوم لاءِ يعني اوهان جي لاءِ ۽ جيڪو ڌاريو اچي اوهان سان گڏ رهي، تنهن جي لاءِ پيڙهي بہ پيڙهي اهو ساڳيو ئي قانون آهي. اوهين ۽ اهي ڌاريا مون خدا جي نظر ۾ هڪجهڙا آهيو. 16#لاو 24‏:22 اوهان جي لاءِ ۽ انهن ڌارين جي لاءِ ساڳيا ئي قاعدا قانون آهن.‘“
17 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ 18”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان 19۽ انهيءَ ملڪ جي پيداوار کائو تڏهن انهيءَ پيداوار مان ڪجھہ حصو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪندا رهجو. 20اوهين پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان پهرين ماني پچائي مون خداوند جي لاءِ نذراني طور پيش ڪجو. نذرانو ائين پيش ڪجو جيئن ڳاهہ جي پِڙ مان اناج وارو نذرانو پيش ڪندا آهيو. 21اوهين پيڙهي بہ پيڙهي پنهنجي پهرئين ڳوهيل اٽي مان ماني پچائي مون خداوند واسطي اهو نذرانو پيش ڪندا رهجو.“
بناارادي گناهن لاءِ قربانيون
22”هاڻي جيڪڏهن حڪمن ڏيڻ جي پهرئين ڏينهن کان اوهين بني اسرائيل وارا بناارادي منهنجي سمورن حڪمن مان ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿا ڪريو، 23يا وري اوهان جي ايندڙ سڀني پيڙهين تائين انهن سڀني حڪمن مان جيڪي مون خداوند موسيٰ جي معرفت اوهان کي ڏنا آهن، ڪنهن بہ هڪ حڪم تي عمل نہ ٿو ڪيو وڃي، 24تہ پوءِ جيڪڏهن بي‌خبريءَ ۾ انهن کان بناارادي اها خطا ٿي هجي تڏهن سڄي قوم مون خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ پيدا ڪرڻ واسطي، هڪڙو وهڙو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ، قانون مطابق اناج جي قربانيءَ ۽ اوتڻ واري قربانيءَ سميت آڻي پيش ڪري. انهيءَ کان سواءِ کين هڪ ٻڪر پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪرڻو آهي. 25تنهن بعد ڪاهن سڄيءَ قوم جي لاءِ ڪفارو ادا ڪري تہ پوءِ کين معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ اها خطا بناارادي آهي. سو هنن کي پنهنجي خطا جي لاءِ ساڙي ويندڙ قرباني ۽ پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪرڻي آهي. 26پوءِ بني اسرائيل توڙي منجھن رهندڙ ڌارين کي معافي ملندي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ بناارادي خطا ۾ هر ڪو شامل آهي.
27 # لاو 4‏:27‏-31 پر جيڪڏهن ڪو هڪڙو شخص بناارادي گناهہ ڪري ويهي تہ پوءِ هو هڪسالي ٻڪري پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور پيش ڪري. 28ڪاهن ان شخص لاءِ ڪفارو ادا ڪري جنهن بناارادي خطا ڪئي هجي، ان کان پوءِ کيس معافي ملندي. 29جيڪو بناارادي ڪا خطا ڪري تہ انهيءَ لاءِ اهو ساڳيو ئي قانون آهي، پوءِ اهو شخص هن قوم جو اصلي فرد هجي توڙي قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو هجي.
30پر جيڪڏهن ڪو ڄاڻي‌واڻي خطا ڪري، ڀلي پوءِ اهو قوم جو اصلي فرد هجي يا قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو، سو مون خدا جي توهين ڪري ٿو. اهو شخص بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو. 31جيئن تہ هن مون خداوند جي فرمان کي خسيس سمجھي ڄاڻي‌واڻي منهنجو حڪم ڀڳو، سو اهو شخص ضرور خارج ڪيو ويندو. سندس گناهہ سندس ئي سر تي رهندو.“
سبت ٽوڙڻ واري جي سزا
32هڪ دفعي جڏهن بني اسرائيل اڃا بيابان ۾ ئي هئا، تڏهن هڪڙو ماڻهو سبت جي ڏينهن ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو ويو. 33جن هن کي ڪاٺيون ميڙيندي ڏٺو سي کيس موسيٰ، هارون ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا. 34هنن کيس پهري هيٺ رکيو، ڇاڪاڻ تہ کين خبر ڪانہ هئي تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي. 35تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ کي موت جي سزا ڏني وڃي. پوري قوم خيمي‌گاهہ جي ٻاهران کيس سنگسار ڪري.“ 36سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تيئن انهن سڀني خيمي‌گاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏيو.
جھالردار ڦندڻن بابت قانون
37 خداوند موسيٰ کي بني اسرائيل بابت هي حڪم فرمايو تہ 38#شر 22‏:12 ”اوهين پنهنجي پيڙهي بہ پيڙهي، پنهنجين پوشاڪن جي ڪنڊن تي جھالردار ڦندڻ لڳايو ۽ هر هڪ ڦندڻ تي آسماني رنگ جي ڏوري ٽاڪيو. 39اهي ڦندڻ اوهان کي يادگيريءَ جو ڪم ڏيندا. جنهن بہ وقت اوهان جي نظر انهن تي پوندي تہ اوهان کي مون خداوند جا سڀ حڪم ياد ايندا ۽ اوهين انهن تي عمل ڪندا. پوءِ اوهين مون کان منهن موڙي پنهنجي نفساني خواهشن جي پٺيان نہ ويندا. 40پوءِ اوهان کي منهنجي سڀني حڪمن تي عمل ڪرڻ لاءِ يادگيري رهندي ۽ اوهين منهنجي لاءِ مخصوص رهندا. 41آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان. مون اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو خدا هجان. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 15: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in