Λογότυπο YouVersion
Εικονίδιο αναζήτησης

يوحنا 10

10
رڍن جو حقيقي ريڍار کي سڃاڻڻ
1 يسوع کين وڌيڪ چيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو ماڻهو رڍن جي واڙي ۾ در کان نہ ٿو گھڙي پر ڪنهن ٻئي پاسي کان ٽپي اچي ٿو، سو چور ۽ ڌاڙيل آهي. 2جيڪو ماڻهو در کان واڙي ۾ گھڙي ٿو سو رڍن جو ريڍار آهي. 3دربان هن لاءِ در کولي ٿو ۽ رڍون هن جو آواز ٻڌن ٿيون. هو نالو وٺي پنهنجي رڍن کي سڏي ٿو ۽ کين ٻاهر آڻي ٿو. 4جڏهن هو انهن سڀني کي ٻاهر ڪڍي اچي ٿو، تڏهن هو سندن اڳيان ٿي هلي ٿو ۽ رڍون هن جي پٺيان هلن ٿيون، ڇاڪاڻ تہ اهي هن جو آواز سڃاڻين ٿيون. 5اهي ڪنهن ڌارئي جي پٺيان نہ هلنديون، بلڪ انهيءَ کان پري ڀڄي وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي ڌارين جو آواز نہ ٿيون سڃاڻين.“
6يسوع انهن کي اهو مثال ٻڌايو، پر انهن نہ سمجھيو تہ هن جي چوڻ جو مقصد ڇا آهي.
يسوع مسيح هڪ چڱو ريڍار
7سو يسوع وري اهو بہ چين تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ رڍن لاءِ اهو در آءٌ آهيان. 8ٻين جن بہ مون کان اڳ ۾ اهڙي قسم جي دعويٰ ڪئي سي چور ۽ ڌاڙيل هئا، جڏهن تہ رڍن انهن جي نہ ٻڌي. 9آءٌ ئي اهو در آهيان. سو جيڪا بہ رڍ مون مان اندر گھڙندي سا بچي ويندي. اها اندر ٻاهر ايندي ويندي رهندي ۽ چراگاهہ ۾ پيئي چرندي. 10چور رڳو انهيءَ مطلب لاءِ اچي ٿو تہ چوري ڪري، ماري ۽ برباد ڪري. پر آءٌ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ کين جيون ملي، بلڪ ڀرپور جيون ملين.
11 آءٌ چڱو ريڍار آهيان ۽ چڱو ريڍار رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏئي ٿو. 12جيڪو مزدور آهي سو نہ ريڍار آهي ۽ نہ وري رڍن جو مالڪ. هو جڏهن بگھڙ کي ايندي ڏسي ٿو تہ رڍن کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ۽ بگھڙ رڍن تي حملو ڪري کين ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏي ٿو. 13مزدور ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ تہ هو رڳو مزدور آهي ۽ کيس رڍن جي ڪا چنتا ڪانہ آهي. 14‏-15#مت 11‏:27، لو 10‏:22 چڱو ريڍار آءٌ آهيان. جهڙيءَ طرح پتا مون کي ڄاڻي ٿو ۽ آءٌ پتا کي ڄاڻان ٿو، تهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو ۽ رڍون مون کي ڄاڻين ٿيون. آءٌ رڍن لاءِ پنهنجي جان بہ ڏيان ٿو. 16منهنجيون ٻيون بہ رڍون آهن جيڪي هن واڙي جون نہ آهن. انهن کي آڻڻ بہ مون لاءِ ضروري آهي. اهي منهنجو آواز ٻڌنديون ۽ پوءِ هڪڙو ئي ڌڻ ۽ هڪڙو ئي ڌنار ٿيندو.
17آءٌ پنهنجي جان ڏيان ٿو تہ جيئن اها وري موٽائي وٺان. انهيءَ عمل جي ڪري پتا مون سان پيار ٿو ڪري. 18منهنجي جان مون کان ڪوبہ نہ ٿو کسي، پر آءٌ اها پنهنجي مرضيءَ سان ٿو ڏيان. مون کي پنهنجي جان ڏيڻ جي اختياري آهي ۽ اها وري موٽائي وٺڻ جي بہ اختياري اٿم. هي حڪم مون کي پنهنجي پتا وٽان مليو آهي.“
19انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ ماڻهن ۾ وري ڏڦيڙ پئجي ويو. 20هنن مان ڪيترائي چوڻ لڳا تہ ”هن ۾ ڀوت آهي، بلڪ هي چريو آهي. اوهين ڇو سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيو ٿا؟“ 21پر ٻين وري چيو تہ ”جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوت هوندو آهي، سو هن جهڙيون ڳالهيون نہ ڪري سگھندو آهي. ڀلا، ڀوت ڪنهن انڌي کي ديد ڏيئي سگھي ٿو ڇا؟“
آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون
22سياري جي موسم هئي ۽ يسوع #10‏:22 تجديد واري تهوار ڏسو ”خاص لفظن جي سمجھاڻي.“تجديد واري تهوار جي موقعي تي يروشلم ۾ هو. 23هو هيڪل جي سليماني ورانڊي ۾ گھمي رهيو هو 24تہ ماڻهو چوڌاري ڦري آيس ۽ چيائونس تہ ”ڪيستائين تون اسان کي شڪ ۾ رکندين؟ جيڪڏهن تون مسيح آهين تہ اسان کي صاف صاف ٻڌاءِ.“ 25يسوع کين وراڻيو تہ ”مون تہ اوهان کي ٻڌايو آهي، پر اوهين يقين نہ ٿا ڪريو. جڏهن تہ جيڪي ڪم آءٌ پنهنجي پتا جي اختياريءَ سان ڪريان ٿو سي بہ منهنجي شاهدي ٿا ڏين. 26پر اوهين انهيءَ ڪري يقين نہ ٿا ڪريو جو اوهين منهنجي رڍن مان نہ آهيو. 27آءٌ پنهنجي رڍن کي ڄاڻان ٿو. اهي منهنجو آواز ٻڌي منهنجي پٺيان هلن ٿيون. 28آءٌ انهن کي امر جيون ڏيان ٿو تنهنڪري اهي ڪڏهن بہ برباد نہ ٿينديون، نڪي ڪو ٻيو اهي مون کان کسي سگھندو. 29منهنجو پتا، جنهن مون کي اهي ڏنيون آهن سو سڀني کان وڏو آهي ۽ ڪوبہ منهنجي پتا کان اهي کسي نہ سگھندو. 30جڏهن تہ آءٌ ۽ پتا هڪ آهيون.“
31 # يو 8‏:59 تنهن تي ماڻهن وري پٿر کنيا تہ جيئن کيس سنگسار ڪن. 32تڏهن يسوع کين چيو تہ ”مون پتا جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“ 33#لاو 24‏:16 تنهن تي ماڻهن وراڻيس تہ ”اسين تو کي ڪنهن چڱي ڪم ڪرڻ جي ڪري نہ، پر ايشور جي نندا ڪرڻ ڪري سنگسار ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ تون انسان ٿي ڪري پاڻ کي ايشور سڏين ٿو.“ 34#زب 82‏:6 يسوع چين تہ ”ڇا اوهان جي پوِتر شاستر ۾ اهو لکيل نہ آهي تہ ’آءٌ ايشور چوان ٿو تہ اوهين منهنجا پٽ آهيو‘؟ 35ڏسو، ايشور انهن کي پنهنجا پٽ سڏيو جن کي سندس وچن مليل هو. هاڻ پوِتر شاستر تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي. 36سو جڏهن پتا پاڻ مون کي مخصوص ڪيو آهي ۽ هن سنسار ۾ موڪليو اٿس، تہ پوءِ اوهين ڪيئن چئو ٿا تہ مون ايشور جي نندا ڪئي آهي جو چيو اٿم تہ ’آءٌ ايشور جو پٽ آهيان‘؟ 37جيڪڏهن آءٌ پنهنجي پتا جا ڪم نہ ڪندو هجان تہ ڀلي اوهين مون تي يقين نہ ڪريو. 38جيتوڻيڪ اوهين مون تي يقين نہ ٿا ڪريو، تڏهن بہ منهنجي انهن ڪمن تي تہ يقين ڪريو جيڪي آءٌ پتا جي طرفان ڪريان ٿو، تہ جيئن اوهين اها حقيقت ڄاڻي وٺو تہ پتا مون ۾ آهي ۽ آءٌ پتا ۾ آهيان.“ 39تنهن تي هنن وري بہ يسوع کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اتان کسڪي هليو ويو.
40 # يو 1‏:28 يسوع موٽي وري اردن درياءَ جي هُن ڀر انهيءَ جاءِ تي ويو، جتي اڳي يوحنا بپتسما ڏيندو هو. هو اتي رهي پيو. 41ڪيترائي ماڻهو وٽس ايندا هئا. هو چوندا هئا تہ ”يوحنا ڪوبہ چمتڪار تہ نہ ڏيکاريو، پر هن ماڻهوءَ بابت جيڪي ڳالهيون هن چيون هيون سي سڀ سچيون نڪتيون.“ 42اتي ڪيترن ئي ماڻهن يسوع تي وشواس آندو.

Επιλέχθηκαν προς το παρόν:

يوحنا 10: HSB

Επισημάνσεις

Κοινοποίηση

Αντιγραφή

None

Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε