Λογότυπο YouVersion
Εικονίδιο αναζήτησης

لوقا 12

12
پاکنڊپائيءَ کان چتاءُ
(متي 10‏:26‏-27)
1 # مت 16‏:6، مر 8‏:15 ايتري ۾ هزارين ماڻهن جو ميڙ يسوع جي چوڌاري اچي گڏ ٿيو. اهي ماڻهو کيس ٻڌڻ لاءِ هڪٻئي تي ڳاهٽ پئي ٿيا. تڏهن يسوع انهن جي اڳيان پنهنجي چيلن کي تاڪيد ڪندي چيو تہ ”پاکنڊپائي فريسين جو خمير آهي، تنهن کان پري رهجو. 2#مر 4‏:22، لو 8‏:17 ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي. 3سو اوهين جيڪي بہ اونداهيءَ ۾ ڳالهايو ٿا سو ڏينهن جي روشنيءَ ۾ ٻڌو ويندو ۽ بند ڪمرن ۾ ماڻهن جي ڪنن ۾ جيڪا بہ سُس پُس ڪريو ٿا، سا وڏي واڪي ڪوٺن تان پڪاري ويندي.“
ڪنهن کان ڊڄڻ گھرجي؟
(متي 10‏:28‏-31)
4”اوهين جيڪي منهنجا دوست آهيو، تن کي آءٌ چوان ٿو تہ جيڪي شرير کي قتل ٿا ڪن، تن کان نہ ڊڄو. هو ان کان وڌيڪ ڪجھہ بہ ڪري نہ ٿا سگھن. 5پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ ايشور کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ نرڳ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.
6ڇا ٻن ننڍڙن سڪن ۾ پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ تنهن هوندي بہ ڪابہ جھرڪي ايشور کان وسريل نہ آهي. 7جڏهن تہ اوهين ڪيترين ئي جھرڪين کان وڌيڪ قيمتي آهيو، ايتري قدر جو اوهان جي مٿي جا تہ وار بہ ڳڻيل آهن. تنهنڪري اوهين ايشور کان سواءِ ڪنهن کان نہ ڊڄو.“
يسوع مسيح کي کُليو کُلايو قبول ڪرڻ
(متي 10‏:19‏-20، 10‏:32‏-33، 12‏:32)
8”آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪو مون کي ماڻهن جي اڳيان کُليو کُلايو قبول ڪندو تہ ان کي منش‌پتر بہ ايشور جي دوتن جي اڳيان قبول ڪندو. 9پر جيڪو ماڻهن جي اڳيان مون کي قبول نہ ڪندو، تنهن کي منش‌پتر بہ ايشور جي دوتن جي اڳيان قبول نہ ڪندو.
10 # مت 12‏:32، مر 3‏:29 جيڪو بہ منش‌پتر جي خلاف ڪا ڳالهہ چوندو تہ ان کي معافي ملي سگھي ٿي، پر جيڪو ماڻهو پوِتر آتما جي نندا ڪندو، تہ ان کي اها هرگز نہ بخشي ويندي.
11 # مت 10‏:19‏-20، مر 13‏:11، لو 21‏:14‏-15 جڏهن بہ ماڻهو اوهان کي ڀڳتيءَ وارين جاين ۾ يا حاڪمن ۽ اعليٰ عملدارن جي اڳيان پيش ڪن، تڏهن ڳڻتي نہ ڪجو تہ ’ڪيئن ۽ ڪهڙو جواب ڏيون‘ يا ’ڇا چئون،‘ 12ڇاڪاڻ تہ پوِتر آتما ان ئي گھڙيءَ اوهان کي سيکاريندي تہ اوهان کي ڇا چوڻ کپي.“
مورک زميندار جو مثال
