Λογότυπο YouVersion
Εικονίδιο αναζήτησης

سنتن جا ڪم ‮تعارف‬

تعارف
”سنتن جا ڪم“ نالي هي پوِتر شاستر لوقا حڪيم، جيڪو پرڀو يسوع مسيح جي پوئلڳن مان هڪ هو، تنهن جي معرفت مليل خوشخبريءَ جو وڌيڪ سلسليوار حصو آهي. انهيءَ جو مکيہ مقصد هي ٻڌائڻ آهي تہ جن پرڀو يسوع مسيح تي پهريائين وشواس آندو، تن پوِتر آتما جي رهنمائيءَ هيٺ سندس بابت خوشخبريءَ کي يروشلم شهر ۾، سڄي يهوديہ ۽ سامريہ جي علائقي ۾ بلڪ سڄي سنسار ۾ ڪيئن پهچايو (1‏:8). هن ۾ اهو بہ لکيل آهي تہ ماڻهن ڪيئن پرڀو يسوع مسيح تي وشواس آندو، جيئن تہ شروعات يهودي قوم کان ٿي ۽ آخرڪار سنسار جي ٻين قومن جا ماڻهو بہ مسيح جي پوئلڳن ۾ شامل ٿي ويا. هن پوِتر شاستر ۾ پڙهندڙن کي تسلي ڏياريندي اهو يقين ڏياريو ويو آهي تہ پرڀو يسوع مسيح جا پوئلڳ رومي حڪومت لاءِ تخريبي سياسي انديشو نہ هئا ۽ اها بہ تہ يسوع کي مسيح طور قبول ڪري مٿس وشواس آڻڻ ئي يهودي ڌرم جو پورائو هو. يسوع مسيح تي وشواس رکندڙن لاءِ هن پوِتر شاستر ۾ ”وشواسي“ لفظ استعمال ڪيو ويو آهي.
”سنتن جا ڪم“ نالي پوِتر شاستر کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگھجي ٿو، جيڪي هميشہ وڌندو رهندڙ انهيءَ علائقي جو عڪس پيش ٿا ڪن، جنهن ۾ پرڀو يسوع مسيح بابت خوشخبريءَ جو اعلان ڪيو ويو هو ۽ منڊلي قائم ڪئي ويئي هئي.
1. يروشلم شهر ۾ وشواسي منڊليءَ جي شروعات، جيڪا پرڀو يسوع مسيح جي مٿي کڄي وڃڻ کان پوءِ ٿي.
2. يهوديہ ۽ سامريہ علائقن ۾ ڦهلاءُ.
3. ڀونوچ سمنڊ واري علائقي ۾ روم تائين ڦهلاءُ.
”سنتن جا ڪم“ نالي پوِتر شاستر جي هڪ اهم خاصيت پوِتر آتما جي سرگرمي پڻ آهي. اها پوِتر آتما يروشلم ۾ پنتيڪُست جي تهوار واري ڏينهن وشواسين تي زور سان پرگھٽ ٿئي ٿي ۽ اهي سندس شڪتي سان ڀرپور ٿين ٿا. ان کان علاوہ انهن واقعن ۾ جيڪي هن پوِتر شاستر ۾ ڄاڻايل آهن، پوِتر آتما وشواسي منڊليءَ ۽ انهيءَ جي اڳواڻن جي رهنمائي ڪرڻ ۽ کين سگھارو ڪرڻ کي پڻ جاري رکي ٿي. ”سنتن جا ڪم“ نالي پوِتر شاستر ۾ مسيح بابت شروعاتي سنديش جو خلاصو ڪيترن ئي اُپديشن ۾ آيل آهي ۽ جيڪي واقعا لکيل آهن سي وشواسين جي جيون ۾ ۽ منڊليءَ جي سنگت ۾ انهيءَ سنديش جي شڪتي ڏيکارين ٿا.
سِٽاءُ
خوشخبري ڦهلائڻ لاءِ تياري 1‏:1‏-26
1. پرڀو يسوع مسيح جو آخري حڪم ۽ وچن 1‏:1‏-11
2. يهوداہ اسڪريوتي چيلي جو جاءِنشين چونڊڻ 1‏:12‏-26
يروشلم ۾ خوشخبري ڦهلائڻ 2‏:1‏–8‏:3
يهوديہ ۽ سامريہ علائقن ۾ خوشخبري ڦهلائڻ 8‏:4‏–12‏:25
پولس سنت جو پرچار ڪرڻ 13‏:1‏–28‏:31
1. پهريون پرچاري سفر 13‏:1‏–14‏:28
2. يروشلم ۾ سنتن ۽ اڳواڻن جي گڏجاڻي 15‏:1‏-35
3. ٻيو پرچاري سفر 15‏:36‏–18‏:22
4. ٽيون پرچاري سفر 18‏:23‏–21‏:16
5. پولس سنت جو يروشلم، قيصريہ ۽ روم ۾ قيد هجڻ 21‏:17‏–28‏:31

Επιλέχθηκαν προς το παρόν:

سنتن جا ڪم ‮تعارف‬: HSB

Επισημάνσεις

Κοινοποίηση

Αντιγραφή

None

Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε