YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 2

2
قبيلن جي تنبن جي ترتيب
1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ 2”بني اسرائيل مان هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي نشان وٽ پنهنجي ڪٽنب جي جھنڊي سان مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي چئني طرفن تي پنهنجو پنهنجو تنبو کوڙي.
3اوڀر طرف پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ جيڪي قبيلا يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ هڪٻئي جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني يهوداہ جو سردار عمينداب جو پٽ نحسون ٿئي. 4انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چوهتر هزار ڇهہ سؤ آهي. 5بني يهوداہ جي ڀرسان اِسڪار قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار صوعر جو پٽ نٿن‌ايل ٿئي. 6انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چوونجاهہ هزار چار سؤ آهي. 7بني اِسڪار جي ڀرسان زبولون قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار حيلون جو پٽ الياب ٿئي. 8انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ستونجاهہ هزار چار سؤ آهي. 9سو يهوداہ جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ڇهاسي هزار چار سؤ مرد آهن. اهي سڀ يهوداہ جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا پهريائين منزل پٽي هلن.
10ڏاکڻي پاسي روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان هيٺ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني روبن جو سردار شديور جو پٽ اليصور ٿئي. 11انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ڇائيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي. 12بني روبن جي ڀرسان شمعون قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار صوري‌شدي جو پٽ شلومي‌ايل ٿئي. 13انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب اوڻهٺ هزار ٽي سؤ آهي. 14بني شمعون جي ڀرسان جد قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار رعوايل جو پٽ الياسف ٿئي. 15انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجيتاليهہ هزار ڇهہ سؤ پنجاهہ آهي. 16سو روبن جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ايڪونجاهہ هزار چار سؤ پنجاهہ مرد آهن. اهي سڀ روبن جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا ٻئي نمبر تي منزل پٽي هلن.
17ان کان پوءِ پهرين ٻن دستن ۽ پوين ٻن دستن جي وچ ۾ لاوي مون خدا سان ملاقات وارو خيمو کڻي هلن. جهڙي ترتيب سان هو منزل ڪن تهڙي ئي ترتيب سان منزل کڻن. هر ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي پنهنجي نشان وٽ هجي.
18اولهہ طرف افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني افرائيم جو سردار عميهود جو پٽ اليشمع ٿئي. 19انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب چاليهہ هزار پنج سؤ آهي. 20بني افرائيم جي ڀرسان منسي قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار فداهصور جو پٽ جملي‌ايل ٿئي. 21انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٻٽيهہ هزار ٻہ سؤ آهي. 22بني منسي جي ڀرسان بنيامين قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار جِدعوني جو پٽ ابيدان ٿئي. 23انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب پنجٽيهہ هزار چار سؤ آهي. 24سو افرائيم جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک اٺ هزار هڪ سؤ مرد آهن. اهي سڀ افرائيم جي خيمي‌گاهہ جي نشان وارا ٽئين نمبر تي منزل پٽي هلن.
25اترئين پاسي دان جي خيمي‌گاهہ جي نشان وٽ پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب پنهنجن سردارن جي اڳواڻيءَ ۾ هڪٻئي جي ڀرسان جيڪي پنهنجا تنبو کوڙين، سي هن ريت هجن. بني دان جو سردار عميشدي جو پٽ احيعزر ٿئي. 26انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٻاهٺ هزار ست سؤ آهي. 27بني دان جي ڀرسان آشر قبيلي جا ماڻهو پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار عڪران جو پٽ فجعي‌ايل ٿئي. 28انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ايڪيتاليهہ هزار پنج سؤ آهي. 29بني آشر جي ڀرسان نفتالي قبيلي وارا پنهنجا تنبو کوڙين ۽ سندن سردار عينان جو پٽ احيرع ٿئي. 30انهيءَ جي لشڪر جو تعداد شمار موجب ٽيونجاهہ هزار چار سؤ آهي. 31سو دان جي منزلگاهہ مان انهن ٽن قبيلن جي لشڪرن جي شمار موجب هڪ لک ستونجاهہ هزار ڇهہ سؤ مرد آهن. اهي سڀ دان جي خيمي‌گاهہ وارا پنهنجي پنهنجي نشان هيٺ آخر ۾ منزل پٽي هلن.“
32اهي آهن بني اسرائيل، جن جو سندن ڪٽنبن موجب شمار ڪيو ويو. سمورا لشڪر جيڪي خيمي‌گاهن ۾ هئا تن جو تعداد سندن دستن موجب ڇهہ لک، ٽي هزار پنج سو پنجاهہ مرد هو. 33پر لاوي بني اسرائيل جي ٻين ماڻهن سان شمار نہ ڪيا ويا، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
34سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو. انهن مان هر ڪنهن پنهنجي نشان وٽ پنهنجو تنبو کوڙيو ۽ اهڙيءَ طرح انهن مان هر ڪو پنهنجي نسل ۽ ڪٽنب موجب منزل پٽي هليو.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 2: SB

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in

Video for ڳاڻاٽو 2