YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو 34

34
ڪنعان ملڪ جون سرحدون
1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 2”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون. 3اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو. 4پوءِ اها عقرابيم جي چاڙهيءَ جي ڏکڻ طرف کان ڦرندي صين منجھان ٿيندي اڃا بہ قادش‌برنيع جي ڏکڻ کان ٿيندي حصرادار ڏانهن ڦرندي ۽ عصمون تائين ويندي. 5پوءِ اها ئي سرحد اتان ڦري، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.
6سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي. 7اوهان اتر واري سرحد سمنڊ کان وٺي هور جبل تائين 8۽ اتان کان حمات لڪ تائين رکجو. اها اتان نڪري صداد 9۽ زفرون مان لنگھي حصر‌عينان تي وڃي پوري ٿيندي.
10اوهين اوڀر واري سرحد حصر‌عينان کان وٺي شفام تائين رکجو. 11اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي، 12پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي.
اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“
13 # ڳا 26‏:52‏-56 #يش 14‏:1‏-5 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. 14بني روبن ۽ بني جد جي قبيلن کي سندن نسلن موجب ورثو ملي چڪو آهي ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي بہ ورثو ملي چڪو آهي. 15انهن اڍائي قبيلن کي يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اورينءَ ڀر اوڀر طرف سندن ورثو ملي چڪو آهي.“
ملڪ ورهائي ڏيندڙ اڳواڻ
16 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ 17”جيڪي ماڻهو اوهان کي ملڪ ورثي طور ورهائي ڏيندا سي اليعزر ڪاهن ۽ نون جو پٽ يشوع آهن. 18تون هر هڪ قبيلي مان هڪ هڪ اڳواڻ مقرر ڪر، تہ جيئن اهي ملڪ ورهائي ڏيڻ ۾ انهن جي مدد ڪن.“ 19انهن اڳواڻن جا نالا هي آهن: يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ، 20شمعون قبيلي جو اڳواڻ شموايل ولد عميهود، 21بنيامين قبيلي جو اڳواڻ اليداد ولد ڪسلون، 22دان قبيلي جو اڳواڻ بقي ولد يگلي، 23يوسف جي پٽ منسيءَ جي قبيلي جو اڳواڻ حني‌ايل ولد افود، 24يوسف جي پٽ افرائيم جي قبيلي جو اڳواڻ قمو‌ايل ولد سفتان، 25زبولون قبيلي جو اڳواڻ اليصافن ولد فرناڪ، 26اِسڪار قبيلي جو اڳواڻ فلتي‌ايل ولد عزان، 27آشر قبيلي جو اڳواڻ اخيهود ولد شلومي 28۽ نفتالي قبيلي جو اڳواڻ فداهيل ولد عميهود. 29هي آهن اهي اڳواڻ جن کي خداوند مقرر ڪيو تہ ڪنعان جي ملڪ ۾ بني اسرائيل کي ورثو ورهائي ڏين.

Currently Selected:

ڳاڻاٽو 34: SB

Highlight

Copy

Compare

Share

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in