YouVersion Logo
Search Icon

ڳاڻاٽو ‮تعارف‬

تعارف
”ڳاڻاٽو“ نالي هي مقدس ڪتاب بني اسرائيل جي اٽڪل چاليهن سالن جو احوال ڏئي ٿو. اهو عرصو سندن سينا جبل کان رواني ٿيڻ کان وٺي ڪنعان ملڪ جي اوڀر واري سرحد تائين پهچڻ جو وچ وارو عرصو آهي. هن ڪتاب جو نالو ان احوال جي نمايان خصوصيت ڏانهن اشارو ڪري ٿو جنهن ۾ بني اسرائيل جون ٻہ مردم‌شماريون شامل آهن، جيڪي حضرت موسيٰ ڪيون هيون. پهرين مردم‌شماري سينا جبل تي ٿي ۽ ٻي اٽڪل هڪ پيڙهي پوءِ اردن درياءَ جي اوڀر ۾ موآب جي ميدان ۾ ٿي.
پهرين مردم‌شماريءَ کان پوءِ بني اسرائيل سڌو سنئون ڪنعان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ويا. پوءِ اٽڪل چاليهن سالن تائين بيابان واري علائقي ۾ رلندو رهڻ کان پوءِ هو اردن درياءَ جي اوڀر واري علائقي ۾ ڪنعان جي ڀرسان اچي پهتا. تڏهن قوم جي هڪ حصي اتي ئي رهائش اختيار ڪئي، جڏهن تہ باقي قوم اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان ۾ داخل ٿيڻ جي تياري ڪئي. مسافريءَ دوران هيءَ قوم سختين جي مقابلي ڪرڻ کان اڪثر ڊنل ۽ بي‌همت رهي. جيتوڻيڪ خدا حضرت موسيٰ کي سندن رهنمائيءَ لاءِ مقرر ڪيو هو، تہ بہ هنن سندس خلاف بغاوت ڪئي، بلڪ خدا سان بہ بغاوت ڪيائون. تنهن هوندي بہ خدا بني اسرائيل کي سنڀالڻ ۾ ثابت قدم رهيو، توڙي جو بني اسرائيل نافرمان ۽ ايمان ۾ ڪمزور هئا. جيتوڻيڪ حضرت موسيٰ ڪنهن ڪنهن وقت بي‌صبر بہ ٿي ويو ٿي، تہ بہ هو خدا سان ۽ پنهنجي امت سان پنهنجي جان نثاريءَ ۾ ثابت قدم رهيو.
سِٽاءُ
بني اسرائيل جي سينا جبل کان روانگيءَ جي تياري 1‏:1‏–9‏:23
1. پهرين مردم‌شماري 1‏:1‏–4‏:49
2. طرح طرح جا قانون ۽ قاعدا 5‏:1‏–8‏:26
3. ٻي عيد فصح 9‏:1‏-23
سينا جبل کان موآب تائين سفر 10‏:1‏–21‏:35
موآب ۾ ڪي واقعا پيش اچڻ 22‏:1‏–32‏:42
مصر کان موآب تائين سفر جو خلاصو 33‏:1‏-49
اردن درياءُ پار ڪرڻ کان اڳ هدايتون 33‏:50‏–36‏:13

Highlight

Share

Compare

Copy

None

Want to have your highlights saved across all your devices? Sign up or sign in