1
رسولن جا ڪم 19:3
Sindhi Bible FB
SB
تنهنڪري توبهہ ڪريو ۽ خدا ڏانهن اچو تہ اوهان جا گناهہ ميٽجي وڃن،
مقایسه
رسولن جا ڪم 3:19 را جستجو کنید
2
رسولن جا ڪم 6:3
تڏهن پطرس هن کي چيو تہ ”مون وٽ پئسا تہ ڪونہ آهن، پر آءٌ تو کي اهو ڪجھہ ڏيندس جيڪو مون وٽ آهي. عيسيٰ مسيح ناصريءَ جي نالي سان اُٿ ۽ گھم ڦر.“
رسولن جا ڪم 3:6 را جستجو کنید
3
رسولن جا ڪم 7:3-8
پوءِ هن کيس ساڄي هٿ کان وٺي اٿاريو تہ انهيءَ دم ان ماڻهوءَ جا پير ۽ مُرا مضبوط ٿي ويا. هو ٽپ ڏيئي اُٿي بيٺو ۽ گھمڻ ڦرڻ لڳو. پوءِ هو گھمندو، ٽپا ڏيندو ۽ خدا جي واکاڻ ڪندو انهن سان گڏ هيڪل ۾ ويو.
رسولن جا ڪم 3:7-8 را جستجو کنید
4
رسولن جا ڪم 16:3
اها عيسيٰ تي ايمان آڻڻ جي ڪري سندس نالي جي قدرت ئي آهي جنهن هن معذور ماڻهوءَ کي گھمڻ ڦرڻ جي طاقت ڏني، جنهن کي اوهين ڏسو ۽ سڃاڻو ٿا. هائو، عيسيٰ جي نالي تي ايمان آڻڻ ڪري ئي هي ماڻهو پوريءَ طرح چڱو ڀلو ٿيو ۽ اوهين پاڻ هن کي ڏسي سگھو ٿا.
رسولن جا ڪم 3:16 را جستجو کنید