ڳاڻاٽو 30:16-32
ڳاڻاٽو 30:16-32 SB
پر جيڪڏهن خداوند ڪا نئين واردات ڪري ۽ زمين پنهنجو وات ڦاڙي هنن کي سندن سموري مال ملڪيت سميت ڳهي وڃي ۽ هو جيئرا ئي وڃي قبر داخل ٿين تہ پوءِ سمجھجو تہ هنن خداوند جي توهين ڪئي آهي.“ هن اڃا ايترو چئي بس ڪئي تہ سندن پيرن هيٺان زمين ڦاٽي پيئي. زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.