13ميڙ مان هڪڙي ماڻهوءَ يسوع کي چيو تہ ”اي گرو! منهنجي ڀاءُ کي چئو تہ اباڻي ميراث مان منهنجو حصو مون کي ورهائي ڏئي.“ 14پر يسوع کيس چيو تہ ”ميان! مون کي اوهان جي ونڊ ورڇ لاءِ ڪنهن امين مقرر ڪيو آهي؟“ 15پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي جيون کي نہ ٿي سنواري.“
16تڏهن يسوع انهن کي هڪڙو مثال ٻڌائيندي چيو تہ ”ڪنهن زميندار جي ٻنيءَ ۾ سٺو فصل ٿيو. 17سو هو دل ۾ سوچڻ لڳو تہ ’هاڻي ڇا ڪريان؟ مون وٽ تہ اها جاءِ ئي ڪانهي جتي کڻي پنهنجو فصل گڏ ڪري رکان.‘ 18آخر دل ۾ چيائين تہ ’آءٌ هيئن ڪندس جو هي ڀانڊا ڊهرائي وڏا ڪري ٺهرائيندس ۽ انهن ۾ سمورو اناج ۽ ٻيون شيون گڏ ڪري رکندس 19۽ پوءِ پاڻ کي چوندس تہ ٻيلي، مون وٽ ايترو تہ گھڻو مال آهي جو ڪيترائي سال پيو هلندو، سو آرام ڪريان، کاوان پيئان ۽ موجون ماڻيان.‘ 20پر ايشور چيس تہ ’اي مورک! اڄوڪي رات ئي تنهنجي جان ورتي ويندي، پوءِ جيڪي گڏ ڪري رکيو اٿيئي سو ڪنهن جو ٿيندو؟‘“
21يسوع ان مثال جو مطلب ٻڌائيندي چيو تہ ”بلڪل ائين ئي انهيءَ ماڻهوءَ سان ڪيو ويندو، جيڪو پاڻ وٽ ڌن دولت تہ ميڙي گڏ ٿو ڪري، پر ايشور وٽ خزانو گڏ نہ ٿو ڪري.“
ايشور تي ڀروسو رکڻ
(متي 6‏:25‏-34)
22پوءِ يسوع پنهنجي چيلن کي چيو تہ ”تنهنڪري آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجي جان لاءِ ڳڻتي نہ ڪريو تہ ’ڇا کائينداسين‘ ۽ نہ پنهنجي شرير لاءِ تہ ’ڇا پهرينداسين،‘ 23ڇاڪاڻ تہ جان کاڌي کان ۽ شرير ڪپڙن کان وڌيڪ اهم آهي. 24ڪانوَن تي غور ڪريو تہ هو نہ پوکين، نڪي لڻين ۽ نہ وري انهن کي اناج جا ڀانڊا يا گودام آهن، تڏهن بہ ايشور انهن کي کارائي ٿو. پر اوهين تہ انهن کان وڌيڪ درجو ٿا رکو. 25ڇا اوهان مان ڪو ڳڻتين ڪرڻ سان جيون جو هڪڙو منٽ بہ وڌائي سگھندو؟ 26جيڪڏهن اوهان کان اهڙي خسيس ڳالهہ بہ ٿي نہ ٿي سگھي، تہ پوءِ اوهين ٻين شين لاءِ ڇو ٿا ڳڻتي ڪريو؟ 27#1.راج 10‏:4‏-7، 2.توا 9‏:3‏-6 غور ڪريو تہ سوسن گل جا ٻوٽا ڪيئن ٿا وڌن. اهي پاڻ کي سينگارڻ لاءِ ڪا محنت ڪونہ ٿا ڪن. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ سليمان کي باوجود ايڏي شان وَ شوڪت جي، انهن مان ڪنهن هڪ جهڙو بہ ويس پهريل نہ هو. 28ڏسو، جيڪڏهن جھنگلي گاهہ جيڪو اڄ آهي ۽ سڀاڻي بٺيءَ ۾ اڇلايو ويندو، تنهن کي بہ ايشور ائين پهرائي ٿو تہ پوءِ اهو اوهان کي نہ پهرائيندو ڇا؟ اوهان جو وشواس ڪيڏو نہ ڪمزور آهي. 29تنهنڪري اوهين کائڻ پيئڻ جي شين جي پٺيان نہ لڳو ۽ انهن بابت ڪابہ ڳڻتي نہ ڪريو. 30بيشڪ سنسار جون قومون انهن سڀني شين جي ڳولا ۾ هونديون آهن. پر اوهان جو پتا ڄاڻي ٿو تہ اوهان کي ڪهڙين شين جي ضرورت آهي. 31سو اوهين پهريائين ايشور جي راڄ جي ڳولا ۾ رهو تہ اوهان کي اهي سڀ شيون بہ ملي وينديون.“
ايشور وٽ خزانو گڏ ڪرڻ
(متي 6‏:19‏-21)
32يسوع پنهنجي چيلن کي وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا ننڍڙا ڌڻ! متان ڊڄو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي پتا جي مرضي آهي تہ هو اوهان کي پنهنجي راڄ ۾ شامل ڪري. 33سو جيڪي اٿوَ سو وڪڻي غريبن کي دان ۾ ڏيو ۽ پنهنجي لاءِ اهڙيون ڳوٿريون ٺاهيو جيڪي پئي پراڻيون نہ ٿين، يعني ايشور وٽ پنهنجي لاءِ اهڙو خزانو گڏ ڪريو جيڪو کُٽي ئي نہ، جنهن کي نہ چور ويجھو اچي ۽ نہ ڪينئون ٽُڪي خراب ڪريس، 34ڇاڪاڻ تہ جتي اوهان جو خزانو هوندو تہ دل بہ اوهان جي اتي ئي هوندي.“
سجاڳ نوڪر
35 # مت 25‏:1‏-13 ”پنهنجا سندرا ٻڌل ۽ پنهنجا ڏيئا ٻريل رکو. 36#مر 13‏:34‏-36 اوهين پاڻ کي انهن سجاڳ نوڪرن وانگر بڻايو، جيڪي پنهنجي مالڪ لاءِ اکيون در ۾ اٽڪايو ويٺا واٽ نهارين تہ جڏهن سندن مالڪ شاديءَ جي دعوت تان موٽي اچي در کڙڪائي تہ هڪدم هن لاءِ در کولين. 37سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن سيوا ڪندو. 38سو جيتوڻيڪ مالڪ اڌ رات يا پوئين پهر اچي تہ بہ انهن کي سجاڳ ڏسي، تہ اهي نوڪر ڪهڙا نہ سڀاڳا آهن.
39 # مت 24‏:43‏-44 اهو بہ ڄاڻي ڇڏيو تہ جيڪڏهن ڪنهن گھر جي مالڪ کي سڌ هجي ها تہ چور ڪهڙيءَ مهل ايندو، تہ هو جيڪر پنهنجي گھر کي کاٽ لڳڻ نہ ڏئي ها. 40تنهنڪري اوهين بہ تيار رهو، ڇو تہ اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اها گھڙي الائجي ڪهڙي هوندي جڏهن منش‌پتر اچي پهچندو.“
وفادار ۽ بي‌وفا نوڪر
(متي 24‏:45‏-51)
41تڏهن پطرس يسوع کان پڇيو تہ ”اي پرڀو! هي مثال اوهين رڳو اسان لاءِ ٿا ڏيو يا سڀني لاءِ؟“ 42پرڀوءَ جواب ۾ چيو تہ ”اهو وفادار ۽ سياڻو نوڪر ڪير آهي، جنهن کي سندس مالڪ پنهنجي نوڪرن چاڪرن مٿان مقرر ڪري ويو هجي تہ انهن کي وقت تي کاڌو پاڻي پهچائي؟ 43سڀاڳو آهي اهو نوڪر، جنهن کي سندس مالڪ اچڻ مهل ائين ڪندو ڏسي. 44آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ هو کيس سڄيءَ ملڪيت جو مختيار ڪندو. 45پر جيڪڏهن اهو نوڪر دل ۾ خيال ڪري تہ ’منهنجي مالڪ جي اچڻ ۾ دير آهي،‘ سو اچي نوڪرن ۽ نوڪرياڻين کي مارڻ لڳي ۽ کائڻ پيئڻ ۽ نشي ۾ مست ٿيڻ لڳي، 46تہ انهيءَ نوڪر جو مالڪ بہ انهيءَ ئي ڏينهن اچي پهچندو جنهن جو هن کي خواب خيال بہ نہ هوندو ۽ اهڙي وقت ايندو جنهن جي هن کي سڌ ئي نہ هوندي. پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ بي‌وفائن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس.
