يوحنا 2
2
1پوءِ ٽئين ڏينهن گليل جي قانا شهر ۾ ڪا شادي هئي، ۽ يسوع جي ماءُ اُتي هئي: 2۽ يسوع کي بہ سندس شاگردن سميت انهي شاديءَ تي دعوت ملي. 3۽ جڏهن انگوري رس کُٽي پيئي، تڏهن يسوع جي ماءُ کيس چيو، تہ هنن وٽ تہ مئي آهي ئي ڪانہ. 4يسوع هن کي چيو تہ مائي، منهنجو توسان ڪهڙو واسطو؟ منهنجي گهڙي اڃا ڪانہ آئي آهي. 5هن جي ماءُ نوڪرن کي چيو، تہ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو. 6اتي يهودين جي طهارت جي رسم موجب پٿر جا ڇهہ مَٽ، (هرهڪ اٽڪل ٻہ يا ٽي مڻو) رکيل هئا. 7يسوع هنن کي چيو تہ هي مَٽ پاڻيءَ سان ڀريو، ۽ هنن اهي ڀري ٽمٽار ڪيا. 8پوءِ کين چيائين تہ هاڻي ڪڍي مير مجلس وٽ کڻي وڃو، ۽ هو کڻي ويا. 9۽ اُهو پاڻي جو هاڻي مئي ٿي پيو هو، سو جڏهن مير مجلس چکيو، ۽ خبر ڪانہ هيس تہ ڪٿان آيو آهي، (پر نوڪرن جن پاڻي ڪڍيو هو، تن کي خبر هئي) تڏهن هن گهوٽ کي سڏي چيو تہ 10سڀڪو ماڻهو پهريائين اُچي مئي ڪڍندو آهي، ۽ جڏهن ماڻهو خوب پي رهندا آهن، تڏهن سادي ڪڍندو آهي: پر تو اُچي مئي هيستائين رکي ڇڏي هئي. 11هيءَ سندس معجزن جي شروعات هئي، جا يسوع گليل جي قانا شهر ۾ ڪري، پنهنجو جلال ظاهر ڪيو، ۽ هن جي شاگردن مٿس ايمان آندو.
12تنهن کانپوءِ هو ڪفرناحوم ۾ ويو، پاڻ ۽ سندس ماءُ، ۽ ڀائر، ۽ سندس شاگرد: ۽ هو اُتي گهڻا ڏهاڙا نہ رهيا.
13پوءِ يهودين جي عيد فسح ويجهي هئي، ۽ يسوع يروشلم ڏانهن ويو. 14۽ هن هيڪل ۾ ڍڳن ۽ رڍن ۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن ۽ صرافن کي ويٺل ڏٺو: 15تنهن تي هن نوڙين جو چهبڪ ٺاهي، رڍن توڙي ڍڳن، مڙني کي هيڪل مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ صرافن جا پيسا اُڇلائي سندن صندليون اونڌيون ڪري ڇڏيائين؛ 16۽ ڪبوترن وڪڻڻ وارن کي چيائين تہ اهي هتان کڻي وڃو؛ منهنجي پيءُ جي گهر کي بازار نہ بنايو. 17اتي سندس شاگردن کي ياد آيو، تہ لکيل آهي تہ تنهنجي گهر جي غيرت مون کي کائي ويندي. 18تڏهن يهودين جواب ڏيئي چيس، تہ تون جو هي ڪم ٿو ڪرين، تنهن لاءِ اسان کي ڪهڙي نشاني ٿو ڏيکارين؟ 19يسوع جواب ڏيئي چين تہ هن هيڪل کي ڊاهيو، تہ آئون ٽن ڏينهن ۾ اُهو کڙو ڪري بيهاريندس. 20تڏهن يهودين چيو تہ هن هيڪل کي ٺهڻ ۾ ڇائيتاليهہ ورهيہ لڳا آهن، ۽ تون اُهو ٽن ڏينهن ۾ کڙو ڪري بيهاريندين ڇا؟ 21پر هن تہ پنهنجي بدن جي هيڪل بابت ڳالهہ ٿي ڪئي. 22پوءِ جڏهن هو مُئلن مان جي اُٿيو، تڏهن سندس شاگردن کي ياد آيو تہ هن اها ڳالهہ ڪئي هئي: ۽ هنن کي پاڪ لکيت، ۽ يسوع جي ڪلام تي ايمان آيو.
23هاڻي جڏهن هو عيد فسح جي وقت يروشلم ۾ هو، تڏهن معجزا جي ڏيکاريائين پئي، سي ڏسي گهڻن سندس نالي تي ايمان آندو. 24پر يسوع پنهنجي نسبت هنن تي اعتبار نہ ڪيو، ڇالاءِ تہ هن سڀني کي سُڃاتو ٿي، 25۽ هن کي ضرورت ڪانہ هئي تہ انسان بابت ڪوبہ شاهدي ڀري؛ ڪيئن جو هن ڄاتو ٿي تہ انسان ۾ ڇا ڇا آهي.
Επιλέχθηκαν προς το παρόν:
يوحنا 2: SB62
Επισημάνσεις
Κοινοποίηση
Αντιγραφή
Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε
Sindhi Bible © Pakistan Bible Society, 1954,1962.