47اهو نوڪر جنهن پنهنجي مالڪ جا اصول ڄاڻيندي بہ تياري نہ ڪئي، نڪي سندس حڪمن موجب هليو، تنهن کي ڏاڍي مار ملندي. 48پر اهو جنهن کي مالڪ جي اصولن جي سڌ ڪانہ هئي ۽ سزا جوڳو ڪم ڪيائين تہ ان کي ٿوري مار ملندي. سو جنهن کي گھڻو ڏنو ويو آهي تہ ان کان حساب بہ گھڻو ورتو ويندو. هائو، جنهن کي گھڻو سونپيو ويو آهي تہ ان کان گھر بہ گھڻي ٿيندي.“
يسوع مسيح، رشتن ۾ جدائيءَ جو سبب
(متي 10‏:34‏-36)
49”آءٌ ڌرتيءَ تي باهہ لڳائڻ لاءِ آيو آهيان. ڪهڙو نہ چڱو ٿئي ها جو اها اڳ ۾ ئي لڳل هجي ها. 50#مر 10‏:38 پر مون کي هڪڙي بپتسما وٺڻي آهي ۽ جيستائين اها پوري ٿئي تيستائين آءٌ ڪيترو نہ پريشان آهيان. 51ڇا اوهين ائين سمجھو ٿا تہ آءٌ ڌرتيءَ تي صلح ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان؟ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ صلح نہ پر جدائي ڪرائڻ لاءِ آيو آهيان. 52اڄ کان وٺي جيڪڏهن ڪنهن گھر ۾ پنج ڀاتي هوندا تہ انهن مان ٽي هڪڙي طرف ٿيندا تہ ٻہ ٻئي طرف. 53#ميڪ 7‏:6 پتا پٽ جي خلاف ٿيندو ۽ پٽ پتا جي، ماتا ڌيءَ جي خلاف ٿيندي ۽ ڌيءَ ماتا جي، سس نُنهن جي خلاف ٿيندي ۽ نُنهن سس جي.“
وقت کي سڃاڻڻ
(متي 16‏:2‏-3، 5‏:25‏-26)
54يسوع ميڙ کي چيو تہ ”جڏهن اولهہ ۾ ڪڪر ڏسو ٿا تہ هڪدم چئو ٿا تہ ’مينهن ايندو‘ ۽ ٿئي بہ ائين ٿو. 55جڏهن ڏکڻ گھُلي ٿو تہ چئو ٿا تہ ’اونهارو اچڻ وارو آهي‘ ۽ واقعي ٿئي بہ ائين ٿو. 56اي پاکنڊيؤ! اوهين ڌرتيءَ ۽ آڪاش جا رخ تہ سڃاڻي ٿا وٺو، پوءِ هن وقت جيڪي ڪجھہ اوهان منجھہ ڪيو وڃي ٿو تنهن کي ڇو نہ ٿا سڃاڻو؟ 57جيڪو حق آهي تنهن جو پاڻ ئي فيصلو ڇو نہ ٿا ڪريو؟
58 # مت 5‏:25‏-26 جيڪڏهن ڪو فريادي اوهان مان ڪنهن تي ڪيس ڪري ۽ هن کي ڪورٽ ڏانهن وٺي وڃي تہ واٽ تي ئي هو ڪوشش ڪري ساڻس ٺاهہ ڪري، متان اهو هن کي جج وٽ وٺي وڃي ۽ جج هن کي سپاهيءَ جي حوالي ڪري جيڪو کيس جيل ۾ وجھي. 59آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيستائين اهو ماڻهو ڏنڊ جي پائي پائي ادا نہ ڪندو تيستائين جند نہ ڇٽندس.“

Επιλέχθηκαν προς το παρόν:

لوقا 12: HSB

Επισημάνσεις

Κοινοποίηση

Αντιγραφή

None

Θέλετε να αποθηκεύονται οι επισημάνσεις σας σε όλες τις συσκευές σας; Εγγραφείτε ή συνδεθείτε